پرين ڪونه آئين بهارون ويون گذري۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
“ غزل ”

پرين ڪونه آئين بهارون ويون گذري
صحرا ۾ دل جون سدائون ويون گذري

اکين مان اُداسي جا بادل پيا برسي
هانو تان هجرجون هوائون ويون گذري

پيا نيڻ ڀٽڪن ماضي جون راهون
اُهي نينهن ناتا نهارون ويون گذري

هيا مينهن سانوڻ ۽ دلڪش نظارا
لمحن ۾ ساريون ڪٿائون ويون گذري

ٻڌي دانهن دل جي نه ڪائي سار لڌي
فضائن ۾ دل جون پڪارون ويون گذري

بچا ياد شيراز ڪي لمحا ڪي يادون
“وفا“ عشق جون سڀ ادائون ويون گذري۔:smile:

شيراز ”وفا“ نظاماڻي
 
جواب: پرين ڪونه آئين بهارون ويون گذري۔

پرين ڪونه آئين بهارون ويون گذري
صحرا ۾ دل جون سدائون ويون گذري


سٺي شاعري آهي ۔۔۔ جذبن کي لفظن جو روپ ڏنل آهي
 
Back
Top