دوستو سلام نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو بهترين شاعري ٿي گذريو آهي۔ سندس شاعري پيش آهي: ڪوئل جي ڪونجار، مون نه جواني ۾ لکي! هير ڀني جي اوٽ ۾، آئي جا هٻڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! پوپٽ نچندا ئي رهيا، رنگ رتي جهنڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! نيري نڀ جي گهور ۾، هيئن اُڪير اَپار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! وڻج نجو ئي نور جو تارن جي بازار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي! ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي، ويئي ڪيئي ڄمار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي!