ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو [JUSTIFY]ٻڌڻ يا نوٽس لکڻ: ڪلاس روم اصل ۾ سکڻ جي جاءِ هوندي آهي، توهان کي جيڪو ڪجهه اچي ٿو ان جي مظاهري يا ظاهر ڪرڻ جي اتي ضرورت نه آهي، پڙهائي جي تڪميل لاءِ ڪلاس روم ۾ وڃڻ هڪ لازمي ڳالهه آهي. پڙهڻ جي طريقن سکڻ سان گڏ اهو به توهان تي لازم آهي ته اٿڻ ويهڻ جي طريقين کان واقفيت حاصل ڪيو. اسان ڪجهه قاعدا بيان ڪري رهيا آهيون جيڪي توهان لاءِ ڪلاس روم ۾ مددگار ثابت ٿيندا. 1. هر ڪلاس جي پڙهائي جي طريقن جي واقفيت حاصل ڪريو ۽ انهن مطابق پنهنجي سرگرمين کي تربيت ڏيو. 2. هرهڪ ڪلاس (يا پيرڊ يا استاد) لاءِ مختلف طريقن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. شاگردن لاءِ لازمي آهي ته هو انهن لاءِ اهڙا طريقا اختيار ڪري جيڪي ان ڪلاس لاءِ مناسب هجن، اسان ڏسنداسين ته ليڪچر ۽ بحث مباحثي وقت اهڙو فرق نمايان نظر ايندو آهي. ان کانسواءِ اسان کي ٻيا به ڪي فرق ڏسڻ ۾ ايندا جهڙوڪ استادن (ليڪچرارس) جي مختلف طريقن سان پڙهائڻ جو فرق. سندن شخصيت جو فرق يا وري سندن رويي جي فرق، استاد، ليڪچر ڏيڻ وقت اهڙي مواد کي استعمال ڪندو آهي جيڪو گهڻو ڪري ڪتاب ۾ ڏنل نه هوندو آهي. اهڙو مواد يا ته توهان کي ڪتاب جي پڙهڻ ۾ مدد ڏيندو يا وري ڪتاب ۾ شامل مواد ورجائڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙي مواد کي ڏيڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته شاگردن کي مسئلن جي وجود جو احساس ٿئي. کين انهن مسئلن جي حل کان واقف ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ مسئلن جي وجود جو احساس ٿئي. کين انهن مسئلن جي حل کان واقف ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ مسئلن کي تنقيد ڪرڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ اهڙو مواد شاگردن جي شوق وڌائڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو. ان ڪري اهو ظاهر آهي ته هر ڪلاس يا پيريڊ ۾ ليڪچر جي ٻڌڻ ۽ ان جي نوٽيس وٺڻ جا طريقا مختلف هوندا آهن. ليڪچر کانسواءِ ٻيا به طريقا هوندا آهن مثلن ممڪن آهي ته استاد توهان کي سبق ياد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري يا هو توهان کي دعوت ڏئي ته پاڻ ۾ بحث ڪريو ۽ اهڙي طرح گفتگو جي ذريعي سبق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري. توهان جي استاد ڪلاس ۾ اهم نڪتا تفصيل سان بيان ڪندو آهي، جنهن لاءِ هن اڳ ۾ ئي توهان کي تيار ڪيو هوندو يا اهڙين ڳالهين کي بحث هيٺ آڻي جن جو سڌو واسطو توهان جي سبق سان نه هجي، توهان کي هن سڀني ڳالهين لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ان ڪري لازمي آهي ته توهان استاد جي اختيار ڪيل طريقن مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هميشه ذهني طور تيار رکو. جيڪڏهن ڪلاس ۾ ڪجهه پرائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان لاءِ ائين ڪرڻ لازمي آهي. جيئن اسان مٿي پڙهي آيا آهيون ته هر ڪلاس ۾ مختلف نوعيت جو ڪم هوندو آهي. ان هوندي به ڪجهه قاعدا بيان ڪجن ٿا جيڪي ڪلاس ۾روم ۾ توهانلاءِ مفيد ثابت ٿيندا. 