سهيل ميمڻ گهٽ ۾ گهٽ حڪومت اهو حڪم ته هڪدم جاري ڪري ته، اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي. ڪراچي جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي آهي ته انهن اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي آهي، ائين ئي شايد ڪراچيءَ جي ٻين اسپتالن توڙي شايد حيدرآباد جي اسپتالن ۾ به ٿيندو هجي. سٺي ڳالهه آهي پر ڏوهه سکر جي سول اسپتال، لاڙڪاڻي جي اسپتال، نوابشاهه جي اسپتال جهڙين وڏين اسپتالن ۽ سنڌ ۾ قائم تعلقي سطح جي اسپتالن ۾ داخل مريضن جو ڪهڙو آهي، جو انهن اسپتالن ۾ اوترا ڪلاڪ ئي لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، جيترا ڪلاڪ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿئي ٿي. پير ڳوٺ جي اسپتال، جنهن کي اڃان تائين تعلقه اسپتال جو درجو ناهي ڏنو ويو ۾ وڃڻ ٿيو، منجهند جي وقت، ڊائريا ۽ گيسٽرو جي وارڊ ۾ معصوم ٻارڙن کي لوڊشيڊنگ سبب گرميءَ ۾ تڙپندي ڏسي هي موضوع ۽ ان تي قلم جي چرپر، هن مضمون لکڻ جو سبب بڻي آهي. ڀلا سنڌ ۾ جيڪڏهن صرف انهن سرڪاري اسپتالن کي جتي مريضن جي داخلا ٿيندي آهي ۽ مريض علاج لاءِ رهندا آهن، لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو!؟ سول اسپتالون، تعلقي ليول جون اسپتالون يا اهي اسپتالون جن ۾ مريضن جي داخلا ڪري رهائش مهيا آهي، آهن گهڻيون؟ مشڪل سان سئو سوا. انهن کي بجلي جو خاص بندوبست ڪري ڏجي ۽ اهو فيڊر بند نه ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي مريض جيڪي علاج لائق هجن ٿا، سي اسپتالن ۾ بيماريءَ وارو چڱو وقت ٽپائي ويندا ته ٻيا اهي جن جا مرض علاج کان اڳتي نڪري دعا جي رينج ۾ شامل ٿي ويندا آهن، پنهنجي زندگين جون آخري گهڙيون گهٽ ۾ گهٽ گرميءَ جي تڙپ کان ته بچي گذاريندا. ائين به مريضن کي مسلسل دوائن سبب جسم ۾ گرميءَ جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ معصوم ٻار اسپتالن جي وارڊن ۾ جيئن گرميءَ جي شدت سبب رڙندا آهن، اهو منظر ناقابل تصور حد تائين دردناڪ هوندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ بي بي سي ٽيليوزن ٽيم سان گڏ هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهيندي، جنهن مهل اسين ڪراچيءَ جي مشهور گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر شير شاهه پاران ٺري ميرواهه جي اسپتال ۾ آپريشن رڪارڊ ڪري رهيا هئاسين ته وچ آپريشن ۾ بجلي بند ٿي وئي. جنريٽر به پورو سارو هو، رهيل سرجري موبائيل فون جي بتيءَ تي پنهنجي انجام تي پهتي. ڊاڪٽر شير شاهه انهيءَ مهل انٽرويو ڏيندي چيو ته، اسين ائٽمي ملڪ آهيون، پر حالت هيءَ آهي جو وچ آپريشن ۾ بجلي هلي وڃي ٿي ته اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ان نقطي تي اسان کي سوچڻ گهرجي. ٺري ميرواهه جي اسپتال ۾ آپريشن ۽ وچ آپريشن ۾ بند ٿيل بجلي ۽ اوندهه ۾ موبائيل فون جي بتيءَ تي ٿيل آپريشن جو سڄو