پاڻ وارا اسٽائيل

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀوڳ ٺڪاءَ
    پاڻ وارا اسٽائيل
    امتياز ابڙو

    [JUSTIFY] اڳئين کيسي ۾ ڪڏهن به موبائيل ڪانه رکبي، ان جي باوجود جيڪڏهن باٿ روم ۾ ويهڻ مهل ڪموٽ ۾ ڪري پوي ته هٿ وجهي ڪانه کڻبي. دوستن جي اڳيان زال جي تعريف ڪانه ڪبي، نه ته دوست چوندا، ”ڪوڙي جي منهن تي دال“ ..... ۽ زال جي اڳيان به دوستن جي تعريف ڪانه ڪبي...نه ته زال چوندي ته دوست اهڙا سٺا ته ، مئا ...پوءِ تو ڪهڙي جانور جو کير پيتو هو؟....هميشه ڳالهه ۾ وَٽ وجهي پوءِ ڳالهائبو. ٺلهيءَ کنوڻ تي ٽارچ ٻاري اڀ ۾ ڪانه هڻبي، دڦڪ تي کٽ هيٺان ڪونه وڃي لڪبو، واٽ ويندي ڪنهن پرائي عورت ۾ اک ڪانه هڻبي، جي هڻبي ته لڪائي هڻبي، سينڍ ۾ مارئي ڪا نه ڳائبي، ڪا به ٺڳي ڪرڻي هوندي ته ڪبي پر مري وڃبو سچي ڪانه ڪبي. جيڪا به گلا ڪرڻي هوندي، لڪائي ڪبي، منهن تي ڪبي ته هاضمو ڪونه ٿيندو، ڇو ته اندر جو ساڙ مرندو ئي تڏهن آهي، جڏهن ڪنهن جي ٺاهوڪي گلا ڪجي ۽ اهڙي ٺاهي ٺوڪي ڪُنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄائي پوءِ ڪجي. جيڪڏهن اهو همراهه اڳيان هجي ته پوءِ يڪدم پلٽو هڻي، وري انهيءَ ماڻهوءَ جي گلا شروع ڪري ڇڏجي، جيڪو اتي حاضر نه هجي...!

    جيئن اسان ڏٺو ته امن بابت ڪانفرنس ۾ هڪ ڌاڙيل صدارت ڪري رهيو هو! يا جيئن اعلان ۾ ٻڌايو ويو ته وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم آهي... هڪڙا ماڻهو جنازو کڻيو پئي ويا...پوليس انهن کي وڳوڙي سمجهي اوچتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جو ڪانڌين جنازو کڻي زمين تي اڇلايو ۽ وٺي ڀڳا.... ايتري ته ڦڙتيءَ سان فائرنگ ٿي، جو مڙدو خود اٿي ويهي رهيو ته، ”هيءَ ڪهڙي مشڪري آهي....هتي ته مرڻ جي به سهولت ڪانهي!“ جيئن هڪڙي سرڪاري اداري جي ريٽائر ٿي وري چيئرمين ٿيندڙ کي چيوسين،’’سائين ، توهان جو ته ڪنڌ لڏي پيو؟‘‘ ته ٽهڪ ڏيئي چيائين، اڙي ٻئي هڪجهڙا....‘‘ پڇيوسين، ’’ٻيو ڪير؟‘‘ ته چيائين، ’’ ادارو.... !‘‘ سو هاڻي پاڻ اهڙا ٿي ويا آهيون جو ڪير مڃي ته واهه واهه، جيڪڏهن ڪو نٿو مڃي ته سفارش لڳائي به واهه واهه ڪرائبي، ڇاڪاڻ ته سهپ پاڻ جي نس نس ۾ ويٺل آهي. جيئن هڪڙي انٽرويو ۾پڇيوسين، ’’توهان ٻڌايو ته ننهن ۽ سس جي جهيڙي ۾، ڏوهه سس جو هوندو آهي يا ننهن جو؟‘‘ ته چيائين، ”مونکان اهي سوال ڇو پيا پڇو؟“ چيوسين، ”ڇو ته توهان گهرو معاملن جا وزير آهيو!“

    جنهن کي جيئن کپي تيئن وڃي ڦوڪون هڻي ... پر ائين ٻٽاڪن تي ڌاڙو ڪو نه هڻبو، ڪنهن جي وات جي لوڊ شيڊنگ توهان نٿا ڪري سگھو ۽ نه ئي ڪنهن جي قلم جو نلڪو بند ٿا ڪري سگھو ...گهڻو تنگ ڪيو ويندو ته اسان اهو قلم ڇڏي وڃي بال پين سان لکنداسين.

    ڪاوش اخبار ۾ پاڻ تڏهن کان وٺي لکي رهيا آهيون، جڏهن اخبار جي قيمت پنج رپيا هئي....۽ جيڪي پئسا ڪالم لکڻ جا ملندا هئا، انهن مان ڏهه ڪلو مرغي اچي ويندي هئي. هينئر قيمت اشتهارن سميت ٻارنهن رپيا آهي ۽ جيڪي ڪالم لکڻ جا پئسا هينئر ملندا آهن، اهي مرغيءَ واري کي ڏناسين ته هن صرف ٻه ڪلو مرغي ڏني.....اعتراض ڪندي چيوسين، ميان اڳي ته ڪالم وارن پئسن تي ڏهه ڪلو ڏيندو هئين؟ چيائين، ها...تڏهن اسانجون مرغيون ڪاوش ڪونه پڙهنديون هيون! پڇيوسين، ”پوءِ ڀلا اهو ساڳيو وقت ڪڏهن ايندو، جو ڪالم جي پئسن مان پورا ڏهه ڪلو مرغي وٺي سگهنداسين؟‘‘ ڪلهي تي هٿ رکي چيائين، ”ڀلي توهان هجو راضي، پر ڪونه کٽندا بازي!‘‘[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش ۾ لکيل مزاحيه ڪالم
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڻ وارا اسٽائيل

    يار همراه لکيو ته صفا اصلي سچ آهي

    مذاق مذاق ۾ ڳالهه پتي جي ڪئي اٿائين


    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڻ وارا اسٽائيل

    مونکي خبر نه هئي ته ابڙا به ڪي مذاقي يا چرچائي هوندا آهن، پر همراه امتياز ابڙي لڪ لڪ ۾ تنقيدي مزاح سٺي ڪئي اهي ۔۔۔ جيئن سندس هي ٽڪرو

    اڄڪلهه جون حالتون ته اهڙيون ئي آهن، جهڙي مٿي بيان ٿيل آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻ وارا اسٽائيل

    هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل ڳالهه دل سان لڳي تڏهن ته اوهان سان به ونڊ ڪيو ،،،،،

    خير اهو ته اسان جي معاشري حصو بڻجندو پيو وڃي۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پاڻ وارا اسٽائيل

    :rofl: واھ سائين بھترين مذاق مذاق ۾ سچ چئي ڏيڻ شايد ھن کي چئبو آھي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻ وارا اسٽائيل

    سائين نثار ابڙو صاحب سلام

    سائين ابڙا به گهٽ ناهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد اوهان کان نصرت ابڙو وسري ويو آهي ، جيڪو به سٺو ڪالم نگار ۽ مزاح لکندو هو۔ مرحوم اسان سان سچل ڳوٺ ۾ گهنيون ڪچهريون ڪيون۔

    امتياز ابڙو ڪاوش ۾ مسلسل مزاح لکندو آهي ۽ سندس ڪيل حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون سچ ته بهترين هونديون آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو