جدائي جا ڏينهڙا وڌندا وڃن ٿا۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
“ غزل “

جدائي جا ڏينهڙا وڌندا وڃن ٿا
الفت جا مينهڙا مجهندا وڃن ٿا

گهڙي ياد ۾ هر گذرندي رهي ٿي
سفر ۾ ئي سانگيڙا هلندا وڃن ٿا

ڪري قرب قاصد پهچائي پرين ڏي
پرهه کان ئي پانڌيئڙا رُلندا وڃن ٿا

لڳي واءُ وڇوڙي جي جيئن پو “وفا“ کي
شيراز چئي هي جيئڙا جلندا وڃن ٿا۔


شيراز “وفا“ نظاماڻي
 
جواب: جدائي جا ڏينهڙا وڌندا وڃن ٿا۔

جدائي جا ڏينهڙا وڌندا وڃن ٿا
الفت جا مينهڙا مجهندا وڃن ٿا


سٺي شيئرنگ آهي ادا۔ شيراز “وفا“ نظاماڻي جي بهترين شاعري
 
Back
Top