عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
ڇا مرندو ويچارو هاري
مرندو دنيا جو پوڄاري
ڇا مرندو ويچارو هاري
ڪوٺي بنگلو ڪار ڇڏڻ
انهن حسرتن باھ ٻاري
دل ۾ آهن درد هزار
گرده دل روز نئين بيماري
مُئا سون لٿا سور سڀوئي
غربت ۾عمر گذاري ساري
ڊڪندا رهيا هاضمي ڪاڻ
بدهضمي بن ڪم طاري
لذتن ماريو اميرن کي
مرغي، پلاءُ ،نهاري
دل ۾ درد مٿي ۾ سور
غريب جورهي قلب جاري
کڻي بوڇڻ ڪُلهي تي هليا
اولاد بچايو مال جي بازي هاري
عزت آبرو سڀ لُٽجي ويو
دنيا ڪئي اهڙي غداري
ڏاڏل سور سڀ اٿي هليا
مرڻ سان ملي اهڙي بهاري
مرندو دنيا جو پوڄاري
ڇا مرندو ويچارو هاري
ڪوٺي بنگلو ڪار ڇڏڻ
انهن حسرتن باھ ٻاري
دل ۾ آهن درد هزار
گرده دل روز نئين بيماري
مُئا سون لٿا سور سڀوئي
غربت ۾عمر گذاري ساري
ڊڪندا رهيا هاضمي ڪاڻ
بدهضمي بن ڪم طاري
لذتن ماريو اميرن کي
مرغي، پلاءُ ،نهاري
دل ۾ درد مٿي ۾ سور
غريب جورهي قلب جاري
کڻي بوڇڻ ڪُلهي تي هليا
اولاد بچايو مال جي بازي هاري
عزت آبرو سڀ لُٽجي ويو
دنيا ڪئي اهڙي غداري
ڏاڏل سور سڀ اٿي هليا
مرڻ سان ملي اهڙي بهاري
