جميله عباسي
سينيئر رڪن
ڪراچيءَ ۾ سنڌي نياڻين جي تعليمي مستقبل تي پنهنجن جو راتاهو.
اسلام عليڪم.
آءُ هڪ پڙهيل لکيل عورت آهيان ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ وس آهر حصو وٺندي آهيان.
سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس فورم پاران انٽرنيٽ تي جاري ڪيل ۽ علائقي ۾ ورهايل پمفلٽ پڙهي ڪري حيرت به ٿي ۽ اکين مان لڙڪ به روڪي نه سگھيس. انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين جي تصديق ماڻهن ۽ گوگل سرچ سنڌي انگريزيءَ ۾ اخبارن ۾آيل خبرن مان ٿي ۽ ڪنهن اخباري دوست وٽان قانوني ڪاغز پڻ انٽرنيٽ ذريعي مليا جنهن جي تصديق روينيو آفيسرن وٽ وڃي ڪري حاصل ڪيم ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان پڻ ڪيس فائيل مان حاصل ڪيم. سوچيم ته ڇونه سنڌي ويب سائيٽن ۽ گروپن ۾ شيئر ڪيان.
تعليمي مستقبل بچائڻ لاءِ جيڪي رڙيون دانهون ۽ ڪوششون سننڌي نياڻين ڪيون آهن حقيقت ۾ اِهي علائقي جي سڀني ويلفيئر ڪاميٽين، قومپرست ڌرين، اين جي اوز ۽ حڪومت ۾ شامل سڀني سياسي جماعتن کي ڪرڻ گھرجن ھا. پر افسوس جو ڪجھ ذميوار ڌريون اھڙي فرض نڀائڻ کان نه صرف قاصر رھيون آهن بلڪ انهيءَ ڪچي ڪم ۾ ملوث پڻ ثابت ٿيون آهن. وڌيڪ تفصيل هيٺ ڏنل پمفلٽ ۽ منسلڪ ٿيل ڪاغذن ۾ موجود آهن.
وڏو افسوس اهو آهي جو ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ سنڌي نياڻين جي تعليمي مستقبل تي راتاهو هڻندڙ نه پٺاڻ نه پنجابي نه اردو ڳالهئڻ وارا بلڪ صرف ۽ صرف سنڌي آهن. معلومات مطابق هن مسئلي جي خبر سڀني سياسي ۽ قومي پارٽين، متعلقه وزيرن، وزيراعليٰ، وزير تعليم، سيڪريٽرين وغيره کي به آهي پر ڪو احساس ڪري هن اهم مسئلي ۾ نه پيو آهي.
اهو به وڏو افسوس آهي جو قبضو ڪندڙ محبوب علي عباسي به پاڻ کي سنڌي ٿو سڏائي ۽ سندس سرپرستي ڪندڙ حصيدار بيوروڪريٽ شفقت پڻ سنڌي عباسي آهي ۽ پنهنجا ٻار يورپ ۾ پڙهائڻ لاءِ قوم جي هزارين نياڻين جي تعليم کسي رهيو آهي. هي شخص عباسي ڪميونٽيءَ جو صدر پڻ آهي ۽ هن جي اهڙي ڪڌي ڪم جي ڪري سڄي عباسي ڪميونٽي جوتاريخ ۾ ڪنڌ شرم کان جھڪيل رهندو. کيس گذارش آهي ته هن ڌرتيءَ جي مظلوم ۽ معصوم سنڌي نياڻين مٿان رحم ڪري.
پوين ٽن سالن کان حاڪم به سنڌي بيورڪريٽ به سنڌي ننڍا وڏا ڪامورا به سنڌي پوءِ به منظور ٿيل اٺ ايڪڙ زمين تي منظور ٿيل ڪاليج نٿو ٺهي جنهن ۾ ڌرتي ڌياڻيون سنڌي نياڻيون پڙهنديون ۽ ٻين غير سنڌي ڇوڪرين وانگر هي ب هاڪي وغيره جهڙيون رانديون کيڏي سگھنديون ۽ واڪنگ فاصلي تي پنهنجن جي ڇانو ۾ بهترين تعليم ڪري سگھنديون.
