روئي تنهنجو راهون نهاريان پيو دلبر۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
” غزل ”

روئي تنهنجون راهون نهاريان پيو دلبر
پري ڪيڏو آهين پر پڪاريان پيو دلبر

ناهي درد دل جي دوا تو سوا ٻي
صبح شام سانجهي توکي ساريان پيو دلبر

اٿم اميد تو ۾ اڃا يار وفا جي
وفائن جا ڏيئا ٻاريان پيو دلبر

”وفا” آ قسمت ۾ ملڻ پنهنجو مشڪل
دعائن جا دريا وهايان پيو دلبر

شيراز ”وفا” نظاماڻي
 
Back
Top