عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
سُونهن راڻي ڏسو، سُونهن راڻي ڏسو
ڪا پَري سانوري، ڪا سياڻي ڏسو
هوءَ جا تهذيب جا گل وکيري پئي
سا اجرڪ اوڍيل سنڌياڻي ڏسو
هن جي سندرتا اڏيا من ۾ پکا
بي خبر بانوري، گهر ڌياڻي ڏسو
هن جو مُرڪي ڏسڻ، منهن موڙي ڇڏڻ
جا نه سمجهي سگهيُس، سا ڪهاڻي ڏسو
وقت ايندو اسان جو به نرمل ”نعيم“
سور ويندا، انهن جي پڄاڻي ڏسو......
ڪا پَري سانوري، ڪا سياڻي ڏسو
هوءَ جا تهذيب جا گل وکيري پئي
سا اجرڪ اوڍيل سنڌياڻي ڏسو
هن جي سندرتا اڏيا من ۾ پکا
بي خبر بانوري، گهر ڌياڻي ڏسو
هن جو مُرڪي ڏسڻ، منهن موڙي ڇڏڻ
جا نه سمجهي سگهيُس، سا ڪهاڻي ڏسو
وقت ايندو اسان جو به نرمل ”نعيم“
سور ويندا، انهن جي پڄاڻي ڏسو......
