• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
عزيزو۔۔!
ھي مسئلو ڪو وڏو مسئلو نه آھي۔۔۔پر دماغ جا بڪَل ڪم ڪون پيا ڪن :hitwall:
مسئلو ھي آھي ته مان نئين ونڊو ڪرڻ کان بعد آ ڊي ايم ڊائونلوڊر انسٽال ڪيو پر انسٽال ڪرڻ جي باوجود به آ ڊي ايم فعال مطلب ڪم نه ٿو ڪري۔
آ ڊي ۾ ڪنھن به وڊيو ھلائڻ دوران مٿان نانگ وانگي جيڪا منڍي ڪنڍندو ھو، يا ڪنھن به سافٽوير وغيره کي ڊائونلوڊ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ھي آ ڊي ايم اچي ويندو ھو سا ھاڻي ڪون ٿو اچي مان بار بار ڪوشش ڪئي آھي۔۔۔۔۔۔ڳالھ ڳاٽي کان چڙھي وئي۔۔۔۔تڏھن اچي ھتي سھڪندا پھتا آھيون۔
 
جواب: ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔

يار عاشق ٿورڙو ساه پٽ، چانهن پاڻي پي، ٿاڌل وغيره تيار ڪرايون ٿا ۔۔۔ گرمي آهي گهڻي ۔۔۔ مٿان رمضان جو مهينو آهي ۔۔۔ بس اجهو ڪو نه ڪو جادوگر، فقير يا وري مست اچي نڪتو ته تنهنجو ڪم ٿي ويندو ۔۔۔ بس تون کٽ وجهي اوطاق تي سمهي رهه، ٻاهر حالتون خراب آهن ۔۔۔

آ بس ٿاڌل جو بندوبست ڪري اچانٿو ۔۔۔ وڃجان نه ۔۔۔
 
:yahoo: :yahoo: آسرو ڏيڻ وارو اسان جو سائين ھجي ته پو اسان اوطاق جي کٽ تي ويٺا خوشي ۾ ٽپ ڏينداسين۔۔۔۔۔ڏسجي ته ڪڏھن ٿي مالڪي ٿئي۔۔۔۔اوھان ٿاڌل تيار ڪريو۔۔۔۔پر ھتي موسم ايڏي گرم نه آھي۔۔۔۔مارشلا جي چپٽي وجھجوس سائين۔۔۔۔۔۔:dancinglock:
 
جواب: ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔

ادا عاشق توهان ڪهڙو برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ ٽولز مينو ۾ چيڪ ڪري ڏسو ته ان برائوزر کي فعال رکيو ويو آهي يا نه۔۔۔
اهو ڏسڻ لاءِ ته توهان جو سڀ کان پهريان برائوزر جي Downloads مينو تي ڪلڪ ڪري Options سليڪٽ ڪريو۔۔۔

3928977300_74dd9bc904_o.png

هاڻي جنرل ٽيب تي رهي ڪري ڏسو ته توهان واري برائوزر تي ٽڪ لڳل آهي۔۔۔ ؟ جي نه ته اتي موجود Use Advanced Browser Integration اختيار تي ڪلڪ ڪريو۔۔ ۽ Ok پرس ڪريو۔۔۔ ا

3928195029_1a09278d2a_o.png

ائين ڪرڻ سان توهان کي سسٽم ري سٽارٽ ڪرڻ جو چيو ويندو۔۔۔

3928195053_d70995f58a_o.png

پنهنجي جاري ڪم کي محفوظ رکو ۽ سسٽم کي ري سٽار ٽ ڪريو۔۔

3928195103_bf627dcd86_o.png

هاڻي ڪوبه برائوزر کولڻ کان اڳ هڪ دفعو ٻيهر آئي ڊي ايم جي ڊائونلوڊ مينيجر تي اچو ۔۔ هن دفعي توهان جي برائوزرس تي چيڪ لڳل هوندا پر جيڪڏهن توهان جي پسند جو برائوزر يعني گوگل ڪروم لسٽ ۾ شامل نه هجي ته توهان Detect new applications that try to download files from internet تي چيڪ لڳايو۔۔۔

3928195453_7c8a6c75e3_o.png

هن دفعي توهان کي سسٽم بجائي آئي ڊي ايم کي ريسٽارٽ ڪرڻ جو چيو ويندو۔۔۔ جنهن کي سسٽم ٽري مان پڻ بند ڪرڻو پوندو۔۔۔