1. ڪلاس روم ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ذهن کي تيار ڪيو مواد جي نوعيت تي غور ڪيو. ڪلاس ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پڙهيل مواد کي وري وري پنهنجي ذهن ۾دهرايو. اڳين ڏينهن تي ورتل نوٽس تي هڪ نظر وجهو. انهن نوٽس پڙهڻ وقت اهي نڪتا ۽ سوال ورجايو. جيڪي ان وقت توهان جي ذهن ۾ آيا هئا. 2. ڪلاس ۾ ليڪچر جي اهم نڪتن تي غور ڪندا هلو. جنهن وقت توهان جو استاد ليڪچر ڏيڻ ۾ مصروف هجي ته ٻڌڻ سان گڏو گڏ اوهان ان جي اهم نڪتن تي غور ڪندا رهو، ذهن ۾ ايندڙ نڪتن کي پاڻ ۾ ملايو. ٻڌايل نڪتن تي تنقيدي انداز ۾ غور ڪيو. تنقيد جي روشني ۾ استاد کان سوال پڇو ۽ اهڙي طرح هر سوال کي پنهنجي ذهن ۾ رکو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پنهنجي ”ٻڌڻ“ جي قوت ۾ تيزي پيدا ڪئي وڃي، ان ۾ تکائي پيدا ڪيو. سست سماعت مان ڪجهه به حاصل ٿي نه سگهندو آهي. جنهن به شخص جي ٻڌڻ جي صلاحيت تکي آهي اهو ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سوچي سگهندو آهي. ڳالهائيندڙ جي رفتار سان اهم آهنگي پيدا ڪيو. پنهنجي سوچ کي ان جي خيالن سان ڀٽيندا هلو ۽ اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو ته هن کانپوءِ ڇا چوندو ۽ ڪهڙي موضوع تي ڳالهائيندو. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سٺا شاگرد اهي هوندا آهن جيڪي ڪلاس جي خشڪ ماحول ۾ به سوچ جو دامن نه ڇڏيندا آهن. 3. بي ڌياني کانپوءِ بچڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي مضمون تي ڌيان ڏيو. ڪلاس ۾ ليڪچر وقت جڏهن به توهان جو ڌيان منتشر ٿئي ته ان کي زور ڪري به موضوع جي طرف آڻيو. اجاين خيالن کان پاڻ کي بچايو. هميشه موضوع جي باري ۾ پنهنجي ذهن کي باعمل رکو. ڪلاس ۾ نوٽس جو لکڻ تمام ضروري آهي. ان لاءِ ته لکڻ خيال کي مرڪوز ڪري ٿو ۽ انهن کي ڇڙو ڇڙ ٿيڻ نه ٿو ڏئي. بي ڌياني کان بچڻ لاءِ ارادي جي پختگي جي ضرورت آهي. پختو ارادو ئي توهان جو بهترين دوست آهي. 4. اهم نڪتن جي باري ۾ نوٽس لکڻ گهرجن. ڪلاس ۾ ليڪچر دوران نوٽيس لکڻ پڙهائي جو اهم حصو آهي. پر سوال آهي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت نوٽس لکڻ گهرجن؟ ان جو فيصلو توهان کي ۽ صرف توهان کي ڪرڻو آهي. اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته نوٽس کانسواءِ توهان جي پڙهائي اڌوري آهي. ليڪن نوٽس جو هر وقت لکڻ به مناسب نه آهي. ان لاءِ توهان کي هڪ پاليسي مرتب ڪرڻي پوندي آهي. اهڙي پاليسي ٺاهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪجهه نڪتا هتي بيان ڪجن ٿا. (الف) جڏهن ڪلاس ۾ سوال جواب يا بحث مباحثو ٿيندو هجي ان وقت ٿوري ۾ ٿورا نوٽيس لکڻ گهرجن. جنهن وقت ڪلاس ۾ سوال جواب يا بحث مباحثو ٿيندو هجي ته صرف آخر ۾ ٿيندڙ نتيجن جي باري ۾ نوٽيس لکيا وڃن جيڪي تمام مختصر طرح لکيا وڃن. اهڙا نوٽس ڪتاب پڙهڻ وقت توهان لاءِ گهڻا مددگار ثابت ٿيندا. نوٽس هميشه مختصر لکيا وڃن. ڊگهن ۽ پيچده نوٽس لکڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٻين جي چيل ڳالهين کي تفصيل سان لکڻ بجاءِ بهتر اهو آهي ته ڪنهن خاص مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي. ان باري ۾ مختصر طرح پنهنجي ڪاپي ۾ چند نڪتا لکيا وڃن. (ب) جڏهن ڪلاس ۾ سوال جواب جي بجاءِ ڪنهن موضوع تي ليڪچر (تقرير) هجي ته ان جا نوٽس ٿورو تفصيل سان لکڻ گهرجن. نوٽيس ڪيتري تفصيل سان لکيا وڃن اهو مدار رکي ٿو ليڪچر جي نوعيت ۽ توهان جي پڙهائي جي طريقي تي عام اصول اهو هجڻ گهرجي ته نوٽيس جيترا مختصر هجن اوترو بهتر، اصل ۾ نوٽس جو لکڻ ايترو اهم نه آهي جيترو ليڪچر جو سمجهڻ، ليڪچر جي باري ۾ پنهنجو ذهن صاف رکو ۽ ان کي بهتر نموني سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. ليڪچر جي جيڪڏهن سٺي نموني تنظيم ٿيل آهي ۽ اهو سٺي طرح سمجهايو ويو آهي ته اهڙي حالت ۾ نوٽيس ليڪچر جي صورت ۾ هجڻ گهرجي. ممڪن آهي ته توهان جو استاد يا ليڪچر، ليڪچر جا اهم نڪتا ٻڌائي ۽ انهن کي سٺي نموني سمجهائي. اهڙي صورت ۾ توهان جا نوٽس ليڪچر جي نموني هجڻ گهرجن. ليڪچر کان هڪدم پوءِ نوٽس جو پڙهڻ تمام ضروري آهي، ڇو جو گهڻو وقت ياد رهڻ ممڪن نه آهي. اڃا به بهتر اهو ٿيندو ته توهان نوٽس جي بنياد تي سڄي ليڪچر کي پنهنجي طرز تي لکي وڃو، ائين جيترو جلد ڪيو وڃي ايترو بهتر، ڇو جو گهڻن ڏينهن جي گذرڻ سان ليڪچر ذهن تان ميسار جي ويندو. 5. نوٽس کي هر روز پڙهيو وڃي جنهن ڏينهن نوٽس لکيا ويا هجن انهي ساڳئي ڏينهن تي انهن کي پڙهڻ گهرجي ۽ انهن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. نوٽس پڙهڻ وقت اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته پڙهڻ سان گڏو گڏ انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته توهان انهن نوٽس سان ڪٿي متفق ٿيندا هجو ڪٿي نه به ٿيندا هجو. استاد جي ڏنل ليڪچر کي ڌيان ۾ رکندي پنهنجي نوٽس جو هڪ هڪ نڪتو پڙهو. غور ڪيو ۽ ضرورت وقت استاد کان مدو وٺو. نوٽس توهان لاءِ صرف ان وقت ڪارائتا ٿيندا جڏهن توهان انهن کي وڌائي لکو ۽ ياد ڪيو. ياد ڪرڻ جي باري ۾ جنهن طرح اهو چيو ويندو آهي ته ياد ڪرڻ کان وڌيڪ اها ڳالهه اهم آهي ته پهرين ڪنهن نڪتي ۽ خيال وغيره کي سمجهيو وڃي، اهڙي طرح ياد ڪرڻ کان سمجهڻ کي اهميت ڏني ويندي آهي يا ائين کڻي چئجي ته هي ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي جو بدل تصور ڪيون وينديون آهن، حقيقت ۾ هي نظريو نه فقط غلط آهي پر گمراهه ڪندڙ پڻ. ڪنهن به ڳالهه نظريي يا واقعي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ياد هجي يعني ته پڙهندڙ پاڻ پوري حقيقت کان واقف هجي جڏهن ڪجهه ياد نه هوندو ته پوءِ ان کي سمجهي ڪهڙي طرح سگهبو. سمجهڻ لاءِ ياد ڪرڻ اشد ضروري آهي. جڏهن ذهن ئي خالي هوندو ته سمجهي ڇا سگهبو؟ ان ڪري ڪنهن به ڳالهه، سبق يا نظريي کي سمجهٿڻ کان اڳ ۾ ان جو ياد ڪرڻ ضروري آهي. عام طرح سان فقط ياد ڪرڻ کي ئي سٺو نه سمجهيو ويندو آهي، اهو انڪري جو ياد ڪرڻ کي عام طرح سان هڪ قسم جو مشيني عمل تصور ڪيو ويندو آهي. جيڪو صرف رٽڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهندو آهي، هي خيال پوري طرح درست نه آهي، ياد ڪرڻ جو رٽڻ سان ڪو واسطو نه آهي. ياد ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان حقيقتن کان آگاهه هجو ۽ انهن کي وري وري ذهن ۾ دهرايو وڃي. ان ڪري اهو ذهن نشين هجي ته ڪو به سبق، نظريو وغيره ياد ڪرڻ کانسواءِ سمجهڻ مشڪل آهي، ياد ڪرڻ، سمجهڻ جو پهريون ڏاڪو آهي. پڙهڻ جي عمل ۾ سوچڻ کي اوليت ڏني وئي آهي. مٿين بابن ۾ پڙهڻ جا جيڪي به طريقا ٻڌايا ويا آهن ياد ڪرڻ جي عمل ۾ پڻ استعمال ڪيا وڃن، حقيقت ۾ اسان ياداشت جو عمل ان وقت ئي بيدار ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان سکڻ واري طريقي کان واقف هجون. هيٺ مختصر طرح ڪجهه قاعدا بيان ڪيا وڃن ٿا جن جي استعمال سان ياد ڪرڻ جي عمل ۾ تيزي پيدا ڪري سگهجي ٿي. (1) ٻڌل نظريي يا مواد جي معنيٰ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪو ڪجهه توهان کي ٻڌايو ويو آهي ان باري ۾ پڪ ڪيو ته اهو توهان چٽي طرح سمجهيو آهي. يعنيٰ اها ڳالهه توهان جي ذهن ۾ درست نموني پهتي آهي. ان تي غور ڪيو ۽ ان کي اڳ ۾ ئي ذهن ۾ سمايل ٻين ڳالهين سان ڳنڍيو. اهڙي طرح پنهنجي ذهن ۾ خيالن ۽ نظرين جو هڪ خوبصورت گلدستو تيار ڪيو. ان گلدستي کي هر طرح سان ڏسو ۽ جاچيو، مختلف مثال ذهن ۾ آڻيو. انهن جو اصولن تي اطلاق ڪيو، ان جي سببن ۽ اثرن تي ڳوڙهي طرح سان سوچيو ۽ جيڪي به باري ۾ مشڪلاتون ٿي سگهن ٿيون، انهن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪريو، انهن سڀني ڳالهين جو جيترو به سٺو ميلاپ هوندو اوترو يادگيري وڌيڪ واضح ٿيندي. (2) جيڪو مواد ياد ڪرڻو هجي ان کي وري وري ورجايو. خيالن ۽ نظرين کي هر هر ورجائڻ سان انهن ۾ هڪ قسم جو ڳانڍاپو پيدا ٿئي ٿو، اهو ڳانڍاپو جيترو وڌيڪ مضبوط هوندو اوترو ياد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. (3) ذهن سجاڳو رکو. جيڪڏهن توهان مواد ياد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان کي هميشه پنهنجي خيال ۾ رکو، ان تي هميشه غور ڪندا رهو، ان مواد جي باري ۾ نوٽس جي لکڻ ۽ پنهنجي هم ڪلاسين سان بحث مباحثو ڪرڻ توهان لاءِ يقينن ڪارائتو ثابت ٿيندو. ذهني سجاڳي تمام ضروري آهي. صرف لفظن جو پڙهڻ توهان لاءِ فائديمند نه آهي. جڏهن به توهان جو ذهن ڀٽڪي وڃي ته ان کي هڪدم مرڪزي خيال تي مرڪوز ڪيو. (4) سکيل ڳالهه يا نظريي جو ورجائڻ ضروري آهي ڪو به شخص تڏهن ئي بهتر سکي سگهندو جڏهن سندس اهو محڪم ارادو هجي ته سکيل علم کي هو ورجائيندو يا استعمال ڪندو رهندو، ياد ڪرڻ جو مقصد صرف طوطي وانگر ٻولڻ نه آهي پر ان جو مستقبل طرح سان استعمال ڪرڻ لازمي شرط آهي. (5) پڙهندي پڙهندي هر هر بيهي رهو ۽ انهن ڳالهين کي ورجايو جيڪي توهان هن وقت تائين پڙهي يا سکي آيا آهيو. پڙهائي تي صرف ڪيل وقت جو ڪافي ڪجهه حصو پڙهيل يا سکيل ڳالهين کي ورجائڻ تي صرف ڪيو وڃي. جيڪڏهن توهان کي ورجائڻ يا ياد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿئي ٿي ته وري ڪتاب ڏانهن رجوع ٿيو. ان کي نظر مان ڪڍو، اهڙي طرح پڙهيل ڳالهه کي اوستائين ياد ڪندا ورجائيندا رهو جيستائين توهان جي مڪمل دسترس ۾ نٿي اچي. (6) پنهنجي ياداشت جي صلاحيت ۾يقين رکو. ويسر اصل ۾ ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن توهان ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي پيا هجو. ويسر ۽ مونجهارو تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو جو پاڻ ۾ اعمتاد نه هوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي موضوع ياد آهي ته پوءِ پاڻ ۾ اعتماد رکو ته اهڙي صورت ۾توهان لاءِ ڪو به مونجهارو پيدا نه ٿيندو ۽ هر ڳالهه ياد رهندي. [/JUSTIFY] روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) ڪنهن چيو هو ته هڪ بهترين استاد اهو آهي جيڪو پهرين شاگرد جي ليول سمجهي ۽ ان تائين پهچي۔ ان کان پوءِ ڪجه اهڙو ڪري جو شاگرد کي پنهنجي ليول تي وٺي اچي۔۔۔۔۔۔۔۔۔سو هي ٽپس اهڙي استاد لاءِ تمام فائيديمند ٿينديون۔ بهترين ونڊ۔ ۽ هڪ دفعو وري ايترو لکڻ تي اوهان کي شاباس ۽ اسان جي اها ئي ڪار ته " اٿي پاڻ نه سگهي لعنت گوڏن تي"۔ سو ڪجه پنهنجي سستي آهي ڪجه وري سست ٽائيپنگ اسپيڊ جو بهانو۔پر اوها کان الاهي پوئتي آهيون۔
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) مهرباني حوصلا افزائيء جي ۔۔۔۔۔۔ اسان وٽ تعليم جي طريقڪارن تي بلڪل گهٽ لکيو ويو آهي۔ هي ان سلسلي جو بهترين مضمون آهي۔ اوهان جا سڀ بهانا ختم آهن۔ هاڻي وقت به آهي، سنڌي ايڊيٽر به آهي ۽ نيٽ به آهي ۔۔۔۔۔۔۔ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اوهان کي لکڻ جو انداز به سٺو ايندو آهي ۽ ڄاڻ به اسان کان گهڻي آهي۔ تنهنڪري هاڻ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) ادا سليمان تمام سٺي سمجهاڻي ڏني آهي توهان استاد وانگر سمجهاڻي ڏني آهي مهرباني لک لائق
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) ادا پر اسان وٽ ڪلاس روم ڀريا پيا هوندا آهن استاد کي خبر ڪان هوندي آهي ته ڪير آيو ڪير نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سٺو مضمون ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔ اهڙي سوچ والدين ء شاگر ٻنهي لاء ضروري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ والدين جي ذميواري وڌيڪ آهي، جهڙي طرف ٻار جو لاڙو هجي ان طرف وٺي وڃڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اسان وٽ ته سسٽم ئي الٽو آهي، دعا ڪريو ته اسانجو تعليمي نظام بهتر ٿئي۔۔۔۔۔مون کي الطاف شيخ واري ڳالهه ياد ٿي اچي ته ڪئين ملائيشيا تعليم ۾ ترقي ڪري ء ملڪ کي مثالي بڻائي چڏيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) مهرباني ڀاء فاروق ۔۔۔۔۔۔ مان هن وقت استاد ته ناهيان پر استادن وٽ گهڻو پڙهيو آهيان۔ هڪ سيميسٽر مون پڙهايو به آهي پر ان کي به گهڻو وقت ٿي ويو آهي۔
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) ادا وساڻ صاحب توهان تي اها لکت پڙهي ڪري ڪافي معلومات ملي آهي۔ تمام سهڻي ونڊ آهي۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪلاس ۾ پڙهڻ جو طريقو (خاص شاگردن ۽ استادن لاء) اڙي يار عرس بابا ضرور بهتري ايندي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ايڏي مايوسي به سٺي ناهي۔ اوهان کي ياد هوندو ته سائين الطاف شيخ ڪيڏو پازيٽو سوچي رهيو هو۔ جڏهن اسان پنهنجو ڌيان ۽ پنهنجون طاقتون علم حاصل ڪرڻ لاء صرف ڪيون ته پوء اسان دنيا سان مقابلو ڪري سگهنداسين۔