سڄي دنيا ۾ سنڌي کاڌن جو سواد ۽ خوشبو پکيڙيندڙ شريمتي الڪا ڪيسوا ڻي

'رڌ پچاء' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    سڄي دنيا ۾ سنڌي کاڌن جو سواد ۽ خوشبو پکيڙيندڙ
    شريمتي الڪا ڪيسوا ڻي
    شوڀارام لعلچنداڻي​

    چوندا آهن ته جيڪو به هنر جنهن ۾ به هٿ ۾ آهي، اُهو اجايو نه ويندو آهي پر ان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ همٿ کپي. حوصلو کپي. جڏهن ڪنهن عورت ۾ ڪو هنر آهي ته هوءَ همٿ ڪري يا ڪنهن جي ساٿ سان اُهو ڪري ڏيکاري. پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ته مان به آهيان، منهنجو ڪو وجود آهي. انهن جي اندر ۾ ڪجهه لڪل آهي ته جڏهن هو گهر مان نڪرنديون تڏهن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻنديون. اهڙي نموني هر ڪا عورت من ۾ اهو سوچي ته مان آهيان هوءَ اُٿي گهر کان ٻاهر نڪري، ڪجهه ڪري، تڏهن ته خبر پوندس ته ان ۾ ڪيتري لياقت آهي. اڄ مان اهڙي ئي هڪ عورت جي لاءِ لکان ٿي. اها آهي الڪا ڪيسواڻي. جنهن کي پنهنجي سنڌي ٻولي، سنڌيت ۽ سنڌي کاڌن ٺاهڻ جو شونق آهي ۽ هيءَ چاهي ٿي ته سڄي دنيا کي پنهنجي سنڌي کاڌن بابت ٻڌائي.
    اَلڪا ڪيسواڻي جو سنڌي Cuisine نالي هڪ بلاگه، جنهن کي sindhirasoi.com سان سڏيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ ئي مشهور آهي. گذريل ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي هن بلاگه تي سنڌي رسوئيءَ ۾ طعامن بابت ڄاڻ ڏيندي اَلڪا ڪافي مشهوري حاصل ڪئي آهي. هينئر ديس پرديس ۾ اِها ويب سائيٽ خاص طور سان سنڌي طعام سکڻ ۽ بڻائڻ لاءِ ڪافي هِٽ ثابت ٿي آهي.
    اَلڪا جو خانداني پس منظر، ورهاڱي بعد ٻئي ڪنهن به سنڌي خاندان جيان ئي هو. اَلڪا مطابق سندن پيڙهي شايد ڪافي قسمت واري هئي، جيڪا ورهاڱي جي تڪليفن ڏسڻ کان بچي ويئي، پر سندن وڏن جهڙيون تڪليفون ڏٺيون سندن آزمودا سدائين اسان جي دلين تي دستڪ ڏيندا رهندا. ڀارت ڀل ئي 15 آگسٽ 1947ع تي آزاد ٿي ويو، پر ڪيترن ئي سنڌي خاندان لاءِ اهو هڪ وڏو ڌڌڪو هو، ڇو ته هِنن کي پنهنجون سموريون زمينون، جائيدادون، ڌنڌا، گهر، چوراها، پنهنجون جڙون، ڪلچر، دوست يار سڀ ڇڏي ڀارت خالي هٿين اچڻو پيو هو. ٻين هِندو سنڌين جيان پڻ سندس خاندان وارن لڏ پلاڻ ڪندي اچي اُلهاس نگر جي ملٽري بئرڪن ۾ ٺڪاڻو بڻايو.
    سندس پيءُ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪافي تڪليفن جو مقابلو ڪرڻو پيو. پڙهائيءَ سان گڏ گهرجي ذميواري سنڀالڻي پيئي. تڏهن به هِن ڪڏهن پنهنجي خاندان جو حوصلو وڃائڻ نه ڏنو. سدائين کين همٿ ڏياريندا رهيا. شايد اِنهيءَ ڪري ئي اَلڪا زندگيءَ ۾ پاڻ پنهنجي ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ جي هِمٿ ڪري سگهي. سندس چواڻي ”اِسڪول ۽ ڪاليج جا ڏينهن آسان راءِ بي فڪريءَ جا هئا، جي سدائين ياد رهندا.“ ڪاليج ۾ اَلڪا پنهنجي وڏي ڀيڻ جي نقش قدمن تي هلندي، مائڪرو بائلاجي ڪئي، حالانڪ سندس ننڍي ڀيڻ، آرڪينڪ ڪيمسٽري ۾ پڙهائي ڪئي.
    الڪا جي ماءُ هڪ گهرو عورت ۽ بيحد شرميلي سڀاوَ جي آهي. جيڪا جلد ماڻهن سان مِڪس ڪونه ٿي سگهندي آهي. اَلڪا کي رسوئيءَ ۾ پنهنجي شروعاتي ٽريننگ سندس ماءُ وٽان ئي ملي. هن جي نظر ۾ سندس ماءُ ئي دنيا جي سڀ کان بهترين ڪُڪ آهي.
    شاديءَ بعد اَلڪا جي جيون ۾ رسوئيءَ جو ڄڻ ٻيون اڌياءُ هو. ٻن خاندانن جي جدا جدا پسندي سمجهڻ ۾ کيس گهڻو وقت لڳو هو. شروعاتي دؤر ۾ هِن ڪافي غلطيون ڪيون. کيس اڃان تائين شاديءَ بعد پهريون دفعو ٺاهيل ”پوها“ ياد آهن، جيڪي ڪجهه حد تائين سڙي ويا هئا. کيس اُهي بڻايل ”پوها“ زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه وسرندا. پر زندگي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ هر ڏينهن هر پل کيس ڪجهه نئون سيکاريندي رهي.
    سندس وَرُ، ديپڪ، جيڪو هڪ ٽيڪنيڪل آرڪيٽيڪٽ آهي، تنهن کي سنڌي سماج جي بهبوديءَ جي گهڻي چنتا آهي. هِنن مطابق سنڌين کي پنهنجي جڙن سان جوڙيندڙ ڪابه چيز ڪونه بچي آهي، تنهن ڪري هوُ اِنٽرنيٽ کي هِن ڏس ۾ وڌ ۾ وڌ استعمال ۾ آڻڻ چاهين ٿا. جتي پوري دنيا جا سنڌي هڪ ٻئي سان مِلي.هڪٻئي کي ڄاڻي سڃاڻي ڪجهه سکي سگهون سکڻ پوءِ چاهي اُها ٻولي هجي، ڪلچر، اِتهاس، سنگيت يا سنڌي کاڌو ڇو نه هجي. جيئن ته اِنٽرنيٽ تي سنڌي کاڌن بابت مُشڪل سان ڪا ڄاڻ موجود آهي، تنهن ڪري هِن اَلڪا کي همٿايو ته هوءَ هر روز سنڌين کي اڄوڪن سنڌي طعامن جي ڄاڻ ڏئي. اهڙيءَ طرح sindhirasoi.com جي شروعات ٿي.
    حالات بدليا، ماءُ بڻجڻ سان ئي اَلڪا پنهنجي ٻار جي پرورش ۾ ڪافي مشغول ٿي ويئي. گهٽ ۾ گهٽ جيستائين سندس پٽ اِسڪول وڃڻ لائق ٿئي. تڏهن اِنٽرنيٽ بلاگنگ ذريعي کيس هڪ سونهري پليٽفارم مليو، جنهن سان هوءَ پنهنجو کاڌو تصوير سميت ماڻهن سان ونڍي ٿي سگهي.
    [​IMG]

    ديپڪ سندس لاءِ sindhirasoi.com جي شروعات ڪئي، پر شروعاتي دؤر ۾ اِهو ڪافي ڏکيو ڪم هو ڇاڪاڻ ته:
    1. هوءَ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ استعمال ۾ وڌيڪ ماهر ڪونه هئي.
    2. سنڌي کاڌن جون سٺيون تصويرون ڪڍڻ ڪافي ڏکيو ڪم هو. ڪابه چيز جنهن جي چئن فوٽن کان ويجهو تصوير ڪڍجي، تنهن لاءِ خاص ڪلا هئڻ ضروري آهي، جيئن اُنهي کاڌي جي بهترين رنگن ۽ خاصيت کي قيد ڪري سگهجي.
    3. ريسيپي لکڻ يعني تُز نموني سان نوٽ ڪرڻ، برابر اَنداز جي ڄاڻ، برابر طريقو سمجهائڻ، جيڪو شروعات ۾ ڪافي ڏکيو ٿي لڳو.
    4. صويرن ۾ ايڊيٽنگ ڪرڻ، ويب سائيت تي پوسٽ ڪرڻ، شروعات ۾ ڪافي ڪٺن ڪم نظر پئي آيو. پر ڪجهه ئي وقت ۾ اَلڪا ويب سائيٽ پاڻ هلائڻ سکي ورتي. اِهو ڪرڻ لاءِ اَلڪا ڪيترن ئي ڪتابن، انٽرنيٽ تي آرٽيڪلس ۽ پروفيشنل ڪُڪس ۽ سندن ريسيپيز تي اَڀياس ڪيو. اِهو سفر 29 جنوري 2008ع کان شروع ٿيو ۽ هِن وقت تائين بيحد ڪاميابيءَ سان هلي رهيو آهي.
    گذريل ٽن سالن ۾ sindhirasoi.com ۾ اَٽڪل 175 سنڌي ريسيپيز شايع ٿي چڪيون آهن. ڏسندڙن جا اي- ميل، شڪر گذاريون ۽ ٿئنڪ يو نوٽس اَلڪا کي ڪافي خوشي ڏين ٿا. سنڌي رسوئي هيٺين لاءِ ڪافي فائدي واري آهي:
    1. نوجوان غير سنڌي ڇوڪريون، جن سنڌي ڇوڪرن سان شادي ڪئي آهي ۽ پنهنجي مڙسن لاءِ سنڌي کاڌي جي ڊنر سرپرائيز ڏيڻ چاهين ٿيون.
    2. غير رهاڪوُ سنڌي، جي گهر ۾ سنڌي کاڌو کائڻ چاهين ٿا.
    3. نيون شادي شده سنڌي ڇوڪريون، جيڪي پنهنجي ساهرن کي پنهنجي کاڌي سان متاثر ڪرڻ چاهين ٿيون.
    4. غير سنڌي ماڻهو، جيڪي سنڌي کاڌو سکڻ چاهين ٿا. سي پڻ هِن ويب سائيٽ جو فائدو وٺي سگهن ٿا.
    5. دنيا ڀر جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ وسيل سنڌين تائين پهچڻ ۽ کين سنڌي کاڌو سيکارڻ جو هيءُ هڪ سونهر طريقو آهي، پنهنجي ڪلچر کي ڦهلائڻ جو.
    6. سنڌي ريسيپي ۾ دال پڪوان ۽ سائي ڀاڄي کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ناياب ڀاڄيون آهن سا ڄاڻ هِن ويب سائيٽ ذريعي ملي سگهي ٿي.
    7. ڪيترن ئي ڪتابن، مخزنن ۽ ويب سائيٽن لاءِ پڻ سنڌي رسوئي هڪ سونهري ذريعو آهي، جِتان کين سنڌي کاڌي بابت ڄاڻ مِلي سگهي ٿي.
    نه صرف ايترو، پر عجب جي ڳالهه اِها آهي ته ڪيترن ئي غير سنڌين، آمريڪن، فرينچ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جا پڻ کيس ڪيترائي اي ميلس ايندا رهن ٿا، جن ۾ هوُ سنڌي کاڌن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ گهرن ٿا. اِهو سڀ کيس هِن کيتر ۾ اڃان وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ بهترين ڊشز ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ متاثر ڪن ٿا. ۽ اتساههُ ڏين ٿا.
    اَلڪا جي چوڻ مطابق، صرف سنڌي ريسيپي ئي ڇو؟ ڪيترائي ماڻهو اِهو سوال پڇن ٿا. پر اِنجو جواب آهي ته جڏهن به اَسين سنڌي، سنڌي کاڌن بابت سوچيون ٿا ته صرف سائي ڀاڄي ڪڙهي چانوَر ئي زبان تي اچن ٿا، جن بابت اِنٽرنيٽ تي ڄاڻ ملي سگهي ٿي. پر ايترو ڪافي ڪونهي. سنڌين ۾ هن کانسواءِ ٻيون به اَنيڪ ڊشز آهن، ڪيترائي سنڌي خاندان آهن، جيڪي اهڙي ڄاڻ چاهين ٿا. پرڏيهه ۾ سنڌي کاڌن لاءِ ريسٽارنٽس بلڪل نه برابر آهن. سنڌي اُتان جي ماحول مطابق ملندڙ کاڌا کائين ٿا ۽ پنهنجي سنڌي کاڌن کائڻ کان رهجي وڃن ٿا. اِها سائيٽ تنهن ڪري اهڙن سنڌين کي پنهنجي کاڌن سان جڙيو رهڻ جو سونهري موقعو ڏئي ٿي.
    ڪيتريون ئي عورتون اَلڪا کي اي ميل تي تعاون ڪنديون رهن ٿيون. جيڪي پڻ پنهنجي کاڌي بڻائڻ جي ڪلا ۽ سنڌي ريسيپيز کي شايع ڪرڻ چاهين ٿيون. ويب سائيٽ انهن لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهي. جيڪڏهن ڪابه عورت اهڙي قسم جي چاهنا رکي ٿي ته هوءَ sindhirasoi@gmail.com تي رابطو ڪري سگهي ٿي ۽ اَلڪا کان مدد حاصل ڪري سگهي ٿي. اسان الڪا جي همٿ افزائي ڪنداسين ته جيئن هوءَ اڃا اڳتي وڌي ۽ اسان کي نوان نوان سنڌي طعام سيکاري.

    عوامي آواز
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڄي دنيا ۾ سنڌي کاڌن جو سواد ۽ خوشبو پکيڙيندڙ شريمتي الڪا ڪيسوا ڻي

    شريمتي الڪا ڪيسوا ڻيءَ جو هي بلاگ sindhirasoi.com تمام سٺو آهي، مون ڪيترائي ڀيرا ان سائيٽ جو چڪر لڳايو آهي، ڪافي ڪارائتي معلومات آهي کاڌن جي باري ۾ ۔۔۔ ان سائيٽ تي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ نياپا به ايندا هئا پر هاڻ بند ٿي ويا آهن ۔۔۔

    تمام سٺو ونڊ ڪرڻ تي عاشق جا ٿورائتا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سڄي دنيا ۾ سنڌي کاڌن جو سواد ۽ خوشبو پکيڙيندڙ شريمتي الڪا ڪيسوا ڻي

    واهه سائين واهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو