• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ۽ سنڌ مشهور شاعر حافظ محمد نظاماڻي

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جي سنڌي ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ ۔ دوستو 30 جولائي 2011ع ڇنڇر واري ڏينهن تي مُنشي ابراهيم مرحوم جي اٺين ورسي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد سنڌ ۾ ملهائي ويئي جنهن جو تفصيلي تصويري احوال توهان سان ونڊي چڪو آهيان ڪجهه انهي پروگرام جي مون پاران سنڌ سلامت لا وڊيو ڪلپنگ ڪئي ويئي هُئي انهي وڊيوڪلپنگ ۾ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر امداد حُسيني ۽ حافظ محمد نظاماڻي جا چند ڪلپ ايڊيٽنگ کان پو توهان سان ونڊ پيو ڪريان، دوستو هي محنت اڪيلي سر مون جهوني جي آهي سنڌ سلامت جي هي خصوصي پيشڪش توهان کي ڪيئن لڳي توهان جي پرخلوص راين جو شدت سان منتظر رهندس۔ ان کان علاوه جيئن ته رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسجي ويو آهي ان جون به مُبارڪون قبول ڪندا۔

سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش​

 
جواب: سنڌ مشهور شاعر امداد حُسيني ۽ سنڌ مشهور شاعر حافظ محمد نظاماڻي

مهرباني سائين نثار ناز

اوهان جي اهڙين ڪاوشن خاص ڪري خوبصورت وڊيو شيئرنگ وارو ڪم گهڻو وڻندڙ آهي۔ اهو ڪم انتهائي وقت وٺڻ وارو پڻ آهي۔ منشي ابراهيم هڪ مخلص ۽ ترقي پسند شاعر هو، سندس شاعري ۾ مان قومپرستي جي جهلڪ واضح آهي، سندس شاعريء ۾ هڪ للڪار آهي۔

محترم امددا حسيبيء ۽ حافظ محمد نظاماڻي جون ڌيان طلب ڳالهيون آهن۔
 
Back
Top