• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومنو ! ماه رمضان آيو

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
مومنو ! ماه رمضان آيو
مهربانين جو اعلان آيو

چو طرف آه رحمت جي ورکا
نور کان مٿي آ ڀرپور دنيا.
هن مهيني ۾قرآن آيو

هر عمل ٿيو ڏهوڻو اجر ۾
ذڪر جاري آ شام سحر ۾
مغفرت لاءِ سامان آيو

ڏينهن جي هر گهڙي ڀلاري
رات هر رات شب قدر واري
رب سائين جو احسان آيو

ٿي ويو موذي شيطان قيدي
آ خطائن جو امڪان قيدي
نيڪ عملن جو ٿي شان آيو

بخشجي ويندا ڏوهاري ماڻهو
جاڳيا رات جي ساري ماڻهو
ڀاڳ وارن جو مهمان آيو

ڪيڏو آهي خطا ڪار ڏوهي
بخشجي ويندو جوهر بروهي
باغ جنت جو فرمان آيو


شاعر ؛ جوهر بروهي
 
جواب: مومنو ! ماه رمضان آيو

بخشجي ويندا ڏوهاري ماڻهو
جاڳيا رات جي ساري ماڻهو
ڀاڳ وارن جو مهمان آيو


سائين چوهاڻ صاحب ۔۔۔ بهترين شيئرنگ

رمضان جي ڀلاري مهيني جي آمد آهي ان جي مناسبت سان جوهر بروهي صاحب جي سٺي شاعري آهي۔
 
Back
Top