اسان کي ھيء ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي ته اسان سنڌي ملڪ جي جملي دائمي رھاڪن کي (پوءِ کڻي اُھي بلوچ، پنجابي، مھاجر، ھندو يا سکه هجن) ھڪ سنڌي قوم جا جزا ڪري سمجھون ٿا. آخر ۾ سڀني رھاڪن جو لباس، کاڌو، گھرن جي جوڙجڪ رھڻ جا طور طريقا، زبان ۽ رسم ورواج ساڳيا بنائڻ گھرون ٿا. جي ايم سيد ڪتاب سنڌوءَ جي ساڃاھ فصل ٽيون (ص 91)
جواب: جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ ۾ رھندڙ قومون سائين محترم جي ايم سيد کان جڏهن ڪنهن سوال پڇيو ته سنڌي ڪير آهي؟، ڇاڪاڻ سنڌ ۾ ته ٻين قومن جي گهڻ آهي ۔۔۔ ته پاڻ جواب ڏنو هئائون ته ؛ ” جيڪو پاڻ کي سنڌي ثابت ڪري“ ماڻهن وضاحت پڇي ته چيائين ته جيڪڏهن ڪو ٻاهران آيل ماڻهون گهڻي عرصو سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ سنڌي ٿي ويو آهي ۽ هن پنهنجي دل سنڌ سان لڳائي، سنڌي ڳالهائي ٿو، سنڌ جي ثقافت اپنائي ٿو ۽ سنڌ جي مفادن ۾ پاڻ پتوڙي ٿو ته هو سنڌي آهي پر جيڪڏهن ڪو قديم سنڌي سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪري ٿو ۽ سنڌ سان غداري ڪري ٿو ته هن کي سنڌ جو غدار ليکبو ۽ قومون غدارن سان ڪهڙو سلوق ڪنديون آهن؟ ۔۔۔ مطلب اسان سنڌين کي پنهنجين قديم سنڌين ۽ نون سنڌين (ٻاهران اچي آباد ٿيلن)کي ان ڪسوٽيءَ تي پرکڻو آهي ته سنڌ جي مفادن ۾ ڪير ڪم ڪري ٿو؟ ڪيترائي اسانجا سنڌي، آهن ته قديم سنڌ جا رهواسي پر سنڌ جي مفادن جي خلاف آهن، ته انهن کي سنڌ جو دشمن سمجهبو؟ جيئن ڪجهه وفاقي پارٽيون ۽ مذهبي ڌڙا ۔۔۔۔ اچو ته اسين سڀ سنڌ جي مفادن کي سمجهون ۽ انجي مخلافت ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين يا سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي اها ڳالهه سمجهائي ڇڏيون ۔۔۔ سنڌ جي خودمختياريءَ جي ڳالهه کي زوردار بڻائي، ان جي پٺڀرائي ۾ اهڙي هڪ سگهاري تنظيم تيار ڪريون جيئن تاريخ ۾ اڳ ٿيندو آيو آهي ۔۔۔ سگهاري، ڏاهپ سان ڀريل ۽ قومي جذبي سان سرشار تنظيم ئي سنڌ جي خوشحاليءَ جي ضامن ٿي سگهي ٿي ۔۔۔ رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين ..................................... ڪالهه ايم ڪيو ايم جي سربراهه هي بيان ڏنو آهي؛ مهاجر نه اچن ها ته سنڌ جي وارثي جا دعويدار واڻين جون جتيون صاف ڪن ها: الطاف حسين آهي ڪو سنڌي جو کين ٻڌائي ته “ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ نه ته سنڌ ۾ ڪو هندو مسلمان جو جهيڙو هو نه خونريزي هئي، مسلمانن جي ڪنهن مسجد يا ڪنهن عبادتگاهه کي نه ته ڪو نقصان رسڻ جو انديشو هو ۽ نه وري اسين سنڌي مسلمان ڪي ٻين مذهبن تي خوني حملا ڪرڻ وارا آهيون ۔۔۔ سنڌ ته امن جو گهر هئي ۔۔۔ کين ڪو ٻڌائي ته اسين سنڌ جا اصل وارث ۽ نماڻا انسان ڪڍي ڦٽا ڪيا اوهان جهڙا گونهن، پان کائو، دهشتگرد ۽ بي ايمان ماڻهون وٺي اچي سنڌ ۾ رهياسون، سندن ملڪيتون ڏنيوسون ۽ کين آدرڀاءُ ڪري مان ڏنوسون ۔۔۔ هاڻ هندستان کان آيل اهو پيا چون ته هنن اسانکي آزاد ڪرايو ۔۔۔؟ آهي نه سنڌين جي ٻڏي مرڻ جي ڳالهه ۔۔۔؟؟؟؟؟ آهي ڪو کين منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ وارو ۔۔۔۔؟؟؟؟
جواب: جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ ۾ رھندڙ قومون گهڻو بحث طلب معاملو آهي ۔۔۔۔ ڇو ته سنڌ ۾ آباد بلوچ ڪنهن به قيمت تي سنڌي ٿيڻ لاء تيار ناهن۔ ان جو نتيجو حاليه گهرشماري ۾ نظر آيو جڏهن ڪراچي ۾ موجود بلوچن ڪنهن به قيمت تي سنڌي ٿيڻ نه لکرايو هو ۽ هنن پاران الائي ڪهڙا الزام پڻ لڳايا ويا هئا۔ هاڻي سوال اهو آهي ته سائين جي ايم سيد جو نظريو ته اکين تي ۽ هن سچ لکيو آهي ۔۔۔۔ پر سنڌي ڪنهن کي ٿو سڏجي ؟؟؟ پهريان ان جي وصف بيان ٿيڻ کپي۔ ڇو ته سنڌ ۾ موجود مهاجر ۽ پٺاڻ به هاڻي پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ لڳا آهن۔
جواب: جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ ۾ رھندڙ قومون محترم سائين سليمان وساڻ صاحب۔۔مٿي ڏنل سائين نثار ابڙو جو جواب۔۔۔ئي ڪافي آھي۔ ھڪ ڳالھ مان چوندس ته مھاجر اسان جا خير خواھ ڪڏھن به نه ٿيندا۔۔۔۔۽ ٻئي وڏي ڳالھ ته بلوچ سنڌ ۾ صدين کان رھن ٿا۔۔۔جڏھن اسان سنڌين ثقاتي ڏڻ ملھايو ته ان جي ڪجھ ئي ڏينھن بعد ڪراچي جي بلوچن به پنهنجو ثقافتي ڏينھن ملھايو۔۔۔۔ھتي ڳالھ واضع آھي ته ھي به سنڌي قوم جا جُزا نه ٿا ٿيڻ چاھين۔