• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نفرت جي دز کي صفا تون ڪري وئين

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل
نفرت جي دز کي صفا تون ڪري وئين
مونکــــي پيــــــــار پنهنجو عطا تون ڪري وئين

ڪنديءِڪياس مون تي نـ سوچو هيم
بيوفـــا ســــان بـ ايڏي وفـــــا تــــون ڪري وئين

ڪري پيار ايڏو تون مون سان پرين
ڏک ســـور مونکــــان جـــــدا تون ڪري وئين

ناهيان خاص ايڏو پوءِ ڇا لاءِ پرين
مون تي جان پنهنجي فدا تون ڪري وئين

ڏئي وقت ٿورو زمـــانو اســــان کي
ڪيڏي معصوم دل تي دعا تون ڪري وئين

مڃيو آهي زماني "مـزمل " کـي هاڻي
ڇـــو تـ پيــار هـــن جــــــو ادا تون ڪـري وئين

شاعر؛مزمل چانڊيو
[/size]​
 
جواب: نفرت جي دز کي صفا تون ڪري وئين

سائين هن جي ايڏي عطا محبت پوءِ به اهو سوال ڇو ڪري وئين سمجھ کان ٻاهر آهي ۔ ايتري ننڊ سُٺي ناهي واقعي اسان انسانن تي ايڏا ڪريم جا ڪرم آهن ليڪن پوءِ به سُتا پيا آهيون ۔ مهرباني ۔وسلام
 
جواب: نفرت جي دز کي صفا تون ڪري وئين

هن نظم جا ٻه پهلو آهن بلڪ شاعرن جي شاعريءَ ۾ جڏهن محبوب واضح ناهي هوندو ته ان نظم کي هر ڪو پاڻ ڏي ڇڪيندو آهي ۔۔۔

مثال؛ عشق حقيقي وارو هن نظم کي جاچيندو ته ڏاڏل جيئان کيس مالڪ جا ڪرم نظر ايندا، ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته جڏهن انسان پاڻکي بي وس، گنهگار ۽ بي وفا سمجهي ۽ اوچتو مالڪ جي مهر ٿي وڃي ۽ ماڻهونءَ جون من مرادون پوريون ٿي وڃن ته اهو انسان ان مالڪ جي در سر بسجود ٿي چئي ڏي ٿو ته؛

ڪندي ڪياس مون تي، نـ سوچو هيم
بيوفـــا ســــان بـ ايڏي وفـــــا تــــون ڪري وئين

صرف هڪ لفظ جي ڦيري ۔۔۔ ”ڪندي“ کي صرف الف ياڪوندڙو مد سان هڻجي ته عشق مزاج جو مطلب نڪرندو ” ڪنديءَ“

ڪنديءَ ڪياس مون تي، نـ سوچو هيم
بيوفـــا ســــان بـ ايڏي وفـــــا تــــون ڪري وئين

مٿئين بيت ۾ مزمل پنهنجي محبوبه جي رحمدليءَ تي حيران آهي ۽ پنهنجا حال بي وفائيءَ وارا پوءِ به هوءَ مهربان ٿئي ٿي ۔۔۔

مطلب ته شاعريءَ جا رنگ هزار ۔۔۔ سهڻا مزمل اوهانجا سڀ ونڊ سهڻا ۽ جذبن سان ڀريل آهن ۔۔۔ لک ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top