ھن جي گھر جي در مان جڏھن جھاتيون جاڳن ٿيون،

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ھن جي گھر جي در مان جڏھن جھاتيون جاڳن ٿيون،
پو زماني جون ڇو قاتل قاتيون جاڳن ٿيون،

ھي کولي آلا وار چري تون مونکي ڀاڪر منجھ نه ڀر،
او سائنڻ چنڊ سُتو ناھي ۽ راتيون جاڳن ٿيون،

بس ديد سان مونکي بوسا ڏي ۽ ڳالھيون ڪر تون نيڻن سان،
ڪا ڪوئل ڪاري ۽ ڪي ان جو لاتيون جاڳن ٿيون،

مس مھلت آھي من ملي اومند چري تون نينڊ نه ڪر،
سَوَ ٿڌڙا ٿڌڙا ساھ ڀري ڪي ڇاتيون جاڳن ٿيون،

تون سانت صبر جي سُرڪي مان ڪجھ ماڻ مزو خاموشي جو،
ائين جوڀن ڇوري جونِ نه ڪر پرڀاتيون جاڳن ٿيون۔

184071_228486900527444_169411959768272_651098_4944160_n.jpg
 
Back
Top