ھن جي گھر جي در مان جڏھن جھاتيون جاڳن ٿيون، پو زماني جون ڇو قاتل قاتيون جاڳن ٿيون، ھي کولي آلا وار چري تون مونکي ڀاڪر منجھ نه ڀر، او سائنڻ چنڊ سُتو ناھي ۽ راتيون جاڳن ٿيون، بس ديد سان مونکي بوسا ڏي ۽ ڳالھيون ڪر تون نيڻن سان، ڪا ڪوئل ڪاري ۽ ڪي ان جو لاتيون جاڳن ٿيون، مس مھلت آھي من ملي اومند چري تون نينڊ نه ڪر، سَوَ ٿڌڙا ٿڌڙا ساھ ڀري ڪي ڇاتيون جاڳن ٿيون، تون سانت صبر جي سُرڪي مان ڪجھ ماڻ مزو خاموشي جو، ائين جوڀن ڇوري جونِ نه ڪر پرڀاتيون جاڳن ٿيون۔