ڇا هيءَ حڪومت ايندڙ حالات کي منهن ڏئي سگهندي؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    ڇا هيءَ حڪومت ايندڙ حالات کي منهن ڏئي سگهندي؟؟

    پ پ جي حڪومت جي ساڍن ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته پاڪستان جو سپريم ڪمانڊنٽ يعني صدر آصف علي زرداري ڪجهه پريشان ٿيو هجي. سياسي مخالفن جي تنقيد هجي يا سپريم ڪورٽ جا حڪم هجن هر پاسي کان حڪومت جو دائرو سوڙهو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي…! حڪومت پنهنجي گذريل عرصي دوران ڪيترين ئي لاهين ، چاڙهين کي منهن ڏيندي رهي آهي پر سپريم سندس زور مسلسل برقرار رکي ويٺي آهي. پنجاب واري پارٽيءَ جو سربراه ميان نواز شريف به مختلف وقتن ۾ حڪومت تي دٻاءُ مسلط ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رهي رهيو آهي. ۽ سندس تقريرن ۾ حڪومت تي تنقيد جو مينهن وسائيندو آهي. پر ان جي لاءِ حڪمران پارٽيءَ ۾ موجود ٻه چار شخصيتون آهن جيڪي ميان وڏي جي تقرير جو جواب ڏئي سگهن ٿا، جن ۾ فيصل عابدي، بابر اعوان ۽ سنڌ مان شرجيل ميمڻ پڻ شامل آهن. اهي حڪمران پارٽيءَ جا اهڙا هٿيار آهن جيڪي شريف ڀائرن يا انهن جي پارٽيءَ جي حڪومت خلاف تنقيد تي پاڻمرادو هلي پون ٿا ۽ پنجاب واري پارٽيءَ کي هيڊلائن جو جواب هيڊلائن ۾ ڏين ٿا. هن دفعي حالات هيڊ لائنن تائين محدود نظر نه اچي رهيا آهن. هن وقت ميان وڏي جي دماغ ۾ لانگ مارچ جو خيال ايترو شديد طرح سان ڀڙڪي چڪو آهي جو هو ۽ سندس پارٽي موقعي ۽ مناسب وقت جي انتظار ۾ ويٺل آهن. ۽ هن ڀيري سندن حڪومت مخالف پالسي حڪومت جي اصلاح ڪرڻ جي لاءِ نه پر حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ سرگرم آهي. شايد حالات بلڪل ايئن نه هجن،، ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ ن ليگ جي پارٽي اليڪشن جي ڪنوينشن ۾خادم اعلي پنجاب جي تقرير ڏسندي سندس انداز گفتگو ڏسي هڪ دم ته ايئن لڳو جيئن ميان شهباز شريف ملڪ جي لاءِ فڪرمنديءَ جي جذبي ۾ سرشار ٿي ڪري تقرير ڪري رهيو آهي. پر جڏهن ٽي وي جو آواز وڌايو ته مجبورا ٽهڪ نڪري ويو. ڇو ته ميان ننڍو روايتي طور تي صدر تي تنقيد ڪري رهيو هيو ۽ ڪنوينشن هال ۾ “گو زرداري گو” جا نعرا لڳرائي رهيو هيو. هاڻي ان ۾ ٽهڪ هڻڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟؟ هي سوال منهنجي ڀرسان ويٺل دوست پڇيو!! مون ان جو جواب ان طرح ڏنو ته ايترا سال سياست ڪرڻ کانپوءِ به ميان ڀائرن کي فوجي ڊڪٽيٽر ۽ سياسي صدر ۾ فرق محسوس ڪرڻ نه ٿو اچي!! شايد ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي. ملڪ جي ٻئين وڏي سياسي پارٽي هئڻ ناتي انهن کي هر ڳالهه جي خبر هوندي.!! جيڪڏهن شريف ڀائر فرق محسوس ڪري سگهن ٿا ته هاڻي ڳالهه پڌري پٽ تي اچي ويئي ته ن ليگ جي حڪومت مٿان تنقيد جو مرڪز طرز حڪمراني نه پر عرصهءِ حڪمراني آهي… ڇو ته نئين سال سان گڏ ايندڙ سينيٽ چونڊن ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي منظوري ڏيندڙ ايوان يعني سينيٽ ۾ موجوده حڪمران پارٽيءَ جي برتري جا چٽا امڪان موجود آهن. ۽ نواز شريف ڪڏهن به ايئن نه چاهيندو ته هو سندس حڪومت هوندي به هو سينيٽ مان ڪو بل منظور نه ڪرائي سگهي !! اها ئي وجهه آهي جو ميان وڏي سندس پارٽيءَ کي ڦڙتي وٺرائي آهي ۽ حڪومت کي ڪيرائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. ٽي وي ٽاڪ شو هجن يا پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جا سوال، ڪنهن به جاءِ تي پنجاب واري پارٽيءَ جو ڪوبه نمائندو حڪومت جي اصلاح جي ڳالهه ڪندي نظر نه ٿو اچي هر ڪوئي ان ڳالهه جو تاثر ڏئي رهيو آهي ته موجوده حڪومت کي حڪمرانيءَ جو ڪوئي حق حاصل نه آهي ۽ هاڻي حڪومت کي فارغ ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آهي. ۽ ها ميڊيا جا ڪجهه دوست به سندن ٻانهن ٻيلي بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. ميڊيا تان ياد آيو ته هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ڪاٿي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو وي ته ڪٿي ڌرڻا لڳايا ويا. ڪنهن به اردو چئنل انهن مظاهرن کي ڪوريج نه ڏني!! ڇا هي عوام جو آواز نه آهي؟؟؟ شايد اردو ميڊيا جي لاءِ نه هجي!! اهو ان ڪري ڇو ته انهن عوام جو آواز صرف حڪومت جي خلاف، پوليس جا خلاف ۽ وڏيرن جي خلاف مظاهرن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. باقي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ سندن انا جو مسئلو لڳندو آهي..اهڙن مظاهرن ئي ٽي وي چنلز ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيکاريندا آهي پر ڪنهن چئنل جي خلاف مظاهو ٿئي ته ان جي لاءِ جواب ملي ٿو ته خبر هلائڻ اسان جي پاليسيءَ ۾ نه آهي!! خير آزاد ميڊيا آهي احتجاج ۾ شدت اچي ته آزاديءِ صحافت تي حملي جو روايتي راڳ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. خير ملڪي سياست ڏانهن واپس هلجي ته ميان ننڍي پاران ڪيل هڪ ڳالهه شايد رهجي ويئي، اها هيءَ ته ميان ننڍي سندس تقرير ۾ چيو ته مان وڏ وزارت قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. هيءَ ڳالهه ڪنهن حد تائين پريشان ڪندڙ آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي سوچي رهيا آهن ته حڪومت وٽ ان جي لاءِ ڪو رستو ڪونهي ۽ شايد پاڻ حڪومت لاءِ به جيڪڏهن هن وٽ نواز ليگ جي گڏيل استعفائن کان پوءِ پيدا ٿيڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پاليسي يا پلاننگ موجود نه آهي. پر حڪومت جي گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ سپريم ڪمانڊنٽ جيڪو مفاهمتي مٺاڻ سان هر سياسي پارٽيءَ کي همدرد بڻائڻ واري صلاحيتن کي ڏسي ڪري حڪومت ۾ موجود تمام اسٽيڪ هولڊر پر اعتماد نظر اچي رهيا آهن. پر حالات ايترا به بهتر نه آهن ۽ هاڻي پنجاب واري پارٽيءَ مان حڪومت کي شايد هاڻي ڪا ٿڌائيءَ جي اميد نه رکڻ گهرجي ڇو ته هو هن وقت لانگ مارچ جي لاءِ روڊ ميپنگ ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. ان لاءِ هو مختلف ڳالهين کي بنياد بڻائي رهيا آهن . جن ۾ عدالتن جي فيصلن تي عملدرآمد نه ڪرڻ ۽ عدالت سان تصادم ، مهانگائي، ڪرپشن ۽ لوڊ شيڊنگ جهڙا مسئلا شامل آهن. جيسيتائين ڪرپشن جي ڳالهه آهي ته هڪ پهاڪو ياد اچي ٿو جنهن تي پنجاب واري پارٽي مڪمل عمل ڪري رهي آهي پهاڪو هي آهي ته “هل ڙي پڇ ڪاري” مطلب ته ميان وڏي جي خلاف اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس عدالتن ۾ پيل آهن. جي انهن جو ذڪر ڪجي ته جواب ملي ٿو ته عدالتن ۾ وڃو !! هاڻي معاملو عدالت ۾ پهتو ته عدالت ن ليگ جي هڪ ايم اين اي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ حڪومت عمل ڪندي گرفتار ڪيو ۽ اڃا ٿاڻي پهچايو ئي هيو ته آئين ۽ قانون جي پاسداريءَ جي دعويدار پارٽيءَ جي ڪارڪنن سندس رٿيل پلان تحت ٿاڻي حملو ڪيو ۽ ايم اين اي کي فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. خير هاڻي جيڏهن حڪومت عدالت جي چوڻ تي 100 فيصد عمل شروع ڪيو ته ن ليگ جي لانگ مارچ ذريعي حڪومت ڪيرائڻ واري خوابن تي پاڻي ڦري سگهي ٿو. جيڪڏهن نه ته لانگ مارچ اڻ ٽر آهي. ڇا ن ليگ جي لانگ مارچ جي نوبت ايندي ياهڪ دفعو ٻيهر خواب بڻجي رهجي ويندي؟؟ اهو وقت ئي ٻڌائيندو

    عمران درويش سومرو


    هلال پاڪستان
    سوڀ
    پاڪ
    گراف ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيو.






    .

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو