اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا۔

Moazam Ali

سينيئر رڪن
نظم

“ اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا “

نه اظهار نه ملڻ نڪي ڪي نياپا
پري کان جدائي جا ٿيا پئي اشارا
اشارن منجهان نينهن ناتا ٽٽي پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا

نه راهن تان گذرڻ اکين مان نه نڪرڻ
وري خواب ۾ رات توکي ڏسڻ
روح راحت ڏيڻ وارا راڻا رسي ويا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا

ڇا حالت هجر آ منهنجي بڻائي
درد ويتر وڌايو آ تنهنجي جدائي
ياد تنهنجي ۾ آهن ڳوڙها ڳڙي پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا

هيا شيراز توکي جنهن جا سهارا
قرب ۾ سي ئي توکان ڪري ويا ڪنارا
ڪوٽ ڪيڏا قهر جا “وفا“ تي ڪري پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا۔

شيراز “وفا“ نظاماڻي
 
جواب: اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا۔

ڇا حالت هجر آ منهنجي بڻائي
درد ويتر وڌايو آ تنهنجي جدائي
ياد تنهنجي ۾ آهن ڳوڙها ڳڙي پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي پيا


واهه ۔۔۔سٺي شاعري ۔۔۔جذبن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو بهترين انداز
 
Back
Top