• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي، (جي ايم سيد)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي،
۽ نه ئي اسان ان کي ختم ڪرڻ گھرون ٿا.
جھڙيءَ طرح اڃا تائين ڪيترن سنڌي گھرن ۾بلوچي، سرائڪي، مارواڙي ۽ گجراتي وغيره ڳالھائڻ ۾ اچن ٿيون، ۽ ٻاھر سنڌي ڳالھائين ٿا، اھڙيءَ طرح ھن کي به آھستي ڪري سنڌي سکڻي پوندي ۽ گھرو استعمال لاءِ اردوءَ کي صدين تائين قائم رکي سگھن ٿا.

284378_212305975487677_100001248279284_611502_8105715_n.jpg
 
جواب: اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي، (جي ايم سيد)

يار عاشق سائين جي ايم سيد جون ڳالهيون اکين تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پر يار اردو ادب به گهڻو امير ٿي ويو آهي۔ هنن جا ادارا ، يونيورسٽيون ، اردو بورڊ، اردو ڊڪشنريون، اردو چينل، اردو اخبارون ۽ رسالا ۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته هاڻي اردو هنن جي گهر جي نه پر وڏي ٻولي ليکي پئي وڃي۔ ان جو سبب هنن جي تعليم ۽ هنن جو عمل آهي۔ اردو جي شاعري، ڊرامه ، فلمون وغيرهه ۔۔۔۔اهڙي صورت ۾ اردو وڌيڪ ترقي ڪري رهي آهي۔

سنڌي کي به ختم نه ٿو ڪري سگهجي ان جو سبب سنڌي ميڊيا، اخبارون، ڪتاب ، شاعري ۽ اڻ کُٽ ادب آهي۔
 
سائين واقعي اوھان جي ڳالھ به سھي آھي۔۔۔پر سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ۔۔۔ائين نه هجڻ گھرجي۔
سائين جي ايم سيد جو مقصد اھو ھو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ڳالھائي ونڃي۔۔۔۔پر افسوس ائين نه ٿي سگهندو شايد۔
 
جواب: اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي، (جي ايم سيد)

الله اسانجي ٻوليء کي هميشه قائم ء دائم رکي۔۔۔ ۔۔۔۔ اردو ٻوليء تي ڪم ڪرڻ وار گهڻا آهن انهن کي انهن جي حڪومت سپورٽ به ڪري ٿي۔۔۔۔۔۔۔ ء اسان وارا سنڌي حڪمران ان ڳالهه کي مائينر ڪري وٺندا آهن اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ٻوليء جي اوسر ان مقابلي ۾ نٿي ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اليڪٽرانڪ ميڍيا جو به ان م وڏو ڪردار آهي۔۔۔۔۔۔۔

الله انهن کي سمجهه ڏئي ته ان طرف سوچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي، (جي ايم سيد)

اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ته وئي آهي جو اڄ اسانجا سنڌي ڀائر به اردو ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪري رهيا آهن۔
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ اسانجا سنڌي ڀائر اردو ٻولي ڳلهائڻ پسند ٿا ڪن ۽ سندن ٻار به گهر ۾ توڙي گهر کان ٻاهر به اردو ڳلهائن ٿا۔
اڃان به اسان چئون ٿا ته اردو زبان اسانجي ھزارين ورھين جي شاھوڪار زبان کي کائي ڪانه ويندي۔
 
Back
Top