• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامون۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اسلام عليڪم دوستو۔۔۔
ڀلاري مهيني رمضان ڪريم جي آمد سمورن مسلمانن لاءِ باعثِ رحمت آهي۔۔ هن نعمتن واري پاڪ مهيني ۾ الاهي پيغام قرآن پاڪ نازل ٿيو۔۔ ان ڪري باقي مهينن جي مقابلي ۾ اسان کي گهرجي ته هن مهيني ۾ الله پاڪ طرفان نازل ٿيل هن پاڪ ڪتاب کي پڙهون، سمجهون ۽ عمل ڪريون۔۔۔

سنڌ سلامت طرفان هن پاڪ مهيني ۾ دوستن اڳيان هڪ وڌيڪ تحفو ”سنڌي قرآن ڳولا“ پيش ڪجي ٿو ۔۔
2qlya38.png

هن پروجيڪٽ تحت توهان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي ايم بي سنڌي پروگرام ذريعي قرآن پاڪ جي ڪنهن به آيت جي سنڌي ترجمي مان ڪنهن خاص لفظ کي لکي ڳولا ڪريو۔۔۔ توهان اڳيان ان ڳولا تحت توهان جو لفظ جنهن جنهن آيت ۾ هوندو اها آيت ترتيب سان سامهون اچي ويندي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان ان آيت جو درست ترجمون نه صرف معلوم ڪري سگهو ٿا پر ان کي ڪاپي ڪري پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ کانسواءِ ان آيت کي امامِ ڪعبه جي بهترين آواز تلاوت ڪندي ٻڌي پڻ سگهو ٿا۔۔
مثال طور مون لفظ نعمت کي ڳولا ڪيو۔۔ ته اهو لفظ ڳولا ڪرڻ دوران صلاح ملي ته توهان لفظ ”نعمت“ يا ”نعمتون“ ڳولڻ چاهيو ٿا۔۔۔ مون پنهنجي مطلب جو لفظ ”نعمت“ ئي لکڻ رهڻ ڏيندي سرچ بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو۔۔۔ منهنجي اڳيان قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جون 105 آيتون ترتيب سان کُلي آيون جنهن ۾ لفظ ”نعمت“ اچي رهيو هيو۔۔۔ هر آيت ۾ لفظ ”نعمت“ کي ڦڪي رنگ سان هاءِ لائيٽ ڪيو ويو هو ۽ ان جي مٿان مطلوبا سورت جو نالو لکيل هيو۔۔۔ جنهن جي ڀر ۾ ئي پلي بٽڻ دٻائڻ سان قاري صاحب جي آواز ۾ ان آيت جي تلاوت ٻڌي سگهجي پئي۔۔۔ تفصيل لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔۔

34j3hy0.jpg

يقين سنڌ سلامت جي هن پروجيڪٽ کي استعمال ڪندي جن دوستن کي قرآن پاڪ جي ڪنهن آيت جي ڳولا ڪرڻي هوندي اهو آرام سان پنهنجي آيت جو درست ترجمون حاصل ڪري سگهندو۔۔۔

سنڌ سلامت جو هي پروجيڪٽ آ محترم نثار ابڙو جن کي ارپڻ چاهيندس جن هن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مون کي همٿايو ۽ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي سندن بي بها خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن۔۔۔

دوستو آخر ۾ هن پروجيڪٽ جي تيار ڪرڻ ۾ پنهنجي محسن عرب دوست ”ظفر الاماني“ جو پڻ آ انتهائي مشڪور آهيان جنهن پروجيڪٽ پورو ڪرڻ ۾ منهنجي ڪافي سهائتا ڪئي۔۔۔۔

”سنڌي قرآن ڳولا“ پروجيڪٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

سائين تمام بهترين تحفا آهن الله تعالى توهان کي سلامت رکي۔ رمضان جي مناسبت سان هي قدم به بيحد پيارو آهي ۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ادا رشيد تمام سٺو تحفو ڏنو آهي توهان عيد جو
هاڻي سنڌي ۾ترجمي ۾ قرآن شريف سکنداسين
مهرباني ادا رشيد
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ادا رشيد سمون جون هوئن ته اڻ ٿڪ ڪاوشون آهن جن مان سڀ کان وڏي ڪاوش سنڌ سلامت فورم کي هلائڻ آهي۔

سندس هي ونڊ سچ ته لاجواب آهي۔ اسان کي هاڻي جڏهن به حوالي لاء سنڌي ۾ قرآن پاڪ جي آيت جي ڪا ضرورت پوندي ته هتان گهڻي مدد ملندي۔ اوهان جو هي پراجيڪٽ به هميشه وانگر لاجواب آهي ۽ اهي ارپنا اوهان سائين نثار ابڙو کي ڪئي آهي اسان جون به سائين نثار لاء دعائون آهن ته خوش هجي ۽ دل جي اميد پوري ٿئيس۔

سچ ته اوهان هڪ ڪارائتو ۽ اهم ڪم ڪيو آهي، جنهن لاء اوهان کي سلام ٿو ڪجي۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

سبحان الله توهان جو اهو پروجيڪٽ ڏسي ڪري سفا ايمان تازو ٿي ويو۔

الله پاڪ جو اوهان مٿان رحمتون هجن۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

الله اوهان کي اجر ڏي۔ تمام بهترين ڪم اهي۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ماشاءَ الله سائين يقينن هي پروجيڪٽ ساري سنڌي قوم لاءِ تحفو آهي جنهن لاءِ اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جو هڪ وڌيڪ ڪامياب قدم آهي اهو ڏينهن ان شاءَ الله جلد ايندي ڏسان پيو جڏهن سنڌي ٻولي انٽرنيشنل ٻولي قرار پائيندي۔
سائين ابڙو صاحب جن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي اوهان ته سندن کي هي پروجيڪٽ ارپي اسان سنڌين مان اونچو ڪري ڇڏيو آهي، کين لک واڌايون۔۔۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ادا جزاڪم الله تمام بهترين ادا
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ادا رشيد توهان جي وڏي مهرباني

.....................................

ادا رشيد توهان جي وڏي مهرباني
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

سائين صبهان الله تمام بهترين تحفو آهي سائين رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي حساب سان
الله سائين توهان کي خوش رکي آمين ۔
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

دوست رشيد سمون، هيمشه ڪنهن نه ڪنهن ڀلائيءَ جي ڪم ۾ رڌل رهندو آهي، هن شخص جي سچائي ۽ ايماني مضبوطي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن حيرت به ٿيندي آهي ۽ اميد به پئدا ٿيندي آهي ته جنهن قوم ۾ رشيد سمون جهڙا هيرا نوجوان موجود هجن ته پوءِ ڀلا ان قوم کي ڪير زير ڪري سگهندو ۔۔؟؟؟

دوست رشيد جا لک ٿورا جو هن هي ايترو وڏو سهڻو ۽ ڪارائتو ۽ ايمان افروز ونڊ منهنجي نالي ڪري، مونکي ٿورائتو ڪيو آهي ۔۔۔ مونکي ذاتي خبر آهي ته هن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هي دوست دنيا جي ڪيترن ئي اسلامي انٽرنيٽ ادارن سان لهه وچڙ ڪندو رهيو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪيترن کائنس ڪجهه رقم جي تقاضا ٿي ڪئي ۔۔۔ مون سان جڏهن ذڪر ڪيائين ته مون کيس همٿايو ته ان ثواب جي ڪم لاءِ پئسا خرچ ڪرڻا پون ته ڪري ڇڏيو ۔۔۔ سو دوست اهو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۔۔۔ رب العالمين ان جو اجر ڀاءُ رشيد سميت سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي ڏيندو، آءُ هي ونڊ سنڌ سلامت جي هر دوست کي ارپيانٿو ۔۔۔

اميد ته اسانجا دوست قرآن الفرقان کي سمجهڻ لاءِ هن سهولت مان ڀرپور فائدو وٺندا ۽ قرآن جي علم کي عام ڪندا ۔۔۔

جزاڪ الله خيئرا ۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: قرآن پاڪ جي سنڌي ترجمي جي ڳولا هاڻي بلڪل آسان ۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هڪ وڌيڪ ڪارنامو

ادا رشيد سرچ ڪيان تو ته ڪا شي لکجي ڪانه ٿي اچي
اهو وري ڪهڙو مسئلو آهي
 
Back
Top