عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
برهه جي ته باهه ۾، ٿو رهان بيمار هر دم،
پرينءَ جي پيار ۾، پيو ٿيان بيقرار هردم.
اکڙيون بڻيل هن ڏيل ڏيئا، تولئه پرين،
تات تنهن تار ۾، ٿو رئان زارو زار هردم.
سبق پڙهيو ٿم سڪ جو، هر ساعت ۾،
دردوندي دوار ۾، ٿو جيئان غمخوار هردم.
پهچ پيارج پاڻ، ذرڙو ڀري آب عشق،
ڇم ڇم ڇنڪار ۾، ٿو ڇرڪان بيشمار هردم.
”نرمل“ چئي ناز ڇڏ، ڪجهه ته بي نياز ٿي،
حسن جي بازار ۾، ٿو ڀٽڪان بار بار هردم.
”نرمل“ کوهارو
پرينءَ جي پيار ۾، پيو ٿيان بيقرار هردم.
اکڙيون بڻيل هن ڏيل ڏيئا، تولئه پرين،
تات تنهن تار ۾، ٿو رئان زارو زار هردم.
سبق پڙهيو ٿم سڪ جو، هر ساعت ۾،
دردوندي دوار ۾، ٿو جيئان غمخوار هردم.
پهچ پيارج پاڻ، ذرڙو ڀري آب عشق،
ڇم ڇم ڇنڪار ۾، ٿو ڇرڪان بيشمار هردم.
”نرمل“ چئي ناز ڇڏ، ڪجهه ته بي نياز ٿي،
حسن جي بازار ۾، ٿو ڀٽڪان بار بار هردم.
”نرمل“ کوهارو
