اچ لاهي ، سر لاهي ، عشق اڻانگو آهي (راڳي سيد اصغر علي شاهه)

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، مونکي ڍول فقير مرحوم جي ڳايل ڪافي عمر مون نه وڻن تنهنجيون ماڙيون الا ، ڀڃي ڀور ٿين ڪنجيون ڪُلف تالا ۽ مرحوم فقير عبدالغفور جي ڳايل ڌرتي جي شاعر شيخ اياز جي وائي سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار تمام گهڻيون وڻنديون هيون شاعري ته خوبصورت آهي ئي آهي پر ٻنهي فقيرن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور مرحوم جي انداز ڳائڪي تمام اعلى لاجواب هوندا هُئا، نه صرف مان پر هر ڪو سنڌي جڏهن اهي ڪافيون ٻُڌندو هو ته اهو جهومڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهندهو هو، جنهن نئين راڳي جي وڊيو کي توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان اهو راڳي ٿي سگهي ٿو اڄڪلهه جي هن دور ۾ ٻُڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي اميدن تي پورو لهي نه سگهي پر هي صوفيانه ڪلام ڳائيندڙ منهنجي من کي ڀانئي ويو آهي بلڪل ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جهڙو نه پر انهن جي انداز ڳائيڪيءَ جون سڪون پيو لاهي اهو نئون راڳي گذريل ڏينهن اسان جي پاڙي جي هڪڙي درويش حاجي سڀاڳو فقير جي عرس مُبارڪ ۾ منققد ڪيل صوفيانه راڳ رنگ جي محفل ۾ شريڪ ٿيو هو مون سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک ۾ ان راڳي کي محفوظ ڪري ڇڏيو ايڊيٽنگ ۽ اپ لوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان ان راڳي جو نالو سيد اصغر علي شاهه آهي ٽنڊو محمد خان شهر جو آهي ٻُڍل شاهه جي ڪافي ڳائي اٿس خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش آهي [/JUSTIFY]

    اچ لاهي سر لاهي عشق اڻانگو آهي(راڳي سيد اصغر علي شاهه) سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اچ لاهي ، سر لاهي ، عشق اڻانگو آهي (راڳي سيد اصغر علي شاهه)

    سر جي سين هڻڻ وارو فلسفو آهي ۔۔۔۔ سنڌ جا صوفي، عشق کي سر هٿ تي رکي ڪرڻ جو سبق ڏين ٿا ۔۔۔ پاڻ وڃائي هُنَ کي لهڻ جو سبق ڏين ٿا ۔۔۔ ٻڍل فقير جي ان خيال کي سيد اصغر شاه، سادن سازن ۽ سادي انداز سان سهڻو ڳايو آهي ۔۔۔

    اوهانجا لک ٿورا جو سنڌ سلامت جي خزاني ۾ هڪ موتي اڇلايو اٿوَ ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اچ لاهي ، سر لاهي ، عشق اڻانگو آهي (راڳي سيد اصغر علي شاهه)

    پيارا نثار ابڙا توهان جا لک لائق جو منهنجي هن غريباڻي ڪوشش کي توهان سنڌ سلامت جي خزاني ۾ هڪڙو وڌيڪ موتي قرار ڏيئي منهنجي هن ونڊ کي نئين معنى ڏني آهي، دوست اسان سڀني جو اهو فرض آهي ته سنڌ سلامت جي سُونهن کي اهڙن موتين لعلن سان سدائين نکاريندا رهو، جيئن اسان جي سنڌ سلامت جي چمڪ ڌمڪ سورج جي روشني جيان جڳمڳ جمڳ چمڪندي رهي۔ مهربانيون۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اچ لاهي ، سر لاهي ، عشق اڻانگو آهي (راڳي سيد اصغر علي شاهه)

    سائين توهان جي ڪوششن سان سنڌ سلامت اسٽوڊيو ۾ سنڌ سلامت جون پنهنجيون فخريه وڊيوز موجود آهن، ۽ اوهان جي پرخلوص محنت کي شابس آهي جو هڙان وڙان خرچ ڪري، ماسات سڳوريءَ کي منهن ڏئي، لوڊشيڊنگ جي تلوار هيٺان به اوهان هي وڊيوز پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري سنڌ سلامت جي بهترين پوشاڪ ۾ اسان سان ونڊ ڪندا رهو ٿا۔۔۔۔
    ٿورا ناهن ٿورا اوهان جا ۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اچ لاهي ، سر لاهي ، عشق اڻانگو آهي (راڳي سيد اصغر علي شاهه)

    محترم دوست اسد علي مست ماسات سڳوري جو خير آهي، ان جا جهيڙا اکين تي ڇو ته پنهنجن جا جهيڙا دل ۾ ناهن ڪبا، باقي بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي ڳالهه ڪر ان اسان کي زبردست شاڪ ڏنا آهن توهان کي اسان جي هي غريباڻي پوسٽ بهترين لڳي بس يار سنڌ سلامت سان ته هاڻي اسان جي سرن جا سودا آهن، اسان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جو فرض آهي ته هڙان وڙان خرچ ڪري محبتون ورهايون، جيترو اسان کان پهچي سگهي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان پنهنجي ڊيوٽي سمجهي ادا ڪريون ۔ لک لائق ادا اسد مست۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو