ممتاز علي بجير جو غزل توهان دوستن جي خدمت ۾ حاضر آهي [JUSTIFY]نه رنون مون ڪڏهن ڪنهن لاءِ، اڄ رناسين ڪيترو اوهان لاءِ. ڦٽو ديس چاهتن جو جڏهن ، نه پاڻ کي سنواريو اوهان لاءِ. مچائي ماتم نه من ڀريو منهنجو، نه هٿ کڻي دعا ڏئي سگهيس اوهان لاءِ. ڊهندي ڍير ٿيندي ويس پئي، نه قدم وڌي سگهيا اوهان لاءِ. سمجهي تو کي منزل پنهنجي ، ڇڏي سٽا جوڙڻ هر هڪ اوهان لاءِ. آخري اميد اچڻ جي ويندي ڏسي، پوءِ ميڻ جيان “ممتاز “ ڳرندي رهيو اوهان لاءِ[/JUSTIFY]