اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو، اڃ کان مون به همت ڪئي آهي ته الله تعالى جي ڏنل علم مان توهان سنڌسلامت جي ڀائرن کي به ڪجھ ونڊ ڪرايان. اميد ٿو ڪريان ته توهان کي منهنجي هي ننڌي ڪوشش پسند ايندي. اڃ پاڻ سکنداسين ته نيٽورڪ ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. هن ڪنيڪٽر کي rj-45 ڪنيڪٽر به چئبو آهي. 1. سڀ کان پهرين تار کي چلي ان جون تارون ٻاهر ڪڊو جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي. 2. هاڻ انهن تارن کي رنگن جي ترتيب ۾ آڻيو. جيئن هيٺين تصورير ۾ ڏنل آهي. پهرين ناسي، اڇي ناسي، سائي، اڇي نيري، نيري، اڇي سائي، نارنگي ۽ اڇي نارنگي. پو۽ ان کي ڪنيڪٽر ۾ لڳايو. جهڙي ريت هي ڏيکاريو ويو آهي. 3. هاڻ ڪرمپنگ ٽول سان ان کي ٽائٽ ڪريو. ڪرمپنگ ٽول هڪ پلاس جهڙو ٽول هوندو آهي. 4. اهڙي ساڳي طرح تار جي ٻي پاسي به ڪنيڪٽر لڳايو،. 5. آخر ۾ ٽيسٽر سان ٻئي ڪنيڪٽر ٽيسٽ ڪري ڏسو ته صحيح لڳا آهن يا نه. جيڪڏهن ٽيسٽر توهان کي صحيح نتيجو ٻڌائي ته واه واه نه ته دوبارا ڪوشش ڪريو. اڃا وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هي ويڊيو به ڏسو. منهنجي هي مضمون پڙهڻ جي لاءِ توهان ڀائرن جون مهربانيون سنڌسلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. ادا توهان جون ڏنل تصويرون صاف نظر نه پيون اچن انهن کي ٻيهر اپ لوڊ ڪريو ته جيئن اهي تصويرون ظاهر ٿئي سگهن بهرحال لاجواب ونڊ آهي پر انهي ڪنيڪٽر کي هڻڻ لا۽ هڪ ته هڪ پلاس هوندي آهي اها وٺڻي پوندي جيڪا ڪافي مهانگي آهي ٻيو ته وري ادا جيڪڏهن ڪنيڪٽر درست نموني سان نه لڳو ته وري ٻيو ڪنيڪٽر هڻڻو پوندو يعني پهريون وارو ڪنيڪٽر ته خراب ٿي ويو سدائين گڏ
جواب: ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. ادا عبدالرحيم تمام بهترين ڪوشش آهي اميد ته ان کان به وڌيڪ شيون اسان کي سيکاريندا مهربانيون سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. [JUSTIFY]ادا عبدالرحيم تمام بهترين ڪوشش آهي اوهان جي سکيا جو طريقه ڪار به تمام بهترين آهي جو ڪو گهٽ سمجهه وارو به ان طريقه سان سٺي نموني سمجهي سگهي ٿو ان کي جاري رکندا باقي فقير سائين جن جي ڳالهه درست آهي ته اوهان جون ڏنل تصويرون نظر نه ٿيون اچن انهن کي ڪنهن ٻي سائيٽ تي اپلوڊ ڪري پوء لنڪ ڏيندا ته مهرباني ٿيندي۔[/JUSTIFY]
جواب: ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. توهان سڀني دوستن ۽ ڀائرن جون مهربانيون جو منهنجي هن ننڌڙي ڪوشش کي وڏي درجو ڏنو ۽ ان جي باري ۾ پنهنجي رايا ڏنا۔ دوستن جي فرمائش مطابق مون تصويرون دوبارا ٻئي سائٽ تان ڏنيون آهن، اميد ٿي ڪجي ته هاڻ دوستن کي مشڪلات پيش ڪون ايندي۔ ادا فليوٽو فقير جي ڳالھ واقعي ۾ درست آهي ته اهي ٽول مهانگا ته آهن پر اها ڪمائي به ڏيندا آهن۔ ادا نالي ڀالي رحيم بخش جو به ٿورائتو آهيان جون منهنجي ڪوشش کي تمام گهڻو ساراهيو آهي۔ توهان دوستن ۽ ڀائرن جي دعا سان هاڻ اهو سلسلو جاري رکبو۔
جواب: ڪنيڪٽر ڪيئن ٺاهبو آهي. ادا رحيم تمام زبردست شيئرنگ ڪئي آهي توهان، توهان جي ڏنل معلومات به صحيح آهي، هڪ ٻه ٻئي به سيريز آهي جن جو الڳ الڳ ڪم هوندو آهي۔۔۔۔۔