• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي وفا ڏس ڇا ڪيان؟

ياد تنهنجي ٿي روئاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان
هيانءَ منهنجي کي ٿي ڳاري بي وفا ڏس ڇا ڪيان؟

هر طرف تنهنجون نشانيون مون اڳيان وکريل آهن!

بس تڪيان ٿو لڙڪ هاري، ٻيو ڀلا ڏس ڇا ڪيان؟

زندگيءَ جا رنگ سارا پاڻ سان گڏ وئيڻ کڻي

منٿ توکي، ميڙ توکي، آءَ واپس ڇا ڪيان؟

آ جدائي سور اهڙو، زندگي ناسور ٿي

تو سواءِ، آئون زنده لاش آن بس ڇا ڪيان؟

آ ڏکيو درويش ڏاڍو لفظ ڇا نروار ڪن؟

تون اچين يا موت ماري، آهيان بي ڪس ڇا ڪيان.

عمران درويش سومرو


fram123-copy.jpg
 
جواب: بي وفا ڏس ڇا ڪيان؟

عمران سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ لاجواب چترڪار به آھي۔۔۔سائين جن جي ھي تخليق به ھميشه جيان شاندار۔۔۔۔لاجواب آھي۔

زندگيءَ جا رنگ سارا پاڻ سان گڏ وئيڻ کڻي
منٿ توکي، ميڙ توکي، آءَ واپس ڇا ڪيان؟
 
Back
Top