دوستو سلام
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جي شاعري مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي۔ هي غزل فيسبوڪ تي محترم آصف علي جهتيال شيئر ڪيو هو۔
ڇا ته پُر اثَر آهي هوا ڄامشوري جي،
مُنوَر ۽ معطر آهي فِضا ڄامشوري جي،
عشق ۽ حُسَن جو سنگم وڏو آ،
ڏاڍا ماڻھو ٿي موهي ادا ڄامشوري جي،
شام شَفَقَ ڌاري ڇا ته خوشبوءِ آ،
ھر ھنڌ آ عام سَخا ڄامشوري جي،
هِتي سونهن ٿي تَجَلا ڏِئي چنڊ جيان،
چئو طرف ٿي گونجي صَدا ڄامشوري جي،
هتي علم جا اَڪابَرَ ۽ مسِيحا رهن ٿا،
بيمارن لاءِ آ مشھور شَفا ڄامشوري جي،
هي شهر ته پرين جو ديس ٿو سڏجي،
“قربان” ڪري ته ڇا ثَنا ڄامشوري جي.
ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جي شاعري مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي۔ هي غزل فيسبوڪ تي محترم آصف علي جهتيال شيئر ڪيو هو۔
ڇا ته پُر اثَر آهي هوا ڄامشوري جي،
مُنوَر ۽ معطر آهي فِضا ڄامشوري جي،
عشق ۽ حُسَن جو سنگم وڏو آ،
ڏاڍا ماڻھو ٿي موهي ادا ڄامشوري جي،
شام شَفَقَ ڌاري ڇا ته خوشبوءِ آ،
ھر ھنڌ آ عام سَخا ڄامشوري جي،
هِتي سونهن ٿي تَجَلا ڏِئي چنڊ جيان،
چئو طرف ٿي گونجي صَدا ڄامشوري جي،
هتي علم جا اَڪابَرَ ۽ مسِيحا رهن ٿا،
بيمارن لاءِ آ مشھور شَفا ڄامشوري جي،
هي شهر ته پرين جو ديس ٿو سڏجي،
“قربان” ڪري ته ڇا ثَنا ڄامشوري جي.
