نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ دفعي فرشتو زمين تي آيو ۽ اعلان ڪرايو ته سڀ مرد ٻه لائينون ٺاهن، هڪ لائين اهڙن مردن جي جيڪي پنهنجي زال تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ هڪڙي لائين اهڙن مردن جي جن تي زالون حڪمراني ڪن ٿيون .
۽ آءُ اهو چاهيان ٿو ته عورتون سڀ هنن مردن کان پري ٿي وڃن ته جيئن سوال ڪيو وڃي ...
جڏهن عورتون هليون ويون ته فرشتي مردن جي قطارن ڏانهن ڌٺو؛ جن مردن تي عورتون حڪمراني ڪن ٿيون اها قطار 10 ميل ڊگهي هئي ۽ جيڪي مرد عورتن تي حڪمراني ڪنٿا ان قطار ۾ صرف هڪ مرد بيٺو هو
فرشتي کي ڏاڍي حيرانگي ۽ ڪاوڙ آئي. وڏي آواز ۾ چيائين ته عجيب آهي الله تعالا اوهانکي مرد انڪري پئدا ڪيو هو ته اوهين بهادر ۽ سورهيه هجو ۽ دنيا تي حڪمراني ڪيو پر اوهان ته پنهنجن زالن جا غلام ٿي ويا آهيو ...
اوهان سڀني ۾ هي هڪ مرد نڪتو، جنهن پنهنجي زال تي قبضو ڪيو آهي ۽ ان تي حڪمراني ڪري ٿو، مونکي هن مرد تي فخر آهي
فرشتي ان مرد ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو؛ ٻڌاءِ هنن نالائق مردن کي ته تو پنهنجي زال کي ڪيئن قبضي ۾ رکيو آهي ...
ان مرد تمام معصوم ٿي وراڻيو؛ محترم فرشتا مونکي اها ته خبر ناهي پر مونکي منهنجي زال ئي هت بيهڻ جو حڪم ڪري وئي آهي۔