دردن جا قافلا

عرس پريو

سينيئر رڪن
فهميده شرف بلوچ
سپنا سڄي حياتيءَ جا سڏ ڪندا رهيا هن،
سسئيءَ جيان پهاڙن ۾ ڀٽڪندا رهيا هن.

تون ويندي ويندي سَرتا! جي مون کي ڏئي ويو هين،
زخمن جا ڦول من ۾ سي مهڪندا رهيا هن.

اکڙين جي اڀ ۾ اڄ، يادن جي چنڊ سان گڏ،
لڙڪن جا ڪيئي تارا ڄڻ چمڪندا رهيا هن.

ڪنڊا ٿي هر نظر ۾ هلجان سکي! تون سچي
هر وک تي پاند پوتين جا اٽڪندا رهيا هن.

پاڇي جيان هميشه پويان وتن ٿا جيڪي،
دردن جا قافلا سي سڀ مرڪندا رهيا هن.
 
Back
Top