اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، جهجهڙ ۾ ڪو ته جهئونڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، ڀلي سيڪويو اوهان پنهنجون ڳڱيل سوچون، مٿان پارو به ڪڙڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، هي يارو معجزو ڪونهي، نظارو نينهن جو آهي، برابر مينهن برسي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، مان پروانو ته ناهيان، آهيان پوپٽ پر، جي گل ڪو شمع بڻجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، نه چئه پٿر، کڻي پٿر به سمجهو پر، اچيو چقمق جي چهٽي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، بٺُيء تي ماٺ بر جي، ٻاٽ ساگر جي، گهٽيء ۾ گيت گونجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، بخاري باهه نا هيان، باغ آهيان پر، اُلا ٿي واءُ وچڙي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، بخاري
جواب: اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو۔ مان پروانو ته ناهيان، آهيان پوپٽ پر، جي گل ڪو شمع بڻجي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، شاعر جي لفظن تي غور ڪرڻ سان هڪ ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته قصور شمع جو آهي جو جڏهن گل جهڙي نازڪ ۽ خوبصورت شي شمع بڻجي ٿي ته پوپٽ جهڙو معشوق به عاشق ۽ پروانو بڻجي وڃي ٿو۔۔۔
جواب: اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو۔ سائين اوهان جي زندگي جي ان رخ جي به وضاحت ٿي وئي، مطلب ته هر فن مولا آهيو، واه واه۔
جواب: اوهان سمجهو ٿا چمڪي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو۔ بخاري باهه ناهيان، باغ آهيان پر، اُلا ٿي واءُ وچڙي ٿو، مان ڀڙڪان ٿو، استاد جي غضب جي شاعري ۽ عرس جي لاجواب چونڊ هميشه وانگر استاد جي شاعريء جي ديواني جي سهڻي شيئرنگ