پنهنجو منهن آئيني ۾ ڏسڻ لاءِ هنن تحريرن کي وڌايو من ڪوقومپرست مرد اٿي پوي ، من ڪو سنڌي وزير جاڳي پوي، من ڪو سنڌي ڪامورو غيرت ڪري. ايئن نه ٿئي جو سنڌي نياڻيون مٿا اگھاڙا ڪري مردان هائوس ۽ 90 تي فرياد کڻي وڃن ته رب جي واسطي وزير اعليٰ وٽ اسان جو به مطالبو رکجو.
فقط
اوهان جي ڀيڻ
جميلا عباسي
چپل سن سٽي ، ماروڙا ڪراچي
پمفلٽ هيٺ ڏنل آهي.
SINDHI GIRLS STUDENTS FORUM
اپيل! اپيل!
سنڌي نياڻين جي اپيل
ڪراچيءَ اندر سچل ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي سنڌي وسندين کي پڙهيل لکيل سنڌي ماڻهن جوعلائقو سمجھيو ويندو آهي. ماڻهو پيار وچان هن علائقي کي ننڍڙي سنڌ بـ سڏين ٿا. ڇو تـ هتي اوهان کي سنڌ جي هر يوسيءَ جو ماڻهو آباد ملندو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ امن امان جي خراب حالت ۽ ٻين گنمير سببن ڪري ڪيترائي ماڻهو اچي هن علائقي ۾ آباد ٿيا.جن طاقتور مافيا سان جنگ جوٽي هتي مئٽرڪ تائين جا تعليمي ادارا قائم ڪرايا.
اعلىٰ تعليمي ادارن جي کوٽ محسوس ڪندي ڪجھ ساڃھ وندن ڪوششون وٺي هڪ وڏي جلسي ۾ شاهنواز شر ڳوٺ اندر 8 ايڪڙ زمين تي تڏهوڪي روينيو جي وزير کان اهڙن ادارن لاءِ پيڙھ جو پٿر رکرايو. هنن ماڻهن ان وقت جي حڪومت کان اي ڊي بي 2007-2008 ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج منظور ڪرايو.
ياد رهي تـ سوين سنڌي خاندانن جون نياڻيون ڏورانهن علائقن جي ڳرن ڀاڙن ۽ دهشت گردي جي ڊپ کان اعلي تعليم کان محروم رهجي وڃن ٿيون. انهن جو مقدر پراون گھرن جي ٻهاري ڏيڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ بڻجي ٿو. انهن جي تعداد ۾ روز بروز واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
لينڊ مافيا، چند بيضمير ماڻهو ٽڪن تي خريد ڪري، قانوني طورمليل زمين تي منظور ٿيل ڪاليج جي اڏاوت لاءِ آيل ٺيڪيدار ۽ سرڪاري ڪامورن کي هٿيارجي زور تي واپس ڪري مستقل هٿيار بند ويهاري ادارن لاءِ قانوني طور مليل 8 ايڪڙ زمين جو 80 سيڪڙوهڙپ ڪرڻ گھرن ٿا.
سنڌ هاء ڪورٽ جي14 اپريل، 2011 جي حڪم تي اِي ڊي او (روينيو ڪراچيءَ) 29اپريل 2011 تي رٿيل آپريشن لاءَ هڪ ليٽر
جاري ڪيو پر روائتي طرح عمل نـ ٿيو. EDO/REV/K/RB-1/967/2011 dt 26-04-2011
سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طور هيٺيون ڌريون قبضي خورن جي همٿ افزائي ڪري رهيون آهن!
حڪمران جماعت جي اڳواڻن وٽ هن اهم ترين مسئلي لاءِ وقت ئي ڪونهي. تنهنڪري اسان سمجھون پيون تـ هي ڪم اقتداري جماعت جي مرضيءَ سان ٿئي ٿو، ٻيءَ صورت ۾ هو نياڻين جي ڪاليج جي زمين تي قبضي جو سوچي بـ نـ سگھن ها.
قومپرست جماعتن جا ڪجھ ماڻهو بـ مافيا سان ٻٽ نظر اچن ٿا. ڪجھ مالي طور بي فائدو سمجھندي هن مسئلي کان ڪن لاٽار ڪن ٿا تـ ڪي وري اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪن ٿا. جڏهن تـ سندن جماعتن جي هتي چڱي ڀلي تنظيم سازي آهي.
سنڌي ميڊيا جيڪا پيار جي پرڻي تي ڪلاڪن جون اسٽوريون جوڙي هلائي ٿي. ان جا ڪجھ صحافي پلاٽ ۽ ذاتي دوستيءَ جي بنياد تي چپ آهن تـ ڪي وري ڪاهليءَ کان ڪم وٺندي بنا جانچ پرک جي ڪوڙ جي فتوا جاري ڪن ٿا.
