• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شل امن جي پوري آس ٿئي۔۔۔۔

جنيد ميمڻ

سينيئر رڪن
شل امن جي پوري آس ٿئي۔۔۔۔
جت محبت جا مينار هجن،
نه ڪنهن جي اکين ۾ نار هجن،
جت ظلم جو ڪارو منهن ٿئي،
۽ نفرت ۾ ڪا دل نه هجي،
جت ڪائي نياڻي ڪاري نه ٿئي،
۽ رات ڪنهن جي انڌياري نه ٿئي،
ڪوئي ٻالڪ راھ نه ويندي کڄي،
ڪائي معصوميت نه نشانو بڻي،
ڪنهن ماء جو هت نه حيانء ڇڄي،
جت ذاتين جون نه جنگيون لڳن،
جت ڪنهن جا نه ڪونڌر پٽ ڪسن،
۽ پنهنجي ڪلاچي نه سڏڪي ڪڏهن،
نه ڪو پيٽ بکايل مزدور مري،
نه ئي هاري اڃيو بکيو سمهي،
آ دل ديس انهي جي ڳولها ۾،
شل سنڌڙي وري خوشحال ٿئي،
شل امن جي پوري آس ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔



جنيد ميمڻ
 
Back
Top