ڪانگل خط کڻي وڃي شمشير ڪٿي آهي؟ حفيظ ڪنڀر [JUSTIFY] تون به ڪراچي ۾ هئين، آئون به ڪراچي ۾ هئس، شمشير سان ملڻ جو ڪئين ڀيرا پروگرام ٺاهيوسون، پر پاڻ ٻئي شمشير سان نه ملي سگهياسون ۽ شمشير اسي سالن جي عمر ۾ ڪراچي ڇڏي اسلام آباد جي، G-11/3 (جي-يارهن-ٿري) منتقل ٿي ويو. ان رات فون تي ڳالهايم، کيس چيم ته تنهنجي اسلام آباد وڃڻ تي مون کي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سنڌ مان روانگي پئي ياد اچي، تون موٽي اچ. هتي حيدرآباد جي دوستن سان ملون، هتي رهون، پوءِ ڪجهه ڏينهن بدين گهمڻ هلون. چرچا گهٻا ڪياسون، کلياسون، طبيعت جو حال ٻڌائيندي چيائين ته نظر وهي رهي آهي، لکڻ پڙهڻ کان وهي رهيو آهيان. گهڙي کن لاءِ هن جي بي نور اکين جو سوچي آئون چپ ٿي ويس. وري کيس کلائڻ لاءِ چيم ته ”شمشير سائين! آئون هن هفتي فوزيه سان گڏجي اکين سميت پنهنجا عضوا اديب رضوي جي وارڊ ۾ Donate پيو ڪريان، ڀلا تون منهنجيون اکيون وٺ“. چيائين، ”يار! هونءَ به منهنجيون اکيون ته اوهان ئي رهيا آهيو، اوهان پيا سنڌ ڏسجو، مون کي پيا ٻڌائجو. منهنجي اکين سنڌ جا ڪئين خوبصورت منظر ڏسي ڇڏيا آهن. ٻه اڍائي مهينا سليم وٽ رهندس، علاج ڪرائيندس، اکيون ٺيڪ ٿي وينديون، پوءِ پيا سنڌ جا سهڻا منظر گڏجي ڏسنداسون...مون سوچيو هن جهوني بڙ ۾ اميدن جي ڇانوَ واقعي اڃا به گهاٽي آهي. ريما! مون کي ان گهڙي شمشير جي اها حسن بانو به ياد آئي، جيڪا حسن بانو شمشير پنهنجي ڪچڙي وهيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪولهين جا راسوڙا، ڀڄن، ست سنگ ۽ سِکن جا ڌرمي گيت ٻڌندي ٻڌندي پنهنجي تصور ۾ جوڙي رکي هئي ۽ شمشير پنهنجي خيالي ڪل جي گهوڙي تي چڙهي سمنڊن تان اڏامندو، ان رنگن ڀريءَ، انڊلٺيءَ حسن بانو وٽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا وڃي پهچندو هو، جنهن حسن بانو لاءِ شمشير لکيو. مدتن کانپوءِ ڪڏهن اوچتو شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاهزادي زندگي جي حسن بانو وقت جي اڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر ترقي پسند ادب جي بنيادي سرواڻ ٽيم جي تخليقي حصي جو شمشير شايد آخري کاهوڙي آهي، جنهن جي اميد اڃا ناهي ٿڪي ۽ هن جي بي نور اکين کي سنڌ تي اڃان ڪنهن صبح جو انتظار آهي! ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم اهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾ هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي (شمشير) شمشير ۽ گهڻ رخو شمشير، سنڌ جي تخليقي توڙي تحقيقي محاذ تي بيٺل اهو ليکڪ رهيو آهي، جنهن سورن ورتل سنڌ اڳيان هڪ روايتي اديب طور نه پنهنجي حساسيت جو پڙهو ڏنو، نه ڪڏهن پنهنجي پڙهندڙن تي ڏات جو رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن بار بار خود کي قلمي ڪارڪن قرار ڏنو ۽ ڏانءَ جي ڳالهه تي زور ڏنو ۽ ان سڌي ڳالهه ڪرڻ باوجود سنڌ کي شمشير جي تخليقڪار هجڻ تي هڪ گهڙي به شڪ نه پيو. هو ذهين ليکڪ آهي. هن به هر ذهين ليکڪ وانگر پنهنجي ڪم کي گهڻو نه سهيڙيو، جيئن شمشير خود کي معاشي طور سهيڙي ٺاهي نه سگهيو. (۽ ان ڳالهه تي اسان کي فخر آهي) شمشير وٽ ادب تخليق جو نالو ئي رهيو، هن وٽ ادب مئنجمينٽ سائنس جو سبجيڪٽ نه هو، نه ته سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا اديب شاعر آهن، جن کي ادب طرف هجڻ ئي نه گهربو هو. انهن ادب کي تخليق ۽ ذميواري بجاءِ Management سمجهيو. اهي اديب گهٽ، ادبي Managers وڌيڪ آهن. اهي Managers هڙان وڙان خرچ ڪن ٿا، ساڳي Quality جا هجڻ ڪري هڪ ٻئي کي سهارو ڏيڻ لاءِ نيٽ ورڪس ۾ رهن ٿا. ادبي مئگزينن سان سهڪار ڪري انهن تي ٽائيٽل فوٽا ڇپرائن ٿا، راڳين جي مالي ساهتا ڪندي اهي پنهنجي شاعري ڳارائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا. ڪيترائي ڪشٽ ڪشالا ڪڍي ادبي وفدن ۾ شامل ٿي ادب ۽ فن جي نمائندگي به ڪن ٿا. هاڻ ته سوشل ميڊيا جي فيس بوڪ واري حصي وڏي سهولت ڪري ڏني آهي. اديب، پوءِ رهنما اديب، ڪي قومي اديب ته ڪي استاد اديب، پر شمشير ان ادب جي خود ساخته جهان جي حصي کان پري ڪارڪن طور ادب جي ميدان تي رهيو ۽ هن گهٽ ۾ گهٽ ڄمار جا سٺ سال ادب کي ارپيا. شمشير ادب جي جهان ۾ ڪارڪن ٿي رهڻ شايد ان ڪري چاهيو هجي جو کيس هڪ ذميوار تخليقڪار جيان اهو احساس هو ته ادب مقابلي بازي ۽ رهنما ٿيڻ جي ڊوڙ نه پر لکڻ ۽ لکڻ، لکڻ جي مشق ذريعي سٺي کان سٺي لکڻ طرف وڃڻ جو نالو آهي. لڳي ٿو ته شمشير اها حقيقت آڳاٽو سمجهي ويو هو ته ڪڏهن ڪڏهن رهنمائي خود کي ۽ پويان ايندڙ قافلي کي به اوجهڙ ۾ اڇلي سگهي ٿي. ريما! توکي شمشير جي شاعري ۾ رهنمائن کان هوشيار رهڻ جي بار بار صدا ٻڌڻ ۾ ايندي. سنڌ جي نئين نسل کي اسان جي سينئر نسل پڪ سان اهو ڪو نه ٻڌايو هوندو ته شمشير سنڌي شاعري ۾ آزاد نظم جي بچاءَ جو شروعاتي وڪيل هو. جڏهن آزاد نظم بابت سنڌي ادبي ميدان تي بحث ڇڙي پيا هئا، روايتي ۽ تقليدي ليکڪن شاعري جي ان صنف کي به ڪفر يا ڪافراڻي صنف جو ٺپو هڻي ڇڏيو هو ته شمشير 1964ع ۾ ”سنڌي آزاد نظم ۽ ان جو مستقبل“ لکي انهن اديبن کي دونڌاڙيو هو ۽ اهو ساڳيو مواد ڊگهي عرصي کانپوءِ ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ جي عنوان هيٺ ڪتابي شڪل ۾ ماڻهن جي هٿن تائين پهتو هو. هي مختصر ڪتاب آئون چوان ٿو ته سنڌ ۾، هر ادب جي هر شاگرد کي وري وري پڙهڻ گهرجي. ريما! توکي خبر آهي ته اسان ٻارڙن لاءِ نه لکي ڄڻ وڏا اديب ٿا ٿي وڃون، ٻارن لاءِ لکڻ کي اسان پنهنجي ادبي انا جو مسئلو بنايو هجي يا نه، پر نه لکڻ لاءِ اسان ڪيتريون ئي تشريحون ۽ تاويلون ٿا پيش ڪريون. اسان ٻارن لاءِ لکڻ کي ٻارن جو ڪم ئي ٿا سمجهون، ٻارن کي اسان ٻاراڻو ادب پڙهڻ ڪٿي ٿا ڏيون؟ نه کين ٻاراڻو ادب پڙهڻ ٿا ڏيون، نه انهن لاءِ لکون ٿا. پر پنهنجي شمشير سائين ٻاراڻي ادب ۾ گهڻو Contribute ڪيو. شايد ڪيترن کي خبر نه هجي ته شمشير سنڌ جي ٻارڙن کي سونل ٻائي، مائي ملوڪان مٽڪي واري، ڦيٿي جو گيت جهڙيون منظوم ڪهاڻيون ڏنيون. نه فقط اهو، پر ٻارن کي تاريخي ۽ سائنسي معلومات پڻ ڏنائين. شمشير جو ڪيترو ئي ادبي ڪم آهي، جيڪو سهيڙجڻ کان رهجي ويو آهي. ريما! جڏهن پاڻ هنن خطن ذريعي ادبي بورڊ طرفان وڏي خرچ واري لوڪ ادب جي پروجيڪٽ تحت سهيڙيل، ڇپيل ڪتابن جي اکيل ڪئي ته سرڪاري، ڪامورائي اديبن ٻيگهي مچائي ڏني هئي. (اڃان به ڪجهه ڪتاب هٿ ڪيا آهن، سي توکي موڪلي ٿو ڏيان). اصل ۾ ڦٿڪي ۾ ورتل، ادب تي انڪروچمينٽ ڪري ويٺل انهن صاحبن کي خبر نه هئي ته پاڻ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي هئي، لوڪ ادب جي قصن جي نالي ۾ ڇا ڪيو ويو آهي!؟ جيڪي ڪجهه ڪيو ويو آهي، ان کي ته شمشير صاحب به ”لُڙ“ ٿو چوي. شمشير کي جيڪا مزاح ۽ طنز جي ونڊ مليل آهي، اها ورڇ سنڌ ۾ تمام ٿورن ليکڪن کي نصيب ٿي آهي. هن جي ڪالمن جا عنوان ئي چهري تي هلڪي هلڪي مرڪ آڻي وجهندا هئا. مثال، ”ڦلترو جو ڪالم“ ۽ شمشير جون مشهور پيروڊيز ڪامياب پيروڊيز ٿينديون ئي مشهور ڪلام يا شعر جون آهن. ”ڀت وڏو ڏهاري آ“ يا ”مان ڏوئي هان، مان ڏوئي هان!، مون ڪيئي ڀت رڌا آهن.“ اياز جي شعرن تي اهي مرڪائيندڙ، خوبصورت پيروڊيز ڪنهن کي ياد ناهن!؟ شمشير جي شاعرانه طنزيه ڪاٽ ڪمال جي رهي آهي. سدائين پياڪن جي پاسي رهندڙ شمشير جڏهن مئڪدي ۾ پنهنجي فڪري رقيب تي چوٽ ڪري ٿو توبهن ڪرايو ڇڏي. شمشير جي گذريل زندگي ۽ زندگي جو هي حصو پنهنجي نئين نسل لاءِ وڏي Inspiration ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هن جو ڇپيل ڪم تسلسل سان هڪ هنڌ اچي ۽ نئين نسل کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ شمشير جهڙا ٿورائي اديب آهن، جن جو مڻڪو ٽُٽِي ته سگهي ٿو، پر ڪنڌ جهڪي نٿو سگهي ۽ اهي ادبي ڪردار رحمت ماڃوٺي جي ڪهاڻي ”مڻڪو“ جي ڪردار وانگر جيڪي ادب جي ٿيئٽر ۾ بلڪل ڇيڙي جا ڪردار ٿا لڳن. شمشير بظاهر فقيري رنگ ۾ پاڻ کي ائين رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سنڌي ادب جي ٿيئٽر جو مک کان مک ڪردار آهي. هن جي ڪنڌ جيان هن جو قلم ڪٿي به جهڪيو ناهي. دنيا تنهن کي نيچ نوائي، جيڪو خود ئي ڪنڌ جهڪائي ان جي داسي دنيا آهي، جيڪو حڪم هلائي تون ڀي حڪم هلاءِ نادان، دنيا تنهنجي آهي (شمشير) ضيائي خوني مارشل لا، جنهن جي بربريت کي سنڌي ادب ذري گهٽ آزاد ڪري ڇڏيو هو، سنڌ جا ڪيترائي وڏا ناليرا اديب ڀٽي دشمني ۾ ضياءَ کي آمر لکڻ لاءِ نه تڏهن تيار هئا، نه اڄ تيار آهن، انهيءَ ضيائي دور ۾ شمشير اخباري ايڊيٽوريلن ذريعي ظلم جي رات کي رات چوندو رهيو. ان ئي دور ۾ شمشير جي هٿن مان جوئي صاحب جي سرپرستي