• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

1947 ۾ سنڌ ۾ آيل مھاجرن جي حالت۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
فيس بوڪ تي ھڪ دوست ھي تصويرون شيئر ڪيون آھن۔


هيءَ تصوير آڪٽوبر 1947 جي انهن مهاجرن جي آهي جن کي سنڏين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پر اڄ اهي پنهنجي همدردن کي ئي ڏنگي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن کي سندن ماضي ياد نه آهي ته هيءَ تصوير ته ضرور کين پنهنجي اصليت ياد ڏياريندي.

284622_10150255066053693_628498692_7843849_1722733_n.jpg


281819_10150255067203693_628498692_7843858_3261062_n.jpg
 
جواب: 1947 ۾ سنڌ ۾ آيل مھاجرن جي حالت۔

هندستان جو ورهاڱو ۽ ورهاڱي کان پوءِ اوچتو ڪروڙن انسانن جي لڏپلاڻ ۔۔۔ انساني تاريخ جو عام ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ خاص باب آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ پاڪستان جي جدوجهد دوران اهو ڪٿي به لکيو يا چيو نه ويو هو ته ڪروڙين انسان هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيندا پر اهو ڪم ڪيو ويو ۔۔۔ جنهن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجيون جانيون ڏنيون ۔۔۔ هزارين عورتن جي لڄا لٽ ٿي ۽ اربن جو مال متاع ساڙيو ۽ ڦريو ويو ۔۔۔ اهو الميو صرف هندستان کي مذهبي طور ورهائڻ جي سبب پيش آيو ۔۔۔ پر جيڪڏهن قومي آزاديون ڏنيون وڃن ها ته اهڙي ڪابه خونريزي نه ٿئي ها ۽ نه ئي هي اڄ جا مسئلا هجن ها ۔۔۔۔

جيتوڻيڪ سنڌين هند کان آيل هنن ڏتڙيل، لٽيل ۽ تن اگهاڙن مسلمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيو ۽ سنڌي هندن کي سنڌ مان لوڌي ڪڍيو ۽ انهن جون ملڪيتون سنڀالي کين ڏنيون ۔۔۔ پر ان سڄي ساري ڪار خئير جو بدلو سنڌين کي ڪهڙو مليو، سو اسانجي سامهون آهي ۔۔۔ تاريخ هيمشه ثابت ڪندي آهي ته غلط ڪم جو غلط نتيجو نڪرندو آهي ۔۔۔ سو هاڻ ان شروعاتي غلطيءَ جو نتيجو سنڌي قوم جي اکين آڏو آهي ۔۔۔

اڃان ته ڪاٿي ڳالهه آهي ۔۔۔ نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔ اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟
 
جواب: 1947 ۾ سنڌ ۾ آيل مھاجرن جي حالت۔

اڙي يار عاشق ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ وڏو ڏوهاري آهي

ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ڪهڙن حالن ۾ هتي پهتا هئا ۽ ڪنهن هنن جي مدد ڪئي هئي۔ ڇا هنن کان اهي ڏينهن وسري ويا جڏهن پنجاب جي مانهن هنن کي اڳتي ڪڍي روانو ڪيو ته پاڪستان اڳي آهي ؟؟؟

بس پنهنجي ماڻهن جي ڪمزوري ۽ ڇڙوڇڙ هجڻ سبب اسان هنن کي اصل چهرو ڏيکارڻ ۾ به ناڪام ويا آهيون۔ اسان کي هندن جو غلام چوڻ وارن کان ڪير پڇي ته سنڌ ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي؟؟ هنن کان ڪير پڇي ته هنن جي وڏڙن پنهنجو سنت طهر ڪڏهن ڪرايو؟

بس يار ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر واري صورتحال آهي۔
 
Back
Top