مسجد اقصى ۽ مسلم دنيا جي بي حسي

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مسجد اقصى ۽ مسلم دنيا جي بي حسي

    جيڪڏهن اسان بيت المقدس جي بي حرمتي جي حوالي سان ڏسو ته اسرائيل جي دهشتگردي گهڻي پراڻي آهي . اڄ کان 44 سال پهرين يهودين پنهنجي هڪ دوست جي ذريعي مسجد اقصى کي باه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا . ڇاڪاڻ ته مسلمانن شديد احتجاج ڪيو ۽ بعد ۾ اسرائيل عرب جنگ شروع ٿي وئي ۽ اسرائيل اولھ ملڪن جي مدد سان فلسطين تي قبضو ڪري ورتو ، اڄ اهي ئي يهودي بيت المقدس ۾ هڪ رياست قائم ڪري ويٺا آهن . اسرائيلن لکين فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي ۽ اڄ به هنن مٿان ڳوليون هلائي رهيو آهي پر مسلم دنيا ۽ عرب حڪمرانن جي ڪنن تي جونئن به نٿي سرڪي ، مسلم ملڪن جا ليڊر واحد سپر پاور امريڪا کان ايتري قدر ڊنل آهن جو اهي پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي ذميوارين کان به انڪاري ٿي چڪا آهن ۽ هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو بنياد ظلم ، جبر ۽ ڏاڍ تي رکيو ويوآهي ، ان جي مخالفت هن ڪري نه ڪري رهيا آهن جو متان امريڪا ناراض ٿي انهن کي اقتدار کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري . اهو ئي سبب آهي جو ان مقدس سرزمين تي مسلمانن جي لاءِ ڪافي عرصي کان يهودي سندن زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي .ڪو به ٻار ، پوڙهو ، جوان مرد يا عورت محفوظ ڪونهن . هر هڪ کي موت جي منهن ۾ وڌو پيو وڃي .
    اڄ مسجد اقصى جي بي حرمتي جو اهو عالم آهي جو ٻاهر کان آيل مسلمانن کي هتي نماز پڙهڻ جي اجازت ڪونهي ۽ جڏهن عيسائي ۽ يهودي چاهيندا آهن مسجد ۾ ڪاهجي پوندا آهن . جڏهن مسلمانن جي آذان ايندي آهي ته اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن جنهن سان نمازين ۾ خلل پوندي آهي . فلسطين تي اسرائيل جو قبضو برقرار رکڻ لاءِ امريڪا ۽ برطانيه ۽ روس سان گڏو گڏ سڀئي غير مسلم طاقتون ان جو ساٿ ڏئي رهيون آهن ، پر افسوس جي ڳالھ آهي جو مسلم ملڪن جا سربراه خاموش ٿي تماشو ڏسي رهيا آهن . ان جي مقابلي ۾ نه صرف سڀئي غير مسلم طاقتون اسرائيل جو ساٿ ڏئي رهيون آهن پر ان کي دفائي طور تي ايترو مضبوط ڪري چڪيون آهن جو ڪوبه هڪ عرب ملڪ ان جي خلاف جنگ جو اعلان نٿو ڪري سگهي ، هر ملڪ جي خواهش آهي ته امن ڳالھيون ڪامياب ٿي وڃن چاهي انهن جو قبلو اول ٽوڙي (نعوذ بالله) ڪري ان جي جاءِ تي هيڪل سليماني ئي ڇو نه ٺاهيو وڃي .
    1948 ء ۾ ان علائقي ۾ جنگ شروع ٿي وئي جنهن ۾ اسرائيل 22 فيصد علائقي تي قبضو ڪري ورتو ، جڏهن 1967 ء ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي ته بچيل 22 فيصد تي قبضو ڪري پوري فلسطين تي ڪنٽرول ڪري ورتو ، اسرائيل جا اهي اقدام ايتري قدر خطرناڪ آهن جو اقوامِ متحده هيسيتائين 70 قراردادن ۾ ان جي مذمت ڪري چڪي آهي ۽ انهن قراردادن ۾ امريڪا به اسرائيل جي مذمت ڪئي ،پر ان جي خلاف ڪوبه ايڪشن نه کنيو ويو .
    فلسطين کان نه صرف انهن جي زمين ڦري وئي پر انهن جي مٿان ظلم جي پهاڙ ٽوڙيا ويا ، انساني حقن جا بخيا اڊيڙيا ويا . قيد خانن ۾ رکيو ويو ۽ انهن جو قتل عام ڪيو ويو . جڏهن 1967 ء ۾ اسرائيل ، فلسطين ، مصر ، شام ۽ اردن تي حملا ڪيا ته سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 242 ۽ 337 جي ذريعي اسرائيل جي مذمت ڪئي ۽ ان کي چيو ويو ته فوري طور تي ولاريل عرب علائقا خالي ڪري ، پر اڄ تائين اسرائيل اهي علائقه واپس ناهن ڪيا اسرائيل جي اها بدمعاشي رڳو امريڪا جي ڪري آهي . هر موقعي تي اسرائيل کي بچائي مسلمانن جي قرباني ڏئي ٿو ڇڏي . ان جو سبب اهو آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي يهودي قابض آهن ، هالي وڊ ۽ وال اسٽريٽ تي انهن جو قبضو آهي . حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھ اها آهي امريڪا جو ڪل آبادي 2 فيصد يهودي هن . پر سينٽ ۾ انهن کي 11 سيڪڙو سيٽون حاصل آهن ۽ هاڻي امريڪا جي اهم عهدن تي به يهودي اميدوار اچڻ لڳا آهن .
