• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڏل بي رونق زندگي جي اها ترجماني

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ڏاڏل بي رونق زندگي جي اها ترجماني

قلبي سڪون جو مطابدل ناهي سڪونِ جسماني
جسماني سڪون حيواني قلبي سڪون انساني

يورپ کان اٿي انڌهاري آزادي جي ناءُ تي
ڏسو ناهي رهي اتي زندگي ڪا خانداني

روح جي جاءِ تي جسم عفت جي جاءِ تي شهوت
ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي تنهائي و پريشاني

جذبهءِ ايثار، مروت ۔ عزت و آبرو
اصول ناهن هتي ڪي ڪير ڪندو قرباني

جنسي بي راه روي جا هي آهن اثرات
ٽينهن سالن ۾ هتي ختم ٿئي ٿي جواني

ماءُڌي پيءُ پُٽ ڀيڻ ڀائرن جا رشتا
هڪ ٻئي کان بي خبر زندگي گذري مشيني

چئن ڏينهن جي چاهت پوءِ انڌيري رات
ڏاڏل بي رونق زندگي جي اها ترجماني

 
Back
Top