نثارناز
سينيئر رڪن
ادا مگسي اسان جِي سنڌ سلامت تي شاعري جي عنوانن جو مينهن وسائي اصل شاعريءَ جِي ڪراچي لڳائي ڇڏي اٿئي۔ شاعري جي عنوانن جو گوڏي جيڏو پاڻي بيهاري ڇڏيو اٿئي ، توکي ته خبر آهي ته اڄڪلهه پاڻ واري سنڌ سلامت تي هيوي شاعرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جيڪي پمپنگ مشينون بڻجي ان گوڏي جيڏي پاڻي واري شاعري کي ڇڪي سگهن۔ لڳي ٿو اهو شاعري جي عنوانن وارو گوڏي جيڏو پاڻي نيڪال ٿي ڪونه سگهندو۔ بهر حال سنڌ جي سمورن شاعرن، شاعر پسند ڪندڙن، شاعريءَ جوذوق رکندڙن کي دلي گُذارش آهي ادا مگسي جي هر عنوان کي پڙهي ڪنهن به شاعر جي شاعري، خالص پنهنجي قومي ٻولي سنڌي ٻوليءَ ۾ اسان شيئر ڪن۔ آئون بحيثيت سرپرست اعلى سائين مگسي جي عنوانن تي ڪا سُٺي شاعري موڪليندڙ کي سنڌ سلامت طرفان هفتي جو ڀلوڙ ماڻهو قرار ڏنو ويندو، جو اعلان ڪريان ٿو. خاص ڪري کيس اهڙي قسم جو لکت ۾ ايوارڊ(سرٽيفڪيٽ ) ڏنو ويندو. ان مقابلي ۾ سنڌ سلامت جا سرڪرده ماڻهو، جهڙوڪه سرپرست اعلى، منتظم اعلى نائب منتظم، سنڌ سلامت جا جملي ايڊيٽر صاحبان شرڪت ڪري نه سگهندا. سنڌ سلامت جا باقي سمورا ميمبر ان شاعري جي عنوانن سان مطابقت رکندڙ مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ جا اهل آهن. بهترين شاعري سليڪٽ ڪندڙ ڪاميٽي سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه هوندي. ۽ انتظاميه جو فيصلو آخري هوندو. ته پوءِ دوستو دير ڇاجي آهي اسان کي هفتي ۾ ڪو به سنڌ سلامت پاران هڪڙو ماڻهو منتخب ڪرڻوآهي. ...........جيئن ته اڄ 31 آگسٽ 2009
آهي 6 سيپٽمبر 2009ع تي شام جو ڀلوڙ ماڻهوءَ توهان مان ڪوبه هڪڙو هوندو سو به سرٽيفڪيٽ سميت.
آهي 6 سيپٽمبر 2009ع تي شام جو ڀلوڙ ماڻهوءَ توهان مان ڪوبه هڪڙو هوندو سو به سرٽيفڪيٽ سميت.