لفظن جا کيڏاري ماڻهون

رضا صديق

سينيئر رڪن
غزل

لفظن جا کيڏاري ماڻهون
جذبن جا واپاري ماڻهون

جرم وفا آهي پو يارو
مان ته وڏو ڏوهاري ماڻهون

ڪو سمجهائي ڇو ته ٿيو آ
ماڻهون جواڄ ماري ماڻهون

سچ کي جيڪو ڪونه لکي ٿو
آهي سو درٻاري ماڻهون

نانءُ خدا جوآهي ”رضا“وٽ
تنهنجا سڀ ساٿاري ماڻهون
شاعر رضا صديق کيبرائي​
.
 
جواب: لفظن جا کيڏاري ماڻهون

لفظن جا کيڏاري ماڻهون
جذبن جا واپاري ماڻهون


بلڪل سچي ۽ معاشري جي ترجماني ڪندڙ شاعري آهي۔
 
Back
Top