• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

شمشير الحيدري جو هڪ خوبصورت غزل پيش آهي۔ هي غزل محترم بيدل مسرور ۽ شمن علي ميرالي پڻ ڳايو آهي پر ڪوششن باوجود مونکي ناهي ملي سگهيو۔ ڪنهن دوست وٽ آڊيو يا وڊيو جي صورت ۾ هجي ته اسان سان به ونڊ ڪجو :

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو

تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو

اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو

هڪڙو شمشير هو هزارن ۾
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو

f41sfn.jpg

جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

تمام بهترين ادا سليمان
 
عشق مذاج سان ڀريل هي غزل، منهنجو پسنديده غزل آهي ۔۔۔ سادن ۽ سهڻن لفظن سان خيالن ۽ جذبن جي پيشڪش انتهائي سهڻي آهي ۔۔۔ غزل جو هر بند ڄڻ ته پنهنجي جذبن جي ترجماني محسوس ٿي ٿئي ۔۔۔ سواءِ آخري بند جنهن ۾ هڪڙو شمشير سو به گذاري ويو کان ۔۔۔ رب کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار عطا ڪري ۔۔۔

اهڙا غزل جي هڪ ٻه ٻيا ونڊ ٿيا ته منهنجا حال برا ٿيندا ۽ ويزا لڳي نه لڳي پاڻ کڻائي به اچي سنڌ نڪربو

لک ٿورا دوست وساڻ صاحب
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو

اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو

واه واه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇا ڳالهه ڪجي مٿين لفظن جي بهترين ڊائين ۾ سمايل۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

الله سائين حيدري صاحب جن کي صحتياب ڪري۔ آمين۔
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو

واھ سائين تمام بهترين شاعري جي چونڊ۔۔۔سان گڏ لاجواب ڊزائين۔
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

عشق مذاج سان ڀريل هي غزل، منهنجو پسنديده غزل آهي ۔۔۔ سادن ۽ سهڻن لفظن سان خيالن ۽ جذبن جي پيشڪش انتهائي سهڻي آهي ۔۔۔ غزل جو هر بند ڄڻ ته پنهنجي جذبن جي ترجماني محسوس ٿي ٿئي ۔۔۔ سواءِ آخري بند جنهن ۾ هڪڙو شمشير سو به گذاري ويو کان ۔۔۔ رب کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار عطا ڪري ۔۔۔

اهڙا غزل جي هڪ ٻه ٻيا ونڊ ٿيا ته منهنجا حال برا ٿيندا ۽ ويزا لڳي نه لڳي پاڻ کڻائي به اچي سنڌ نڪربو

لک ٿورا دوست وساڻ صاحب

سائين نثار سلام

تمام بهترين غزل سائين شمشير جو ، ٻولي به سادي استعمال ٿيل پر لفظ اصل قهر جا ، ظالم لڳا پيا آهن۔ الله خير ڪندو اوهان جلد وطن ايندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مبارڪ مهيني ۾ دعائن ۾ ياد ڪجو
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

تمام بهترين ادا سليمان

مهرباني يار علي

پر واهه جو ڪئي اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خير هي سٽون بار بار ياد پي آيون :

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

ساڳيو ڪلام شمن علي ميراليء پڻ ڳايو آهي۔ جيڪو پيش آهي:

جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

ڊزائين ڪيل شاعري جا لفظ هوئن ئي خيالي دنيا ۾ غرق ٿيڻ لاءِ ڪافي هئا ۔۔۔ مٿان لفظن کي ڏسي جيڪا ڊيزائين ادا سليمان بڻائي آهي انهن ۾ شاعري جي لفظ اکين جو فوڪس انتهائي لاجواب انداز سان ڪيو اٿن۔۔۔ شاعري سان ميچ ڪندڙ اکيون ڳولڻ وارو ڪم سليمان ئي ڪري سگهيو ٿي۔۔۔ شمن جا ٻيا گيت ڀلي نه به وڻندا هوندم پر محترم شمشير جي هي شاعري انتهائي لاجواب انداز سان ڳائي اٿن۔۔۔
سائين شمشير جن لاءِ دعائن خاطر اسان جا به هٿ مٿي آهن۔۔۔
 
سائين شمشير لاء دعا آهي ته رب کيس جلد صحتياب ڪري ۔۔۔۔۔۔

شمشير جي هي شاعري وري وري ٻڌڻ جهڙي ۽ پڙهڻ جهڙي آهي۔ سندس شاعري ايڏي ته خوبصورت آهي جو ان جي ڊزئن ڪرڻ وقت مان پريشان رهيس ۽ آخر ۾ اکڙين جو اهو عڪس ۽ سنڌوء جي ڪوٽڙي بيراج وارو عڪس ڏئي ڊزائن ٺاهين۔

سائين بيدل مسرور کي جڏهن فون ڪبو آهي ته سندس موبائل جي ٽون ۾ شمشير جو ڳايل هي ڪالم ٻڌبو آهي۔ پر مون وٽ اهو ڪلام موجود ناهي۔ ڪنهن دوست وٽ هجي ته شيئر ڪري۔
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

نيڻ، حسن، سنڌوء جو ڪنارو، جام امرت، وارن جو واس، سينڌ جي سنوار

ڇا ته شاعري آهي

آخري بند مونکي بيقرار ٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين شمشير الحيدري لاء دعا

زبردست ڊزائن، وقتائتي شيئرنگ
 
مهرباني

شمشير الحيدري صاحب جي شاعري لاجواب ۽ وڻندڙ آهي، جنهن کي ڪنهن ڊزائن جي ضرورت ناهي۔ پر سندس لفظن جي جوڙجڪ ۽ احساس واقعي لاجواب آهن۔
 
جواب: تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو (شمشير الحيدري)

سائين خدا نه ڪري ڪنهن کي انهن چپڙن جي چُوس پوي نه ته مري ته اهو ويو۔
وسلام
 
مونکي خوشي ٿيندي آ جڏهن ڪوبه سنڌي غزل يا ڪلام لکي گوگل تي ڳولهيندو آهيان ته اڳ ۾ ئي سنڌسلامت جا لنڪس اچي ويندا آهن..
اڄ شمشير جي هن غزل جون آخري سٽون لکي ڳولهيم ته مڪمل غزل اچي پهتو...
 
Back
Top