    مسجد اقصى ۽ بيت المقدس جو معاملو ڏينهنون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي ، امريڪا ۽ اسرائيل ” سلو پوائزنگ“ جي ذريعي پي ايل او جي سربراهن کي قائل ڪري رهيو هي ته هو اسرائيلن سان گڏ امن سان رهن . ان جو مقصد علائقي ۾ امن ڪرڻ نه آهي ، پر جڏهن اسرائيلي رياست کي تسليم ڪيو ويندو ته پوءِ عرب ملڪن جي خلاف باقاعده ڪاروائين جو آغاز ڪيو وندو ان جو مثال ماضي ۾ به ملي ٿو . جيڪڏهن مسلم امت اسرائيل جي خلاف گڏيل ڪاروائي جو فيصلو نه ڪيو ته ان علائقي جي واحد اڻ اعلانيل ايٽمي قوت جي ڪري عرب اسرائيل جون رياستون بنجي سگهن ٿيون . بهتر هي آهي ته عرب ملڪ ان نانگ کي منهن ڏيڻ لاءِ مصلحتن کان ڪم نه وٺن . پر قرآن جي انهن حڪمن تي عمل ڪن ته يهودي نصارى ڪڏهن توهان جا دوست نٿا ٿي سگهن ، جيڪڏهن ان هڪ حڪم تي عمل ڪري گڏيل فيصلو ڪن ته هيءُ ناجائز رياست هڪ ڏينهن به قائم رهي نه سگهندي . ماهنامه ” بيت المقدس“ پنهنجي هڪ شماري جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته عرب جي حالت اها آهي ته اهي انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن آسمان جا دروازه کلندا ۽ الله جي مدد و نصرت ايندي . فلسطين جي تنظيم آزادي ڪٿي آهي؟ ڇا هيءَ آزادي جي لاءِ قائم ٿي هئي يا غلامي ۽ تباهي جي لاءِ ، اها ڪهڙي تنظيم آهي جيڪا فلسطين ۽ ان جي عوام جي جذبات ۽ احساسن کان بي خبر آهي ، ۽ انهن حقن جي ذري برابر به ترجمان نه آهي . پي ايل او 1961 ء ۾ قائم ٿي اسرائيل 1948 ء ۾ فلسطين تي قبضو ڪيو ۽ 1967 ء ۾ پوري مغربي ڪنارو ۽ غزه جي پٽي جا عرب علائقا به هٿن مان ويندا رهيا . ان وقت انهن کي اها مجال ته جو اسرائيل سان 1948ء تي سرحدي حدبندي تي ڳالھ ڪري سگهن . يهودي ڳالھين ٻولھين سان بيت المقدس کي ڇڏڻ تي ڪڏهن به راضي نه ٿيندا ، ياسر عرفات آزاد فلسطين جو رڳو خواب ئي ڏسي سگهيو ، ٻي طرف اسرائيلي وزير اعظم ايهود باراڪ فلسطين کان مطالبو ڪري رهيو هو ته اهي ڳالھين لاءِ نرم رويو اختيار ڪن . جڏهن ته امريڪي صدر ۽ تمام يهودي لابي ان ڳالھ تي متفق هئي ته آئينده امريڪي صدر اسرائيل ۽ ڀارت سان خوشگوار تعلق رکندو . اسرائيلي وزير اعظم بيت المقدس جي مسئلي تي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي پر اسان جا عرب حڪمران امريڪا جا دورا ڪرڻ ۾ پورا آهن ، ڪو به اهڙو حڪمران ڪونهي جيڪو انهن يهودين سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالھائي سگهي ، جنهن جو تازو مثال قاهره (مصر) ۾ ٿيندڙ عرب سربراهي ڪانفرنس هئي . جنهن ۾ ڪل (20) ملڪن جي شهزادن ، صدرن ، شيخن ۽ وزير اعظمن شرڪت ڪئي هئي . پر هي عرب سڳورا هڪ اسرائيل جو ڪجه به بگاڙي نه سگهيا . ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي ائين ڪن ٿا ته امريڪا کين اقتدار کان لاهڻ ۾ دير نٿو ڪري ، پر هماليه جي پهاڙن جيڏو ارادو رکندڙ فلسطيني نوجوان اسرائيلي ، بربريت ، جنونيت ، دهشتگردي ، چالبازي ۽ نام نهاد ” امن ڳالھين“ جي پرواه نه ڪندي گولين ، ٽينڪن ، گولن ۽ گيسن جو جواب پٿرن سان ڏئي رهيا آهن ، ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هنن عظيم فلسطيني مجاهدن کي ڪاميابي ملندي ۽ يهودين جو اسرائيل نيست ۽ نابود ٿيندو ۽ هر طرف امن جو پرچم ڦڙڪندو
    ( انشاءالله )

    ڄوڙيندڙ ؛ افتخار علي چوهاڻ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مسجد اقصى ۽ مسلم دنيا جي بي حسي

    بيتالمقدس اسلام جو پهريون قبلو رهيو آهي، ان جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري ڪعبت الله جي۔ مقدس شهر تي اسرائيلين جو قبضو ۽ وري مسلمانن تي ظلم، جارحيت ۽ بربريت جو ڪو مثال نه ٿو ملي۔ دل روئي ٿي پر عالم اسلام جا حڪومتي سرپرست خاموش آهن، عوامي آواز کي ڪا موٽ ڪانه ٿي ملي۔۔۔۔۔ اهڙي حالتن ۾ مسلمانن جو هڪ ٿيڻ ۽ ٻڌي ڪري حق جو ساٿ ڏيڻ ئي بهترين عمل رهندو۔ ان عمل ذريعي ئي اسان ان ظلم جي خلاف وڙهي سگهون ٿا۔

    اوهان جي سٺي شيئرنگ آهي۔۔۔
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مسجد اقصى ۽ مسلم دنيا جي بي حسي

    مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو