نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ دوستو فن ڪنهنجو به ميراث ڪونهي جيڪو آيو سو اگهيو، هڪڙو منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جو فنڪار وسيم حيدري جي ڳايل گيت جو وڊيو توهان سڀني سنڌي دوستن سان شيئر پيو ڪريان، ساٿيو وسيم حيدري اڃان جواني جي ڏاڪن تي هينئر ئي قدم رکيو آهي پر سندس سُريلو آواز توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مستقبل ۾ سنڌ جي بهترين آوازن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو، سنڌ جي سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جن فنڪارن کي ملڪ جي ميڊيا تي اڃان تائين پذيرائي ڇا پر انٽري به ڪانه ٿِي آهي پوري دنيا جي سنڌين سان گهڻو اڳ ۾ انهن نون فنڪارن جي انٽروڊڪشن ڪرائي ڇڏي آهي، اهڙي ريت سنڌ سلامت نون فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ پيش پيش آهي ۽ سدائين رهندي، دوستو جيئن ته مان ٽنڊو محمد خان ۾ رهندو آهيان ان ڪري منهنجي رسائي صرف شهر جي مقامي نون فنڪارن تائين ڪٿي ڪنهن درويش جي ميلي جي صورت ۾ هوندي آهي ، ڪنهن ادبي پروگرام جي صورت ۾ هوندي آهي يا ڪنهن شادي مراديءَ واري محفل موسيقي جي صورت ۾ هوندي آهي ان ڪري مان صرف ٽنڊو محمد خان جي راڳين سان ئي توهان جي ڏيٺ ويٺ ڪرائيندو رهان ٿو بلڪل اهڙي ريت پوري سنڌ جي هر شهر جا مقامي فنڪار راڳي ضرور هوندا، جيڪي هر لحاظ کان پنهنجي فني قابليت ۾ يقينن ڀڙ به هوندا ڳالهه صرف انهن مقامي فنڪارن کي اڳيان وٺي آڻڻ جي آهي پوءِ دير ڇا جي آهي توهان به پنهنجي پنهنجي علائقن جي نمائندگي ڪري سگهو ٿا، ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي هن شعبي سنڌ سلامت اسٽوڊيو کي خوبصورت کان خوبصورت بنائي سگهو ٿا ، توهان به اهڙي ريت پنهنجا فلمبند ڪيل وڊيو اماڻي سگهو ٿا ٿي سگهي ٿو پنهنجي هن تمام ننڍڙي ڪوشش عيوض انهن سنڌي فنڪار ن جو شمارن بهترين فنڪارن جي حيثيت طور ٿئي انهن غريب فنڪارن جي قسمت کُلي پوي۔ دوستو هن گيت الائجي ڇا ۾ راضي آ، الائجي ڪنهن سان راضي آ جو راڳي وسيم حيدري آهي خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش آهي، توهان کي منهنجي غريباڻي ڪوشش ڪيئن لڳي، ان سلسلي ۾ توهان جي مفيد راين جو شدت سان انتظار رهندو
الائجي ڇا ۾ راضي آ ، الائجي ڪنهن سان راضي آ (راڳي وسيم حيدري) سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيڪش