• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گاڏي مٿي ڇو ٿي اُٿي؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ٽريفڪ سپاهي رستي سان هڪ گاڏي ايندي ڏٺي، حيرت جي ڳالهه ته اها گاڏي وقفي وقفي سان روڊ کان مٿي پئي اُٿي.. روڊ تي نه ڪو جهاڪو نه ڪو کڏو۔۔۔ اهو ڏسي سپاهي پريشان ٿي ويو۔
اهو ڏسي ٽريفڪ سپاهي ان گاڏي کي روڪيو، سپاهي ڏٺو ته هڪ تمام موٽو شخص اها گاڏي هلائي پيو
سپاهي چيو: هر هر گاڏي مٿي ڇو ٿي اُٿي؟؟ ڪار ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟
ڊرائيور چيو: سائين ڪار ۾ ڪا خرابي ناهي، دراصل مون کي هر هر هڏڪي پئي ٿي لڳي..

:rofl::rofl::rofl::rofl::rofl:

tumblr_lg5hskUpwL1qh00ago1_400.jpg


5078845990_b93f33890e.jpg
 
جواب: گاڏي مٿي ڇو ٿي اُٿي؟؟

واه سائين واه، ادا ان همراه کي ڪار نه پر ٽرڪ ۾ ويهڻ گهرجي ۽ اميد ته اوهان اهاصلاح ضرور
ڏيندوس۔ مهرباني ۔
 
جواب: گاڏي مٿي ڇو ٿي اُٿي؟؟

واه سائين واه، ادا ان همراه کي ڪار نه پر ٽرڪ ۾ ويهڻ گهرجي ۽ اميد ته اوهان اهاصلاح ضرور
ڏيندوس۔ مهرباني ۔

سائين جهڙي طرح سان ڪار کيس برداشت ڪيو ويٺي آهي لڳي ٿو ته ڪار ۾ ٽرڪ جي نه پر جهاز جي انجڻ لڳل آهي۔۔۔ هههههههه
 
جواب: گاڏي مٿي ڇو ٿي اُٿي؟؟

ٿلها ماڻهون استحصالي هوندا آهن ۔۔۔ هر جاءِ تي آزار ۔۔۔۔

هڪ ٿلهو ماڻهون قطار ۾ بيٺو هو ۔۔۔۔
اڳيان بيٺل ماڻهون کيس رڙ ڪري چيو، اڙي ٿلها ڌڪا ڇو ٿو ڏئين
ٿلهي ماڻهون وراڻيون؛ يار! ساه به نه کڻان ڇا؟

سو ادا انهن ٿلهن ماڻهن جو ساهه کڻڻ به آزار هوندو آهي ۔۔۔ هڪ دفعي آءُ مني بس ۾ سوار ٿيس، هڪ سيٽ خالي هئي آءُ وڃي ويٺس، ٿوري دير اڳيان اسٽاپ تان هڪ ٿلهو چڙهيو ۽ اچي ان ساڳي سيٽ تي ويٺو، ابا بس نه پڇو ، آءُ سندس پويان لڪي ويس ۽ همراه منهنجي مٿان ڇائنجي ويو، ساهه پئي منجهيو، خئير اڳتي هلي آءُ سيٽ تان اٿي بيٺس ۽ هن آرام سان ويٺي سفر ڪيو ۔۔۔ الامان
 
Back
Top