افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
ديني مدرسا
اسان لاءِ دلدار ديني مدرسا
محمد(ﷺ) جو گلزار ديني مدرسا
جتي ورد دم دم ڪلام خدا جو
سبق پڻ ملي ٿو ادب ۽ وفا جو
سچائي جو اقرار ديني مدرسا
فقه ، نحو ،صرف تفسير پڙهجي
بخاري ،هدايه ، قطب مير پڙهجي
عقيدن جو ونهوار ديني مدرسا
انهن جو هجڻ آه خيرن ڪثيرا
مدرس مدرسن جا موتي هيرا
جو جذبن سان سرشار ديني مدرسا
مجاهد مفڪر وڏي شان وارا
ٿيا پيدا ايمان عرفان وارا
۽ رحمت جا آثار ديني مدرسا
هي اصحابِ صفه جون قائم نشانيون
خدا پاڪ جون ڏيه تي مهربانيون
اسان لاءِ آڌار ديني مدرسا
اي جوهر بروهي! سدا شاد رهندا
هي اسلامي مرڪز به آباد رهندا
ٿيا نور نروار ديني مدرسا.
شاعر : جوهر بروهي
اسان لاءِ دلدار ديني مدرسا
محمد(ﷺ) جو گلزار ديني مدرسا
جتي ورد دم دم ڪلام خدا جو
سبق پڻ ملي ٿو ادب ۽ وفا جو
سچائي جو اقرار ديني مدرسا
فقه ، نحو ،صرف تفسير پڙهجي
بخاري ،هدايه ، قطب مير پڙهجي
عقيدن جو ونهوار ديني مدرسا
انهن جو هجڻ آه خيرن ڪثيرا
مدرس مدرسن جا موتي هيرا
جو جذبن سان سرشار ديني مدرسا
مجاهد مفڪر وڏي شان وارا
ٿيا پيدا ايمان عرفان وارا
۽ رحمت جا آثار ديني مدرسا
هي اصحابِ صفه جون قائم نشانيون
خدا پاڪ جون ڏيه تي مهربانيون
اسان لاءِ آڌار ديني مدرسا
اي جوهر بروهي! سدا شاد رهندا
هي اسلامي مرڪز به آباد رهندا
ٿيا نور نروار ديني مدرسا.
شاعر : جوهر بروهي