تعصب جو پودو جيڪو بڄ منهنجي سرزمين تي ” عظيم ، محقق ، دانشور ، تاريخ دان ، سياست دان ۽ شاعر رڳو هن ڪري 63 سالن کان پوکيندا آيا آهن ، جئين متان هن ملڪ جي رهواسين کي رنگ ، نسل ، زبان ۽ قبيلن کان مٿان ٿي ڪري هن ملڪ جي تخليق جي سبب يعني اسلام ڏانهن ڏسڻ شروع نه ڪري ڏين . هاڻي هن فصل کي ڪٽڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن ، تاريخ گواھ آهي قوم پرستي جي نالي تي اڄ تائين قتل و غارت جا زهريلا ڪنڊا ۽ نفرت جا ڪوڙن ميون کان سواءِ ڪابه فصل تيار نه ٿي آهي . منهنجي ملڪ جي ڏاهن جنهن ڪتابن ۾ قوم جي تعريف پڙهي رٽو هڻي رکيو آهي ، انهن جي علم کي جڏهن اٻوجه ۽ اڻ پڙهيل پر ايمان جي دولت سان مالامال ڊکڻ کنڊ جا مسلمانن مذهب جي بنيادن تي مملڪت تشڪيل ڏئي شڪست ڏني ته انهن جا حوصلا خطا ٿي ويا .رڳو هنن جي اکين کي نه بلڪه سڄي دنيا کي به پنهنجن اکين تي يقين نه پئي آيو ۽ نه ئي هنن جي ڪنن کي يقين پيو ٿئي . هن ڏينهن يعني 14 آگسٽ 1947 ء کان وٺي اڄ تائين اِهي سبب هن سر زمين تي ، نسل ، رنگ ،زبان ۽ قبيلن جا بڄ ڇٽيندا آيا آهن ، هتي سڀ انسان نه آهن بلڪه چار قومون آهن چار اڪايون آهن ، هنن جو پنهنجو ڪلچر ، ثقافت آهي . رهڻ جا طور طريقه آهن ، انهن مان ڪن کي مظلوم قومون ٻڌايو ٿو وڃي ته ڪن کي ظالم تانته هن مظلوم قومن ۾ قوم پرستي کي هتي ڏني وڃي . شايد انهن دنيا جي تاريخ نه پڙهي آهي يا وري پوءِ هن ڳالھ جو يقين هوئن ته جڏهن هن تعصب جي نالي تي تلوارون اڀيون ٿينديون ، باهيون ڪڍندڙ بندوقون هلنديون ،گهر ساڙيا ويندا ته تڏهن هنن جا گهر محفوظ هوندا ، پر ائين ڪڏهن به ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ڪڏهن تاريخ ۾ ائين ٿيو آهي . مونکي گهڻي پراڻي تاريخ جي حوالن ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ، هاڻي به دنيا ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جنهنن نسلي برتري ۽ قومي تعصب جي خوني جنگيون اکين سان ڏٺيون آهن . يورپ ۾ هڪ زماني ۾ اهڙن ئي عظيم دانشورن چيو ته جنوني مذهبن کان ڇٽڪارو حاصل ڪيو وڃي ، اهي انسانن کي تقسيم ڪن ٿا ، وڙهائڻ ٿا ، هنن جا قوانين انساني زندگين ۾ قيد ۽ بندشون وجهن ٿيون ، مذهبي پيشوا ڪير ٿيندا آهن جو ٺيڪيدار بڻيا ويٺا آهن . ڏوھ چرچ جي پادرين جو هو جو هنن جي روش صحيح نه هئي پر گاريون مذهب کي ڏنيون ويون ، جئين منهنجي ملڪ جا ” بلند پائي “ جا ماڻهو ”نيم ملن“ جي غلطين کي بنياد بڻائي اسلام کي برو ڀلو چوڻ لڳندا آهن . ڇا هن دنيا ۾ سڀ ڊاڪٽر به خراب ۽ نڪما ٿي وڃن ته ميڊيڪل جي علم کي گاريون ڏئي سگهجن ٿيون ، پر اها وهڌڻ رڳو مذهب سان ٿئي ٿي ، جعلي پير کي ڏسي تصوف جي اعلى قدرن جي نفي ڪري ڇڏيو ، ڪو ملان ڪنهن جرم ۾ پڪڙيو وڃي ته سڌو سئنون اسلام کي برو ڀلو چئي ڇڏيو!!! اهو ئي رويو يورپ ۾ ايتري قدر سرائيت ڪري ويو هو جو پوءِ هڪڙي ڏينهن هنن پنهنجي ڪاروباري زندگي مان مذهب کي ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ويو ته اهو انسانن جو ذاتي معاملو آهي ،هن دنيا کي ٺاهڻ وارو ڪير ٿيندو آهي جو اسان کي ٻڌائي ته اسين پنهنجي زندگي ڪئين گذاريون (العياذ بالله) اسين پاڻ اصول ٺاهينداسين ۽ جڏهن چاهيون پنهنجي سهولت لاءِ تبديل ڪري ڇڏينداسين ، اسين چاهيون ته مرد کي مرد سان شادي جي اجازت ڏئي ڇڏيون ، اها اسان جي زندگي آهي . اسين بي شڪ ڪروڙن جي تعداد ۾ بغير شادي جي اولاد حاصل ڪريون اسان کي ڪير روڪي سگهي ٿو ؟؟” آزادي ، حريت ۽ انسان عظيم آهي ۽ خدا “ جهڙن اصولن جي آڌار تي سڄي يورپ ۾ مذهب کي رياست جي ڪاروبار کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي ، اهو عمل ٺيڪ ويه صدي جي شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ٿي ويو هو . انهن ”عظيم مفڪرن“ سک جو ساه کنيو ۽ پوءِ هڪ نئي پهچان لاءِ بنيادن ٺاهن شروع ڪري ڏني . نسل ، رنگ ۽ زبان جي پراڻي تعصب جي لاءِ لکين سالن پراڻي دفن ٿيل انسانن جا ڏاهنچن سان پنهنجا رشته ڄوڙيا ويا ، نسلي تفاخر ۽ گروهي برتري کي قومن جي عروج ۽ انسانن جي ترقي جي بنياد بڻايو ويو . اهو رڳو ڏهن يارنهن سالن جو عمل هو جو 1911ء جي لڳ ڀڳ سڄو يورپ پهرين عالمي جنگ جي باه ۾ ڌڪيليو ويو . اهي باه جنهن ۾ لکين گهر خاڪ ٿي ويا ۽ ڪروڙين ماڻهو موت جي منهن ۾ هلي ويا، خاندان اجڙي ويا ، گهر کان بي گهر ٿي ويا . انسان ذات ٿوري دير به سک جو ساه نه کنيو هو ، پر شايد نسلي برتري ۽ قومي تعصب جي پودي کي اڃان رت کپندو هو . جرمني ۽ اٽلي ۾ هٽلر ۽ ميسوليني پيدا ٿيا ، جن جون پر جوش تقريرون اسان جي ڪنهن به اڄ جي قومپرست رهنما کان گهٽ ڪين هيون، هنن ٻنهن به اهڙي ريت ماڻهن کي برتري جو احساس ڏياريو ۽ محرومين کي به ياد ڪرايو ، اهڙن ليکڪن جي به گهٽتائي ڪون هئي جيڪي هنن لاءِ نظرين ۽ فڪرن کي تاريخي حقيقتون ڳولھي ڏيندا هئا . چند سالن ۾ نسلي تعصب جي گرمي ايتري حد تائين وڌي وئي جو دنيا کي ٻي عالمي جنگ جو منهن ڏسڻو پيو . هن جنگ جي تباهين جا گواھ اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ملن ٿا . تعصب جي پودي کي هاڻي گهڻو رت ملي ويو آهي ، هن جي مثال عام پودي جيان هوندي آهي ، ٿورو ٿورو پاڻي ملي ته پروان چڙهندو آهي پر گهڻو پاڻي ملي وڃي ته سڙي ويندو آهي . چند لاشون ڪِرڻ ، رت وهڻ سان نفرت ۽ تعصب جي پودي کي زندگي ملي ٿي . پر جڏهن يڪدم باه ۽ رت وسڻ شروع ٿي وڃن ته انسان اندر لڪيل قومپرستي جو ڀوائتو راڪاس هيراسجي وڃي ٿو . روانڊا جي ”هوشو “ ۽ ”توشتي قبيلن “ جي ڏه لک لاش ته هاڻي ڪالھ جي ڳالھ آهي ، گهٽين ، بازارن ۽ گهرن ۾ لاشن جي بدبوءِ هن نسلي ۽ قومپرستي جي ڀوت کي يورپ کان ائين ڪڍي ڇڏيو آهي جو هاڻي هتي ڪو به هن بنياد تي وڙهڻ جو نالو ئي نٿو کڻي . جنهن زمين کي منهنجو رب ” ارض الله“ زمين الله جي آهي ۽ جنهن مخلوق کي ” الخلق عيال الله “ سڄي مخلوق الله تعالى جو ڪنبو آهي “ چوي ٿو هتي اسين ڪڏهن زمين جي ڪري ماريندا ۽ مرون ٿا ۽ ڪڏهن نسل جي برتري تي ، نه ڪو منهنجو تاريخدان اهو ٻڌائي ٿو ته هن زمين جو ڪو مستقل رهندڙ نه آهي ، سڀنن جا ابا ڏاڏا پنهنجي علائقي مان ٻک ، اوگهڙ ۽ دشمنن جي ڀوءَ کان هتي آيا هئا ، آريائي قومون پنهنجن علائقن مان قحط جي ڀوءَ کان ڀڄي هتي آيا ، بابر جو جئين هتي جي ماڻهن کي اڻانڳو ڪري ڇڏيو هو ، هنن جي ڀينرن کا شيباني يرغمال بڻائي ڇڏيو هو ، ايران ، روس ،شام ،عراق ۽ چين هر جاءِ کان ماڻهو هن خطي ۾ رزق جي تلاش ۾ آيا ۽ آباد ٿي ويا ، ڪو به نسلي اعتبار سان هن ننڍي کنڊ ( هندستان ، پاڪستان ،بنگلاديش . سريلنڪا “ جا آهن ۽ دنيا ۾ ڪو به ڪاٿي نسلي طور تي ڪنهن علائقي جو ناهي هوندو ، ڪو تاريخدان اهو نٿو ٻڌائي ته اهي سڀ وسيلن جي هجرت هئي ۽ وسيلن جي جنگ . ڪو هن کي ڌرتي ماتا جو نالو ڏئي ٿو ته ڪو نسلي برتري جو . اهو ٻڄ 63 سالن کان ڇٽيو پيو وڃي ، رڳو هن لاءِ جو هن خطي ۾ سيد الانبياء ﷺ جي ٻڌايل اصولن جي ڳالھ نه هجي . هن ملڪ جي جيڪا تباهي آهي هن جو سبب اهو آهي جو اسان ڀنڃڪڙي ڪئي آهي هن رب جي اصولن جي . اهو رب جنهن جي پيغمبر فرمايو ؛ نسل ،رنگ ،قبيلي جا بت منهنجي پيرن هيٽان آهن ، هتي روز هن ئي فرمان جي توهين ٿئي ٿي اهو تيار وڻ جنهن کي ٿورو ٿورو رت ڏئي پاليو ويو آهي يا ته هن کي پاڻ وڍي ڇڏيو ، يا هن کي ساڙن لاءِ گهڻو رت درڪار هوندو، شايد هنن جو رت به وهي وڃي جنهن 63 سالن هن جي ريج ڪئي آهي ، هن جي اڃ گهڻي آهي ، پودو پوکيو اٿو ته اوهان کي رت سان وسائڻو پوندو ، تڏهن هن بي قرار ڌرتي کي ڪو قرار ملندو . سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ ضربِ مومن جي ٿورن سان