عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛ ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛ لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛ توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي. شاھ صاهب جو شعر سُر ڪلياڻ داستان ٻيون بيت نمبر ٽيون ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل رسالي مان ورتو ويو آهي. سائين عرس پريئي صاحب جي مهرباني جن هن سلسلي کي اڳتي وڌايو.لفظ عشق جنهن جي معنيٰ هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي ظرف کان ورتي آهي ان تي گهڻي بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي . بس ايترو ضرور لکندس ته عاشقن سالڪن عشق جي جا معنيٰ ورتي آهي ۽ سالڪن کان اسان ٻڌو آهي ته عشق مان مراد انسانجي الله سان ڪيل عهد جي پاسداري آهي . جنهن کي هو ضمير جي آواز روح جي صدا حق جي آواز ۽ پڻ الهامي آواز يا خدا جو سڏ چيو آهي. جيئن شاھ صاحب چيو آهي پڙاڏو سوئي سڏ هيا اڳئي گڏ پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. هاڻي جي ان شعر جي اوهان معنيٰ کڻندو ته اوهان کي سڄو نقشو سمجھ ۾ اچي ويندو ته جيڪي الاهي آواز يا الاهي حُڪم جا يا پنهنجي ضمير جي صدا جا پوڄاري آهن اهي ڪڏهن به پنهنجي ضمير جي صدا کان پوئتي ناهن هٽندا .انهن جي حالت علامه اقبال پنهنجي هن شعر ۾ احسن طريقي سان ڪئي آهي اگر توحيدِ هستي هم هين تو مسلڪ جُدا همارا هم ڪافرون ڪي ڪافر ڪافر خدا همارا بيشڪ ان جو نتيجو ڪهڙو به نڪري سولي هجي يا زهر هجي گهاڻو هجي يا زماني جو پيڙاءُ ليڪن اهي هڪ ذات اڳيان سجدي سوا ٻئي ڪنهن اڳيان ناهن جهڪندا. بيشڪ انهن جا سر ڌڙ کان جدا ئي ڇو نه ڪيا وڃن انهن جي صدا هميشه اها رهندي آهي ته اسان جهڙو تو جهڙي جي بيعت نه ڪندو. تون پنهنجو زور هلائي ڏس تون پنهنجي طاقت آزمائي ڏس اسان جون شخصيتون مقتل زنده ڪندو. واقعي عاشق ۾ ئي اهو جرئتِ ڪمال هوندو آهي ته سچ جيڪو زهرِ قاتل کان وڌيڪ ڪوڙو هوندو آهي هر آمر و جابر جي اڳيان چئي ڏيندا آهن . ڇا نه عجيب وضاحت آهي جا حضرت علي عه پنهنجي هن جملي ۾ انهن عاشقن جي ڪئي آهي يا انهن جي صفت آهي. جيڪو الله اڳيان جهڪندو آهي اهو ڪنهن اڳيان ناهي جهڪندو جيڪو الله کان ناهي ڊڄندو اهو هر ڪنهن کان ڊڄندو آهي . جيئن علامه اقبال جو هي شعر آهي وه اڪ سجده جسي تو گران سمجهتا هي هزار سجدون سي ديتا هي آدمي ڪو نجات. اهي سڀ سزائون آهن جيڪي شاھ صاحب ان سچ ضمير جي آواز روح جي صدا الهامي آواز يا رب جو سڏ آهي جڏهن انهن تي لبيڪ چوندو آهي ته ان لاءِ معاشرو تيار ڪندو آهي ان حقيقت کي ڪنهن اڳيان ناهن سليندا ڇو جو اها حقيقت انهن ماڻهن تي آشڪار ئي ناهي هوندي يا ٻين لفظن ۾ ان حُسن جو انهن مشاهدو ئي ناهي ڪيو هوندو .اوهان مادا پرست عاشقن جو اهوال ڏسو محبوب جو جي وصال نه ٿو ٿئي ته زهر پي وڃي ٿو خودڪشي ڪري ٿو . پر جي اهو عشق حقيقي هجي ته بقول سائين سلطان باهو جي عاشق سو ئي حقيقي جهڙا قتل معشوق دي مني هو جي ته ول ويکي راز ماهي دي لگي اُسي بَني هو مک نه موڙي تي در نه ڇوڙي ڀانوين سئي تلواران کني هو سچا عشق حُسين علي دا باهو جهڙا سر ديوي پر راز نه ڀني هو ۽ عاشق هميشه انهن سزائن کي سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي .ڏاڏل کي سالڪن ائين ئي سمجهايو آهي ادا . وسلام
جواب: عاشَق زهر پِياڪَ جي تشريح جي ڪوشش لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛ توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي. شاهه سائين جي لفظن جي معني ته سمجهه ۾ پوري ڪانه ٿي اچي پر جي غور ڪجي ٿو ته حقيقي سچائي ء سڪون ملي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل جون مهربانيون جو سهڻي نموني تفصيل بيان ڪيو۔
جواب: عاشَق زهر پِياڪَ جي تشريح جي ڪوشش سائين معزرت سان پر انهن سڀني حساسن جو ايستائين ادارڪ ممڪن ناهي جيسيتائين اهي احساس نه ٿا جاڳن ۔ وسلام