ٿو امن گهرجي هي نعرا چوڪ تي

جاويد نواز

سينيئر رڪن
غزل

ٿو امن گهرجي هي نعرا چوڪ تي
ڪن پيا هڙتال سارا چوڪ تي

هٿن ۾ بئنر تي آزادي لکيل
هوشو هيمو دودي پارا چوڪ تي

ڪيتريون ذاتيون کڻي مان پيش ڪيان
ها گڏيل هر ذات وارا چوڪ تي

ڪنهنجو آ معصوم گم ڪنهنجو قتل
ڳچين ۾ امڙين کي ڳارا چوڪ تي

ظلم جي هي انتها ڪئسين سهئون
ٿا مرن سنڌي ويچارا چوڪ تي

جاويد نواز

دعائن ۾ ياد
 
جواب: ٿو امن گهرجي هي نعرا چوڪ تي

ادا جاويد نواز ڪافي ڏينهن کانپو جي حاضري ۽ اها به جاندار ۔۔۔ واه واه

انکي ئي ته قوم چئبو آهي”

ڪيتريون ذاتيون کڻي مان پيش ڪيان
ها گڏيل هر ذات وارا چوڪ تي

قوي اميد آهي ته قوم جا قومپرست نوجوان پاڻ نثار ڪري قوم جو ڳاٽ اوچو ڪندا ۔۔۔ اوهان جهڙا اٿارڻ وارا هجن ته ستل قوم ضرور پاڻ ملهائيندي ۔۔۔ انشآء الله

سهڻو نياپو ۔۔۔
 
Back
Top