پوپٽ نچندا ئي رهيا، رنگ رتي جهنڪار، مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو بهترين شاعري ٿي گذريو آهي۔ سندس شاعري پيش آهي:

ڪوئل جي ڪونجار،
مون نه جواني ۾ لکي!

هير ڀني جي اوٽ ۾،
آئي جا هٻڪار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

پوپٽ نچندا ئي رهيا،
رنگ رتي جهنڪار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

نيري نڀ جي گهور ۾،
هيئن اُڪير اَپار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

وڻج نجو ئي نور جو
تارن جي بازار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!

ڪهڙي ڌُن ۾ ڌُوڪبي،
ويئي ڪيئي ڄمار،
مون نه جوانيءَ ۾ لکي!



282428_2259854454066_1179567033_32833532_5193069_n.jpg
 
Back
Top