اردو ميڊيا وري تعسب جي بنياد تي هن مسئلي کي اهم سمجھي ئي نـ ٿي، چون ٿا تـ ڏنڍا هڻو، رت وهي تـ خبر ٺهي.
قانوندان بـ وڏيءَ رقم کان سواءِ اچڻ لاءِ تيار نـ آهن. ناميارو وڪيل ضمير گھمرو صاحب تـ مافيا سان گڏ آهي. جيڪو هر فورم تي پاڻ کي سنڌ پرست سڏائيندو آهي پرهن ڪيس ۾ سنڌي نياڻين جي تعليمي مستقبل جي خلاف مافيا سان پيشي جي جوازتي گڏ بيٺو آهي يعني سنڌي نياڻين جي خلاف ڪيس وڙهي ٿو. تـ پوءِ سڀاڻي پنجاب کان پئسا وٺي ڪالا باغ ڊيم جو ڪيس سنڌ خلاف وڙهندو ڇا؟!
قومپرست جماعتن جي اعلى قيادتن کي اپيل آهي تـ تعليمي ادارن ۾ داخلا وارن روائتي بيانن کان اڳتي وڌي گڏيل فيصلو ڪريو تـ سنڌي نياڻين جوڪاليج هڙپ نـ ٿئي.
ميڊيا جي معتبر شخصيتن کي بـ اپيل آهي تـ سرزمين تي اچي ڪاگز پٽ ڏسن ۽ هي مسئلوحق جي بنياد تي کڻن. سندن اهڙي ڪردار سان اسان نياڻين جو ڪاليج ضرور بچي ويندو.اهو بـ ممڪن آهي تـ اهڙي مهم سان جناب صدر صاحب ڪا مدد ڪري يا ڪو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي.
ٻين قانون دانن سان گڏ ضمير گھمري صاحب کي بـ اپيل آهي تـ قبضا مافيا بجاء اسان سنڌي نياڻين جي مدد ڪري.
اسين ڀرپاسي جي باضمير ۽ ساڃھ وند ماڻهن کي پڻ اپيل ٿيون ڪريون تـ اهڙا اپاء وٺو جو ڪاليج جي اڏاوت يقيني بڻجي. ڇوتـ هن علائقي ۾ ڪابـ ٻي سرڪاري زمين موجود نـ آهي. اهڙن ماڻهن جو پڻ سوشل بائڪاٽ ڪريو جيڪي پنهنجي ئي نياڻين جي ڪلاس رومن ۽ کيڏڻ ڪڏڻ جي جائن تي پنهنجا محل اڏڻ جي سوچن ۾ آهن. اهي پنهنجن نياڻين کي لالوکيت ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ڏانهن موڪليندا ڇا؟!
ياد رکو اعلىٰ تعليمي ماحول نـ جڙڻ جي ڪري سرندي وارا ماڻهو لڏي هليا ويندا. جوا، منشيات جو واهپو عام ٿي ويندو ۽ ڪيتريون ئي ٻيون برايون جنم وٺنديون. . تاريخ ۾ ڪردار لکجي رهيا آهن. اوهان جي ٿورڙي همٿ سان تعليمي ماحول جڙي سگھيٿو اخلاق بلند ٿي سگھن ٿا ۽ تاريخي بهادر۽ غيرتمند پڙهيو لکيو ماڻهوجو تسلسل بحال ٿي سگھي ٿو.
اسان وري بـ اميد رکي پيپلز پارٽيءَ جي اعلى قيادت کي اپيل ٿيون ڪريون تـ پي ايس 126 جي اڳوڻي اميدوار جناب عبدل حڪيم بلوچ صاحب ۽ محترم تاج حيدر صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي، ڪامورن کان سرڪاري حڪمن تي عمل ڪرائي، اٺن ايڪڙن تان قبضو ڇڏائي ڪاليج جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرائين. ڇوتـ فنڊ پڻ جاري ٿيل آهن.
حڪومت ۾ شامل جماعتن جي چڱيءَ شهرت رکندڙن کي پڻ اپيل آهي تـ اهي اسمبليءَ جي فلور تي آواز اٿارين ۽ حڪومتي جماعت کي ڪاليج جي اڏاوت واري نيڪ ڪم لاءِ آماده ڪن.
آسائتيون سنڌ جون نياڻيون