3928977822_c4ed5d57b9_o.png

هن دفعي جڏهن توهان آئي ڊي ايم کي ريسٽارٽ ڪري کوليندو ته گوگل ڪروم سميت توهان جا سمورا برائوزر آئي ڊي ايم ۾ شامل ڪيا ويندا۔۔۔ ۽ پنهنجي پسند جي سائيٽ تي وڃي آئي ڊي ايم مان فائدو حاصل ڪري سگهندا۔۔۔

3928195551_a5bfcfedfb_o.png
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

ادا عاشق ڏيو ته خبر جادوگر صاحب باقاعده تفصيل سان سڀ جو ڀلو ڪري ويا آهن، ڌڻي سندن به ڀلو ڪري۔
 
محترم سائين تمام بهترين ۽ سولي نموني سان سمجھايو آھي اوھان۔۔۔۔اوھان جي مھرباني۔
منهنجو مسئلو حل ٿي ويو۔۔۔۔:yahoo:
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

يار عاشق شابس اٿئي جو اوهان سوال ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مان ته اهو سمجهندو هئس ته شايد آئي ڊي ايم صرف انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي سپورٽ ٿو ڪري۔ تنهنڪري فائل ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء اها لنڪ ايڪسپلورر ۾ کوليندو هوس۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هاڻ ڪم آسان ٿي ويو۔

رشيد جون مهربانيون پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته مان ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ اڃان اهو ئي ڄٽ آهيان ۔۔۔۔۔۔ اصل ڪم لٿا پيا آهن۔
 
واھ سائين واھ۔۔۔شابس اٿوَ رشيد صاحب جي جي سنڱت ۾ رھي ڪري به اوھان ڪمپيوٽر جي معاملي ڪجھ نه ڄاڻو ته يقينن وڏي ڳالھ آھي۔
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

يار عاشق شابس اٿئي جو اوهان سوال ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مان ته اهو سمجهندو هئس ته شايد آئي ڊي ايم صرف انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي سپورٽ ٿو ڪري۔ تنهنڪري فائل ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء اها لنڪ ايڪسپلورر ۾ کوليندو هوس۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هاڻ ڪم آسان ٿي ويو۔

رشيد جون مهربانيون پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته مان ڪمپيوٽر جي معاملي ۾ اڃان اهو ئي ڄٽ آهيان ۔۔۔۔۔۔ اصل ڪم لٿا پيا آهن۔
سائين عبدالرشيد جن رشيد آهن سندن نالو جادوگر ائين ئي ته نه رکيو ويو آهي آخر ڪا ته جادوئي ٽيڪنڪ هوندي جنهن جي بنياد تي دوست کين انهي نالي سان سڏيندا آهن ۽ اهڙيون ٽيڪنڪس ڏسڻ کان پوء مڃڻو ئي پوندو ته واقعي جادوگر بڙا جادوگر هي۔
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

ادا رشيد گوگل ڪروم ۾ آئي ڊي ايم نه ٿو هلي ڇو ڀلا؟
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

توهان مٿين ٽرڪ آزمائي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي آزمائي آهي ۽ پوءِ به نه ٿو هلي ته ممڪن آهي ته توهان گوگل ڪروم جو ليٽيسٽ ورجن هلائيندا هجو جيڪو آئي ڊي ايم جي پراڻي ورجن سان ڪمپيٽيبل نه هجي۔۔۔ ان لاءِ توهان آئي ڊي ايم جو ليٽيسٽ ورجن ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

ادا هي رجسٽرڊ (يا ڪريڪڊ) آهي يا ٽرائيل ورجن آهي؟۔ جي ٽرائيل ورجن آهي ته پوءِ ڇڏي ڏجيس ڇو ته اهو پوءِ پي سي مان ڪڍڻ ئي عذاب هوندو آهي۔
 
جواب: انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جو ھڪ عام ننڍڙو مسئلو۔..

ادا رشيد اهو نانگ نه ٿو اچي باقي آئي ڊي ايم صحيح ڪم ڪري پيو۔ انهي نانگ لاءِ اوهان جي ڏسيل طريقي تي عمل ڪيم پر ڪجه اهڙي صورتِحال آهي۔

keyfs3.jpg
 
Back
Top