منظر بي بي سي (ٽو) ٽي وي تان سڄي دنيا ڏٺو ۽ هاڻي به اها ڊاڪيومينٽري The flood doctor جي نالي سان بي بي سي (ٽو) تان ڏسي سگهجي ٿي. هڪ ڪلاڪ جي ڊاڪيومينٽري ۾ ڊاڪٽر شير شاهه جا بجلي نه هجڻ بابت رڪارڊ ڪيل جملا، اونداهون آپريشن ٿيٽر ۽ ان تي بي بي سي جو تجزيو اسان جي حڪمرانن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيارڻ ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي. ائين به جڏهن سنڌ جي جيلن جي بجلي بند نٿي ٿئي، انهن وڏن گهرن جي نٿي ٿئي، جن کي حڪومتي عهديدارن جي گهرن جو سرڪاري اسٽيٽس مليل آهي، جيئن صدارتي هائوس، وزير اعظم هائوس، چيف منسٽر هائوس، ته پوءِ، انهيءَ لسٽ ۾ جيڪڏهن سئو سوا سئو اسپتالن کي شامل ڪري اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي ته ٻيو نه ته، ان مان فائدو حاصل ڪرڻ وارا مريض کين دعائون ته ضرور ڏيندا. اسان وٽ ته ائين به ٿئي ٿو ته، ڪنهن طاقتور وزير توڙي ايم اين جي زمينن واري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ئي نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ جو وزير صاحب جا فصل ٽيوب ويلن تي هوندا آهن. سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي عرض ٿو ڪجي ته مهرباني ڪري، اهو هڪ ننڍو ڪم ئي ڪرائين ته سنڌ جي اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيارين، پوءِ ان عمل تي سختي سان نظر ڀلي رکي وڃي ته اها مسلسل هلندڙ بجلي جي رسد فقط اسپتال ۽ مريضن جي ڪم ۾ ئي اچي نه ڪي ان مان ڊاڪٽرن جا بنگلا، ڪالونيون هلن ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر واپڊا ۽ صحت کاتي وارن جا پاڻ ۾ جهيڙا هجن. سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي درخواست ٿي ڪجي ته، انهن هزارين، اڳ ۾ ئي بيمارين سبب تڪليفن ۾ ورتل مريضن، خاص ڪري ٻارڙن تي رحم کائين ۽ صرف سنڌ ۾ ئي نه پر پوري ملڪ ۾ اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان مڪمل آجو قرار ڏيڻ جا حڪم جاري ڪن. ائين ئي ڪيتري وڏي مقدار ۾ بجلي چوري ٿيندي آهي، سڀني کي خبر آهي. اسپتالن کي 24 ڪلاڪ بجلي ڏيڻ سان ملڪ جي بجلي واري کوٽ تي ڪو به اثر نه پوندو. اها به حقيقت آهي ته ننڍن شهرن توڙي تعلقن جي اسپتالن ۾ گهڻو ڪري اهو مسڪين ماڻهو ئي اچي داخل ٿئي ٿو، جنهن وٽ پرائيوٽ اسپتالن ۾ وڃي علاج ڪرائڻ جي سگهه نه هوندي آهي. پرائيوٽ ادارن ۾ ته جنريٽر به لڳل هوندا آهن، ان ڪري اڳ ۾ ئي تڪليفن ۾ ورتل غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج دوران پکي جي سهولت ته وقت جي حڪومت فراهم ڪري سگهي ٿي، ان ۾ سندن ڪجهه به نه ويندو. هونءَ ٿيڻ ته ايئن گهرجي، جو جڏهن اسان پنهنجي ترقيءَ جي حوالي سان وڏيون وڏيون دعوائون ڪريون ٿا، تڏهن لوڊشيڊنگ ته ڪٿي به نه ٿيڻ گهرجي. جهڙي اسان وٽ حالت آهي، ان مان ته اهو ٿو لڳي، ڄڻ اسان پٿر جي دور ۾ رهندا هجون. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن وٽ 24 ڪلاڪن مان فقط چند ڪلاڪ ئي بجلي هجي ٿي. مزيدار ڳالهه ته ٻئي پاسي بلن ۾ وري ڪا گهٽتائي نٿي هجي. بل پورا اچن ٿا، بلڪه وڌيڪ اچن ٿا، پر بجلي پوري نٿي ملي. مان هتي اسپتالن جي ڳالهه ته پهرين ترجيح جي ڪري ڪئي آهي، پر ڏٺو وڃي ته هونءَ ڪهڙو شعبو آهي، جنهن کي بجليءَ جي ضرورت ڪونهي؟ اسڪولن ۾ معصوم ٻار پکي کان سواءِ ويهي نٿا سگهن، آفيسن ۾ بجليءَ کان سواءِ ڪو ڪم نه ٿيندو آهي. بهرحال اسپتالون هڪ نهايت ئي حساس معاملو آهي، جتي آپريشن به ٿين ٿا، مريض سڪون ۾ رهڻ به چاهين ٿا، انهن کي سکيو رکي ثواب کٽڻ لاءِ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي سوچڻ گهرجي. ممڪن آهي ته هو جيڪا ٻي خلق کي تڪليف ڏين ٿا، ان جو ازالو هن ثواب مان ٿي وڃين. memonsuhail@hotmail.com
جواب: اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيو! تمام سٺي ڳالهه آهي ادا شل اسان جا چونڊيل نمائنده اهو ڪم ڪري سگهن سدائين گڏ
جواب: اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيو! اهو ئي ته گند آهي اسان وٽ۔ اسان وٽ جڏنهن به ڪو سک آيو آهي ته ان جو ناجائز استعمال (اهو به مخصوص ماڻهن جي ڪري) اهو سک هٿان ويو آهي۔ بهرحال سهيل ميمڻ جي اها التجا ٻڌي وس واري ڌر پٿر جي هجي ته به احساس ۾ پاني ٿي وڃي۔ پر ڇا ڪجي هتي ته ڪي پٿر کان به سخت دل رکندڙ ويٺا آهن۔
جواب: اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيو! اڙي ادا سائين، ڪهڙا ٿا سور پڇو ۔۔۔ هونءَ ته پوري پاڪستان جي ٻيڙي ٻڏل آهي پر وري به سنڌين جي ۽ ڌارين جي استعمال هيٺ ايندڙ ادارن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ۔۔۔ فرق صاف ظاهر آهي هڪ اسانجا سنڌي نالائق مٿان وري ڌارين ۽ حڪمرانن جون ڏاڍايون ۔۔۔ ٻنهي ملي ڪري سنڌ کي اوندهه ڪري وڌو آهي ۔۔ روئجي ته ڪنهنجي آڏو، ٻٻرن کان ٻير گهرجن ته ڪيترو۔۔۔؟؟؟؟ بس الله ۾ اميدون آهن
جواب: اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيو! ادا حفيظ هتي آهي انڌهن جي اڳيا رووئڻ توهان کي هڪ آئون پنهنجي ڳاله ٿو ٻڌايا اسان بدين ۾ لائيٽ جي خلاف ڌرڻو هيو سي جيڪا خبر 13 جولائي جي ڪاوش ۾ به لڳي هئي ان ڌرڻي جي اڳواڻي آئون ۽ منهنجو دوست حيدر منڌرو ڪري رهيا هئاسي ڌرڻي ختم ٿيڻ کان پو منهنجي دوست حيدر ميندري کي سياسي مداخلت تي پوليس اريسٽ ڪري ورتو جنهن تي 2 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ حيدر کي جيل جو منهن ڏسڻ پيو ۽ مونکي تمام سخت پريشرائيز ڪيو ويو ۽ اسانکي خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو ويو
جواب: اسپتالن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏيو! اسان مجموعي طرح ڏاڍا سست آهيو۔۽ وري جو اهڙا پريشر ٿا پون ته جيڪي رپئي ۾ ٻه آنا اوهان جهڙا با همت دوست آهن اهي به ماٺ ڪريو وڃن ڇو ته پٺڀرائي ته ٺهيو پر رڳو زباني حمايت به ناهي هوندي۔