نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جي سنڌي ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ ۔ دوستو 30 جولائي 2011ع ڇنڇر واري ڏينهن تي مُنشي ابراهيم مرحوم جي اٺين ورسي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد سنڌ ۾ ملهائي ويئي جنهن جو تفصيلي تصويري احوال توهان سان ونڊي چڪو آهيان ڪجهه انهي پروگرام جي مون پاران سنڌ سلامت لا وڊيو ڪلپنگ ڪئي ويئي هُئي انهي وڊيوڪلپنگ ۾ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر امداد حُسيني ۽ حافظ محمد نظاماڻي جا چند ڪلپ ايڊيٽنگ کان پو توهان سان ونڊ پيو ڪريان، دوستو هي محنت اڪيلي سر مون جهوني جي آهي سنڌ سلامت جي هي خصوصي پيشڪش توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس۔ ان کان علاوه جيئن ته رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسجي ويو آهي ان جون به مُبارڪون قبول ڪندا۔
سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش