رحيم بخش
ايڊيٽر
ماشآء الله رمضان مبارڪ برڪتن رحمتن وارو مهينو آهي ان جا رنگ دنيا ۾ چوڌاري نظر ايندا آهن ڪافي ماڻهو ٻين مهينن ۾ گهٽ هن مهيني ۾ عبادت ۾ وڌيڪ مصروف نظر ايندا آهن الله تعالى پنهنجي خاص ڪرم سان اسان سڀني مسلمانن کي رمضان جي هن ڀلاري مهيني جي تعظيم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي پنهنجي ٻاجهه سان روزن جي توفيق عنايت فرمائي هن ڀلاري مهيني جي نسبت سان هر سال جيان هن سال به سنڌ سلامت جو نئون ٽيمپليٽ جيڪو تمام خوبصورت آهي يعني رمضان رنگ سنڌ سلامت تي به نظر آيو ڏسي بيحد خوشي ٿي۔ جس هجي سائين عبدالرشيد جن کي جن هيترين سارين مصروفيتن باوجود ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي بابرڪت مهيني جي مناسبت سان سنڌ سلامت کي به نئون ويس ڍڪايو ان سان گڏ سنڌ سلامت ايڊيٽر بوڪ مارڪ ليٽ يعني هڪ سنڌي ڪي بورڊ جيڪو انٽرنيٽ جي ڪنهن به پيج تي سنڌي لکڻ لاء هڪ قيمتي ٽول آهي اهو پڻ هن مهيني جي مناسبت سان اسان لاء تحفه پيش ڪيو آهي سندن مهرباني اسان جي دعا آهي ته شال رب العزت سندن صحت و عافيت ۾ مزيد قوت بخشي جو پاڻ قوم جي هن خدمت کي جاري و ساري رکن۔