هيٺ هفتيوار ”هدايت“ جهڙو شاندار مئگزين نڪتو، جن ڪيترن ئي سائنسي، سماجي ۽ ترقي پسند ذهنن جي اڃ اجهائي پئي. شمشير جنهن اڻ ٿڪائي ۽ اورچائي ۽ فقيراڻي مزاج سان ادب سان خود کي سلهاڙي رکيو، تنهن سدائين پنهنجي قلم ذريعي نئون چارڻ ٿيڻ گهريو. پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون، جيئن شال، ڪر ڪي جيارڻ جون ڳالهيون ڪٿي آهي شمشير جو چنگ چوري، زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون جڏهن شمشير مون کي ٻڌايو ته نظر هلي وئي آهي ته مون کي سندس ئي سٽون ياد آيون. گهڙي کن لاءِ هانءُ کي جهٻو آيو، جيءُ جهريو، پوءِ بي نور شمشير جي پراعتماد ذات تي رشڪ به آيو. هن جي اندر اڃان ڪي روشنيون آهن. انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: شمشير ڪٿي آهي؟ حفيظ ڪنڀر جو هي ليک مون لاءِ ته ڪجهه اکين جو پاڻي ۽ ڪجهه مسڪراهٽ جو سبب پڻ ٿيو ۔۔۔ شمشير جي زندگيءَ جا هزارين داستان آهن ۽ اڃان ڪٿي ڳالهه آهي ۔۔۔؟؟؟ هي سادو سهڻو انسان سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌين جي درن تي سين هڻندو رهيو آهي انڪري سنڌي ادبي کيتر جا سڀ سڄڻ جيڪڏهن کيس ڀيٽا ڏيڻ شروع ڪندا ته هوند ڪئي ڪتاب ڀرجي ويندا ۔۔۔ جتان به لنگهيو داستان ڇڏيندو ويو ۔۔۔ انڪري هر اديب دوست وٽ سندس حوال نرالا ملندا ۔۔۔ خئير ٻيو ڪجهه هجي نه هجي هي نظم پڪ سان ئي سائينءَ پنهنجي خان صاحب لاءِ چيو هوندو ۔۔۔ ( خان صاحب معني منهنجي امڙ سڳوري ۽ سائينءَ جي ساٿياڻي آهي جنهنکي سائين خان صاحب ڪري پڪاريندو آهي؛) مدتن کانپوءِ ڪڏهن اوچتو شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاهزادي زندگي جي حسن بانو وقت جي اڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر
جواب: شمشير ڪٿي آهي؟ مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهندو آهيان جڏهن کان محترم شمشير الحيدري جن سان ملاقات ٿي هيم۔۔۔ پوءِ هڪ نه پر ٻه دفعا ۽ ٽي دفعا ملاقات ٿي چڪي آهي۔۔۔ پهرين ملاقات جي مقابلي ۾ ٻين ملاقاتن ۾ پهرين کان ڪمزور ته لڳندا رهيا پر سندن حوصلو هجي يا ڳالهائڻ جو انداز هر دفعي اڃان وڌيڪ بهتر مليو۔۔۔ سندن جذبا ۽ احساس ڪڏهن به عمر جي گذرڻ جو احساس نه ڏياريندا رهيا پر پنهنجي تجربي ۽ مطالعي ڪري هر دفعي وڌيڪ جاندار رهيا آهن۔۔۔ سندن جي گفتگو چاهي سليمان وساڻ سان ٿي هجي يا حفيظ ڪنڀر سان پر سندن ادا ڪيل لفظ ٻڌي حيرت ٿيندي آهي ته جسماني طور ايترو ضعيف انسان ۾ مايوسي ڪوهين پري ۽ اميدون سندن بي نور اکين ۾ ڪيڏو نه چمڪندڙ نظر اينديون آهن۔۔۔ اسان جيڪي پنهنجي مڪمل جسماني توانائي سان پر حالات کان مايوس جڏهن سندن ڪچهري ۾ ويهندا آهيون ته سندن گفتار پنهنجي طبيعت ۾ حيران ڪن تبديلي آڻي ڇڏيندي آهي۔۔۔ دعا آهي ته سندائين آباد ۽ شاد رهن ۔۔۔ رب پاڪ کين دائمي تندرستي عطا فرمائي۔۔۔