”شهدادڪوٽ يا صوماليا“ غريب ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا هڏائين ڍانچي ۾ تبديل

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شهدادڪوٽ ويجهو آفريڪا جي شهر صوماليا جهڙي ٻارن جي شڪل جيان هڪ ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن. سندن گهر ڀاتي ٻارن جي حياتين جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن پر سسي ۾ ساهه هئڻ ڪري موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ پسند بروهي ۾ آفريڪا جي شهر صوماليا جهڙي ٻارن جي شڪل جهڙا 2 ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن. 5 کان 7 سالن جي عمر جا 2 ٻارڙا خوراڪ جي گهٽتائي جي ڪري ايترا ته ڪمزور ٿي ويا آهن، جو جسم ختم ٿي هڏائون پڃرو بڻجي ويو آهي. ۽ گهر ڀاتي ٻارن جي حياتين جا ڏينهن ڳڻي رهيا آهن، پر سسي ۾ ساهه هئڻ ڪري اکين اڳيان رکيون ويٺا آهن. ان سلسلي ۾ والدين جو چوڻ آهي ته ٻارڙا پيدائشي طور ٺيڪ ٺاڪ هئا پر 2007 ۽ 2010ع واري آيل ٻُڏن کان پوءِ کاڌ خوراڪ صحيح نموني نه ملڻ ڪري ٻارڙا ڪمزور ٿي ويا ۽ سندن شڪلون تبديل ٿي ويون ۽ اڄ اهي خوراڪ جي گهٽتائي ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي سبب موت جي بستري تي پيل آهن. هوڏانهن هڪ مقامي تنظيم انسان دوست جي چيئرمين گهنور بروهي موجب ته ٻارن بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، آءِ آر سي ۽ اي ڊي او هيلٿ قمبر شهدادڪوٽ کي نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪا به امداد ڪو نه ڪئي وئي آهي. رڳو خالي دلاسا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته معصوم ٻارڙن جي حالت ايتري ته رحم جوڳي آهي جو درد رکندڙ ماڻهو کين ڏسي نه سگهندا. هن چيو ته اين جي اوز ادارن وٽ ڪروڙين رپين جا فنڊز پيل آهن، جيڪي اجايو ڪمن تي خرچ ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري انهن اين جي اوز کي گهرجي ته اجايو ڪمن تي پئسا خرچ ڪرڻ بجاءِ انساني صحت تي خرچ ڪيا وڃن ۽ شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ پسند بروهي ۾ صوماليا شهر جي ٻارن جي شڪل جهڙن ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ سياسي ڌرين سميت حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    [​IMG]

    وڌيڪ تفصيل ڪلڪ
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ”شهدادڪوٽ يا صوماليا“ غريب ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا هڏائين ڍانچي ۾ تبديل

    تمام افسوس جي ڳالهه آهي ته هن دور ۾ پاڪستان ۾ اهڙا ڪيس به سامهون اچي رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ صحت کاتو جيسين انهن تائين پهچي سنڌ سلامت شهدادڪوٽ ۽ ڀر پاسي جي پيارن رڪن سنڌي دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته وس آهر انهن وٽ پهچي جيڪو سندن کان ٿي سگهي هن ڪٽنب سان همدردي ۽ تعاون ڪن، دوستن جي مهرباني۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”شهدادڪوٽ يا صوماليا“ غريب ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا هڏائين ڍانچي ۾ تبديل

    اڙي يار عاشق خبر ناهي اسان ڪٿي پيا رهون ۔۔۔۔۔۔

    ڀر ۾ ڪو بک تي پاهه پيو ٿي ۽ اسان ويٺا دعوتون کائون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار سچ ته دل روئڻ تي ڪندي آهي۔ ڪاش ڪو اهو سوچي ته هيء زندگي چئن ڏينهن جي آهي ۔۔۔ماڻهن جي مدد ڪيو ۽ خوشيون ورهايو، اهائي زندگي آهي۔ جي هن دور ۾ به ڪو بار بک وگهي مري ته ان جي والدين تي به حيف آهي ته هن معاشري جي فردن تي به ۔۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ”شهدادڪوٽ يا صوماليا“ غريب ڪٽنب جا 2 معصوم ٻارڙا هڏائين ڍانچي ۾ تبديل

    سائين بيشڪ۔۔۔۔اسان جي گندي ڀريل ھوندي ته به اسان فقير در تان خالي موٽائي ڇڏيندا آھيون۔۔۔۔۔اسان جي معاشري ۾ انسانيت جي تمام گھڻي کوٽِ آھي۔
    ھر ھڪ پنهنجو پيٽ پالڻ ۾ پورو آ۔۔۔سائي کي ڪو سھي ڪون بکئي ڪو ڏي ڪون۔
    غريب ھتي پيڙھجي ٿو۔۔۔وس وارن جا ھتي روز نوان مزا ٿا ڏسڻ ۾ اچن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو