هي حيرت انگيز موٽر بائيڪ جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ ڪنهن سائنس فڪشن فلم جو تصوراتي حصو معلوم ٿي رهي آهي پر خونخوار ڊريگن جهڙي هي موٽر بائيڪ مختلف اسپيئر پارٽس کي گڏائي تيار ڪئي وئي آهي۔۔۔۔
بينڪاڪ جي هڪ آرٽسٽ هن مشين نما بائيڪ کي مختلف پراڻين ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي پرزن سان اهڙي طرح تيار ڪيو جو هي بائيڪ ڪنهن خلائي دنيا جي مشين لڳي رهي آهي۔۔۔
27 جوالائي 2011 تي هي مانسٽر مشين مڪمل تيار ٿيندڙ هن مشين کي تياري ۾ ڪيترائي مهينا صرف ڪيا ويا۔۔۔
موٽر سائيڪل جي تياري ۾ سڀ کان مشڪل مرحلو انهن مختلف حسن کي گڏ ڪري جوڙڻ هيو جيڪي مختلف پراڻين ڪارن ۽ موٽر سائيڪلس تان حاصل ڪيا ويا هئا۔۔۔ ان سلسلي ۾ گروجنا نالي موٽر بائيڪ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته اهي پرزا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏ ڪيا ويا آهن۔۔